Saturday, October 30, 2021

جينيات Genetics

 جينيات
Genetics

 Part-1 Background

ذيشان علي سولنگي

Saturday, October 2, 2021

انسانن پنهنجو پڇ ڪيئن وڃايو؟

 

How did humans lose their tails?
انسانن پنهنجو پڇ ڪيئن وڃايو؟

 

Carl Zimmer

ڪارل زمر/ذيشان علي سولنگي

(ترجمو ٿيل مضمون)

Thursday, July 29, 2021

سروگيسي Surrogacy | ٻي عورت جي ذريعي پنهنجو ٻار پيدا ڪرائڻ

سروگيسي Surrogacy | ٻي عورت جي ذريعي پنهنجو ٻار پيدا ڪرائڻ.

ذيشان علي سولنگي


تازو ئي ڀارت ۾ رليز ٿيندڙ هڪ فلم ۾ هڪ اهڙي ٽاپڪ تي روشني وڌي آهي جيڪا شايد ئي ڪن کي خبر هجي. هن فلم ۾ ٻار پيدا ڪندڙ هڪ اهڙي رسم کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بي اولاد جوڙو ڪنهن ٻي عورت کان پنهنجو ٻار پيدا ڪرائن ٿا ۽ اهو ٻار بلڪل انهن جي خون مان پيدا ٿئي ٿو. هن عمل کي انگريزيءَ ۾ سوروگيسي يا سروگيسي (Surrogacy)  چيو ٿو وڃي. سروگيسي يورپين ملڪن سان گڏو گڏ ڀارت ۾ به ڪافي وڌندي پئي وڃي جنهن ۾ ڪو بي اولاد جوڙو پنهنجو ٻار، ڪنهن ٻي عورت جي پيٽ ۾ داخل ڪري ان جي ذريعي ڄڻائن ٿا. هن ۾ جيڪا عورت ٻئي جوڙي جو ٻار پنهنجي پيٽ ۾ پاليندي آهي تنهن کي سيروگيٽ چئبو آهي جڏهن ته جيڪو جوڙو ٻار لاءِ سيروگيٽ کي رکندو آهي تنهن کي انٽينڊيڊ والدين Intended Parents چئبو آهي جنهن جي معني آهي ته اهڙو جوڙو جيڪو ڪنهن به وجهه ڪري پاڻ ٻار پيدا نه ڪري سگهي.

سروگيسي ۾ ڪو اهڙو جوڙو جنهن ۾ عورت ميڊيڪلي ڪمزور آهي يا ان ۾ ڪو ٻچيداني جو عضوو قدرتي يا ڪنهن آپريشن جي دوران، جيڪو عمومن ٻچيداني جي ڪينسر جي ڪري ڪٽيو ويندو آهي يا ڪنهن ٻئي مرض ڪري ختم ڪيو ويندو جنهن ڪري اها عورت ماءُ نٿي بڻجي سگهي ته اها عورت ڪنهن ٻي صحت مند عورت کان پنهنجو ٻار ڄڻائيندي آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ سروگيسي پڻ انهن جوڙن ۾ عام آهي جيڪي ساڳي جنس سان سان وابسطه هوندا آهن مثلن ليسبين عورتون يا گي Gay مڙد جن ۾ هو پنهنجو ٻار نٿيون/نٿا پيدا ڪري سگهن ته هو سروگيٽ کي رکندا آهن. هن طريقي سان ان ٻار جو DNA انهن انٽينڊيڊ والدين جو هوندو آهي نڪي ان سروگيٽ جو.

سروگيٽ عورت ۾ ڳڀ Embryo ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ٿو وڃي ان تحت سروگيسي جا ٻه قسم آهن:

روايتي سروگيسي Traditional Surrogacy

سروگيسي جو پهريون قسم  روايتي سروگيسي Traditional Surrogacy آهي. هن ۾ سروگيٽ عورت نه صرف انٽينڊيڊ جوڙي لاءِ ٻار ڄڻيندي آهي پر ان سان گڏوگڏ هو ان جوڙي کي پنهنجو آنو Ovum پڻ ڏيندي آهي.

ڇو جو سروگيٽ عورت روايتي سيروگيسي ۾ پنهنجو آنو پڻ انٽينڊيڊ والدين کي ڏيندي آهي تنهن ڪري اهو ٻار جيڪا اها انهن کي ڄڻي ڏيندي آهي اهو ٽيڪنڪلي ان ماءُ جو بايولاجيڪل اولاد هوندو آهي. بايولاجيڪل مان مراد ته ان ٻار ۾ ان سروگيٽ عورت جو ڊي اين اي DNA پڻ هوندو آهي. ڇو جو سروگيٽ رکڻ کان اڳ ڪجهه شرط شرائط شامل هوندا آهن ته اهو ٻار انٽينڊيڊ والدين کي ملندو آهي.

هن روايتي سروگيسي ۾ اڪثر انٽينڊيڊ جوڙي ۾ عورت جا آنا ڪمزور هوندا آهن يا اها عورت ايترا آنا پيدا نه ڪري سگهندي آهي جو اها ماءُ بڻجي سگهي تنهن ڪري صرف انٽينڊيڊ جوڙي جي مڙد جا نطفا ۽ سروگيٽ عورت مان آنو وٺي ان کي ليبارٽري ۾ ملايو ويندو آهي. جڏهن آني ۽ نطفي جو ميلاپ ٿي ويندو آهي ۽ هڪ ڳڀ ٺهڻ شروع ٿيندو آهي ته پوءِ ان  کي سروگيٽ عورت جي پيٽ ۾ سئيءَ جي ذريعي منتڪل ڪيو ويندو آهي جتي هو بعد ۾ واڌ ويجهه ڪندو آهي.

جيسٽيشنل سروگيسي Gestational Surrogacy

سروگيسي ۾ ٻيو تريقو جيسٽيشنل سروگيسي آهي جنهن ۾ سروگيٽ عورت صرف انٽينڊيڊ والدين جو ٻار پنهنجي پيٽ اندر پاليندي آهي. روايتي تريقي ۾ جتي سروگيٽ پنهنجو آنو به پيٽ سان گڏ ڊونيٽ پئي ڪري اتي جيسٽيشنل ۾ صرف هوءَ پرائي ٻار کي پنهنجي پيٽ اندر پاليندي آهي. جيسٽيشنل سروگيسي ۾ ڊاڪٽر انٽينڊيڊ والدين کان نطفا ۽ آنا وٺي انهن کي ليبارٽري ۾ ملائيندا آهن ۽ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ ڳڀ سروگيٽ عورت ۾ داخل ڪندا آهن.



جيسٽيشنل سروگيسي هڪ خاص ٽيڪنڪ، ان وٽرو فرٽيلائزيشن In Vitro Fertilization جي ذريعي ڪئي ويندي آهي. هن ٽيڪنڪ جي ذريعي ڊاڪٽر آساني سان انٽينڊيڊ مڙد مان نطفا ۽ انٽينڊيڊ عورت مان آنا ڪڍي سگهندا آهن. هن ٽيڪنڪ ۾ صرف انٽينڊيڊ والدين ئي شامل ناهن هوندا پر اگر هو چاهن ته ڪنهن ٻي عورت کان به آنا وٺي سگهن ٿا جيڪا ڊونيٽ ڪرڻ چاهي ته.



جيسٽيشنل سروگيسي پوري طرح سان هٿ راڌو ڪئي ويندي آهي. هن ۾ سڀ کان پهريون ڊاڪٽر هٿراڌو طور گهڻي تعداد ۾ عورتن ۾ آنا پيدا ڪندڙ هارمون انجيڪٽ ڪندا آهن جيڪو عورتن ۾ هڪ کان وڌيڪ هڪ ئي وقت آنا پيدا ڪرائيندو آهي. جيڪي بعد ۾ ڊاڪٽر ڪٺي ڪري وري نطفن سان ملائي سروگيٽ ۾ داخل ڪندا آهن. ان کان پوءِ وري سروگيٽ عورت ۾ ان جا آنا پيدا نه ڪرائڻ واري هارمون کي داخل ڪندا آهن ته جيئن اها پنهنجا آنا پيدا نه ڪري سگهي ۽ اميد سان ٿي وڃي.

هي سڀ عام طور تي قدرتي طور ٿيندو رهندو آهي جنهن دوران نارملي عورتون هر مهيني هڪ آنو پيدا ڪنديون آهن پر ڇو ته هي سڀ هٿراڌو طريقو آهي ته ان کي وڌيڪ ڪامياب ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت ڪيترائي آنا پيدا ڪيا ويندا آهن.

هارمون اسان جي جسم ۾ تمام اندروني ڪيميائي عملن کي ڪنٽرول ڪندا آهن.

جيشٽيشنل سروگيسي روايتي سروگيسي کان وڌيڪ ڪارائتي هوندي آهي. هن ۾ اگر ڪنهن جوڙي ۾ مڙد جا نطفا ڪمزور آهن ۽ آني جي سخط تح کي ڪراس نٿا ڪري سگهن ته ڊاڪٽر ان نطفن کي آسانيءَ سان سئيءَ جي ذريعي ساڳئي ئي مڙد جي زال جي آني ۾ داخل ڪري سگهندا آهن ۽ اها. اگر ڪنهن جوڙي ۾ مڙد کي HIVجهڙو مرض آهي ته ڊاڪٽر ان کي به بنا ٻار ۾ منتقل ٿيڻ جي عورت ۾ صحتمند ٻار کي جنم ڏيندا آهن.

ڪهڙو به جوڙو اگر ڪنهن به وجهه سان ٻار پيدا نٿو ڪري سگهي ته سروگيس هڪ بترين آپشن هوندي آهي. سروگيسي جي ذريعي ڪيترن ئي والدين مان ٻار ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين کي به روڪي سگهجي ٿو. سائنس جي اهڙي پهچ تيزيءَ سان وڌي ويجهي پئي. سروگيسي جي ذريعي والدين کي انهن جي ئي خون مان انهن جو اولاد ڪنهن ٻي عورت جي ذريعي پيدا ڪيو ويندو آهي.

پيسن جي بنياد تي جيسٽيشنل سروگيسي ٽريڊشنل سروگيسي کان وڌيڪ مهانگي هوندي آهي. جن وٽ پيسو هوندو آهي ته اهي اڪثر جيسٽيشنل سروگيسي کي سليڪٽ ڪندا آهن. هڪ ته هن ۾ سروگيٽ عورت جو ٻار سان ڪوئي بايولاجيڪل ڪنيڪشن ناهي هوند جنهن ڪري بعد ۾ ڪوئي مسعلو درپيش ناهي ايندو. ٻيو ته انهن بيمارين کان به ٻار کي بچائي سگهجي ٿو جيڪي والدين کان اولاد ۾ منتقل ٿينديون آهن. 

Sunday, July 25, 2021

جيڪڏهن دماغ ڏانھن ويندڙ آڪسيجن روڪجي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

جيڪڏهن دماغ ڏانھن ويندڙ آڪسيجن روڪجي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

ترجمو: ڊاڪٽر يوسف سومرو

انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو



دماغ ڏانھن ويندڙ آڪسيجن جي گھٽ مقدار نظر جي نظام کي نقصان رسائڻ کانسواءِ ٻيا بہ نقصان ڪري سگھي ٿي.
دماغ اسان جي جسم ۾ سڀ کان وڌيڪ آڪسيجن استعمال ڪندڙ عضوو آهي
جيتوڻيڪ دماغ جو وزن جسم جي وزن جو فقط 2 سيڪڙو آهي
اهو جسم طرفان تيار ٿيندڙ توانائي جي 20 سيڪڙي کي استعمال ڪري ٿو
آڪسيجن کي دماغ تائين پهچائڻ جو ڪم رت جون ڪيتريون ئي شريانيون سرانجام ڏين ٿيون
جڏهن رت جي رسائي متاثر ٿئي ٿي ته دماغ تائين گھٽ آڪسيجن پهچي ٿي
آڪسيجن جي گھٽتائي جي 30 کان 180 سيڪنڊن ۾ اسان بيهوش ٿي سگھون ٿا ۽ هاپوشيا (hypoxia) سڏجندڙ واري حالت ۾ وڃي سگھون ٿا.
هڪ منٽ کانپوءِ اسان جي دماغ جي جيوگھرڙا مرڻ شروع ڪندا آهن
ٽن منٽن کانپوءِ تنتي گھرڙا وڏي تعداد ۾ تباھ ٿيڻ لڳندا آهن
هن مرحلي تي دماغ جو وڏي عرصي تائين رهندڙ نقصان رسي سگھي ٿو
5 منٽن کانپوءِ موت ٿي سگھي ٿو.
دماغ جو هاپوشيا (Brain hypoxia) جي سبب جي ڪري 5 منٽن کان به گھٽ وقت ۾ ATP جو تعداد 90 سيڪڙي کان به گھٽ ٿي ويندا آهن.
ATP اسان جي جيوگھرڙن ۾ توانائي کي پهچائڻ ۽ گڏ ڪرڻ وارو هڪ اهم ماليڪيول آهي.
10 منٽن ۾ جيتوڻيڪ دماغ زندھ هوندو آهي پر ڪوما ۽ وڏي مدت تائين برقرار رهندڙ دماغ جو نقصان مقدر ۾ لکجي ويندو آهي
15 منٽن کانپوءِ زندھ رهڻ جا امڪان لڳ ڀڳ ختم ٿي ويندا آهن
آڪسيجن جي کوٽ جي ڪري دماغ ۾ هڪ جهٽڪو پيدا ٿي سگھي ٿو
گھڻي وقت تائين آڪسيجن جي کوٽ جي نتيجي ۾ دماغ سوجي ويندو آهي
اهو دماغ ۾ پاڻي جي وڌندڙ مقدار جي ڪري ٿيندو آهي
سوجي دماغ تي داٻ لڳائيندي آهي جنهن جي ڪري نيٺ اهو ڦاٽي پوندو آهي
دماغ ڏانهن آڪسيجن جي کوٽ cerebral hemorrhage ٿي ويندي آهي. جنهن ۾ دماغ جي اندر رت وهڻ شروع ڪندو آهي.
هن جي نتيجي ۾ دماغ جو تمام گھڻو نقصان ٿيندو آهي ايتري تائين جو موت ٿي سگھي ٿي
جيڪڏهن دماغ ڏانهن ويندڙ آڪسيجن جي مقدار هڪدم سان گھٽ ٿي وڃي ته جسم جا عام عمل بند ٿي ويندا جنهن جي ڪري دماغ جا فقط حياتياتي عمل جاري رهندا جنهن جي ڪري بيهوشي جي حالت ٿي ويندي آهي
آڪسيجن جي تمام گھڻي کوٽ واري حالت ۾ جسم پنهنجا سمورا عمل بند ڪري ڇڏيندو ۽ بيهوشي واري حالت ۾ اچي ويندو.
اسان جي دماغ کي بهتر طرح سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ آڪسيجن جي هڪ مستقل مقدار جي ضرروت هوندي آهي
دماغ آڪسيجن جي مدد سان گلوڪوز ٺاهيندو آهي جيڪو هن جي توانائي جو هڪ اهم وسيلو آهي.
ترجمو: ڊاڪٽر يوسف سومرو




Wednesday, July 7, 2021

دل جي بيمارين کان بچڻ جا ڏهه آسان طريقا

دل جي بيمارين کان بچڻ جا ڏهه آسان طريقا

ڊيفني ميڪ ڊونلڊ 

وڌيل ڪوليسٽرول، بلڊ پريشر ۽ سگريٽ ڇڪڻ، دل جي بيمارين جو اهم سبب آهن. ان کان الاوهه جهڙوڪ زيابطيس Diabetes، ٿولهه Obesity، جسماني غير فعالي Physical inactivity، گهٽ غذا Poor diet، ۽ گهڻي ماترا ۾ شراب پيئڻ وغيره پڻ دل جي بيمارين جا سبب آهن. پر اهڙا ڪيترا ئي طريقا آهن جن سان اسان دل جي بيمارين کي گهٽائي سگهون ٿا. پيش آهن ڊفني جي دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ ويهن طريقن مان ڏهه چونڊ اهم طريقا.

خراب عادتن کان پاسو ڪيو Quit bad habits

مواقف هارورڊ صحت پبلشنگ جي ته تماڪ پيئڻ پوءِ اهو سگريٽ ۾ هجي، سگار ۾ يا حقي ۾ اهو اوترو ئي دل ۽ رڳن لاءِ نقصان ڪار هوندو آهي جيترو اهو ڦڦڙن لاءِ آهي. جيئن ته سگريٽ نوشي سڀن خراب عادتن مان هڪ آهي، تماڪ اسان جي جيو گهرڙڻ ۽ اوڄن جي ڪم ڪرڻ کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ نتيجي ۾ رڳن Arteries کي نقصان ٿئي ٿو. اگر اوهان سگريٽ پيو ٿا ته سگريٽ ڇڏڻ هڪ بهترين ڪم آهي جيڪو اوهان پنهنجي صحت لاءِ ڪري سگهو ٿا، خاص ڪري پنهنجي رت جي سرشتي لاءِ.

ڪسرت Exercise

مواقف هارورڊ هيلٿ آرٽيڪل ٿورڙي به جسماني ڪسرت ڪجهه نه ڪرڻ کان بهتر آهي. پر ٽيهه منٽ روازنه جي ڪسرت ٻين صحت جي فائدن سان گڏ دل جي بيمارين کان به محفوظ رکي ٿي. جسماني ورزش رت جي نظام کي بهتر بڻائي ٿي ۽ ٻين ڪرانڪ Chronic صحت جي مسئلن کان به محفوظ رکي ٿي جيڪي اوهان کي دل جي بيمارين ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا.

واڌو وزن کي گهٽايو Lose the extra pounds

مواقف مايو ڪلينڪ جي هڪ آرٽيڪل جي ته وڌيل وڌيڪ وزن، خاص ڪري پيٽ تي چڙهيل چرٻيءَ سان دل کي وڌيڪ سخطي اچي ٿي. واڌو وزن بلڊ پريشر، بلڊ شگر، ۽ ڪوليسٽرول کي به وڌائي ٿو ۽ اواهان کي زيابطيس Diabetes ڌڪي ٿو. اهڙن صحت جي مسئلن سان منهن ڏيڻ کاءِ ۽ دل جي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءِ واڌو وزن گهٽ ڪيو ۽ گهٽ ڪيليريز وارو کاڌو کائو.

پوري ننڊ ڪيو Get enough sleep

مايو ڪلينڪ ريڪامنڊ ٿي ڪري ته نوجوان روز رات جو  ست کان نو ڪلاڪ ننڊ ڪن. نه ته ٻي صورت ۾ اوهان ۾ ننڊ جي کوٽ ٿي پوندي. ننڊ جي کوٽ ماڻهوءَ کي زيابيسط، ڊپريشن، ٿولهه، هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي دوري جو شڪار ڪري سگهي ٿي.

اسٽريس ( ذهني دٻاءَ) کي حل ڪيو Manage Stress

اسٽريس اوهان جي دل جي صحت لاءِ نقصان ڪار آهي خاص ڪري جڏهن اوهان ان کي غلط طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جهڙوڪ سگريٽ، يا شراب پيئڻ سان يا گهڻِ کائڻ سان. مايو ڪلينڪ تجويز ڪري ٿي ته جڏهن اوهان اسٽريس محسوس ڪيو ته سٺا طريقا تلاش ڪيو ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جا. مراقبو Meditation، Relaxation exercises، ۽ جسماني ورزش وغيره اوهان جي ذهن کي شانت ڪرن ۾ ۽ اسٽريس ( ذهني دٻاءَ) کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪار آمند آهن.

ٽرانس چرٻي کان پاسو ڪيو Avoid trans fats

ٽرانس فيٽ (چرٻي) دل جي بيمارين کي وڌائن ٿيون ۽ دل جي دوري جو سبب به بڻجن ٿيون. مواقف ڪليوِ لينڊ جي ڊاڪٽر اي مارڪ گلينو جي ڪلنڪ آرٽيڪل جي ته ٽرانس فيٽ رڳن م خراب ڪولسٽرول (LDL) کي وڌائي انهن کي بند ڪري ڇڏي ٿو ۽ سٺي ڪولسٽرول (HDL) کي گهٽائي ڇڏي ٿو. تنهن ڪري ڪا به شئي وٺڻ کان پهريون ان تي لڳل ليبل کي پڙهي ۽ انهن شين کي اوائڊ ڪيو جن ۾ هائڊروجنيٽڊ آئل شامل هجن يا ٻڙيءَ کان مٿي ٽرانس فيٽ موجود هجن.

گهڻي دير نه وهو Don't sit for too long

گهڻي دير وهڻ به سگريٽ جيان هڪ نئون ٽرينڊ ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر گلينوو جي چواڻي مطابق گهڻي دير وهڻ به صحت لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي ڀلي اوهان روزانو جسماني ورزش ڪندا هجو. هن پنهنجي آرٽيڪل ۾ پنهنجي رسرچ تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو گهڻي دير وهندا هئا انهن ۾ 147 سيڪڙو وڌيڪ  رت جي نظام Cardiovascular جا خطرا پيش آيا آهن جن مان 90 سيڪڙو موت مار ثابط ٿيا. تنهن ڪري جسماني مشق سان گڏ ڪم ڪار مان وقفو وٺي ٿورڙيون ڄنگهون پڻ ساهيو.

روزانو پنهنجي  ڏندن کي ڌاڳو هڻو ۽ ڏندڻ ڪيو Floss and brush your teeth

وات جي سٺي صحت برقرار رکڻ سان گڏوگڏ روزانو ڏندن کي ڌاڳو ۽ برش ڪرڻ سان دل جي صحت کي بهتر رهندي.ڊاڪٽر گلينو Dr. Gillinov مطابق جن ماڻهن کي مهارن Gum جي بيماري آهي اهي دل جي بيمارين ۾ وڌيڪ مبتلا ٿي سگهن ٿا ڇو ته جيڪي بيڪٽيريا مهارن جي بيماري جا سبب آهن اهي رت جي ذريعي دل تائين پهچين ٿا ۽ C- reactive پروٽين جي تعداد کي وڌائن ٿا. اهيو پروٽين هڪ مارڪر آهي جيڪو رڳن ۾ سوڄ جو ڪارڻ هوندو آهي. ڇو جو انهي پروٽين جو تعداد وڌي وڃڻ سان سوڄ ۾ اضافو اچي جنهن ڪري اهيا بيڪٽيريا جي ڪري آيل تبديلي دل جي بيمارين ۽ دل جي دوري جو سبب بڻجي ٿي.

سگريٽ جي دونهي کان پاسو ڪيو Avoid second-hand smoke

سگريٽ جي آخري ڇيڙي جا يا سڙيل سگريٽ جي دونهي جا ڪيميڪل رڳن ۾ پلڪ Plaque پيدا ڪن ٿا. اهي ڪيميڪل خاص ڪري سگريٽ نه پيئندڙن لاءِ جن م ڪوليسٽرول يا هاءِ بلڊ پريشر جا مريض آهن انهن لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار آهن.

کلڻ Laugh

کلڻ اوهان جي طبيعت لاءِ بهترين آهي. پر اهيو اوهان جي دل لاءِ به سٺو آهي. هيلٿ لائڻ پنهنجي رسرچ ۾ بيان ڪري ٿي ته کلڻ اسٽريس جي هارمون کي گهٽ ڪري ٿو، رڳن جي سوزش کي گهٽائي ٿو ۽ هاءِ ليول لپو پروٽين (HDL) يا سولي ٻوليءَ ۾ سٺو ڪولسٽرول کي پڻ وڌائي ٿو.

انسان تيستائين خوش آهي جيسين ان جي صحت سٺي آهي. اسان روز مره جي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ اهڙن ڳالهين جو خيال ڪندا آهيون جيڪي بنا ڪنهن فيس وٺڻ جي اسان کي مفت ۾ سٺي صحت جا ڏس ڏينديون آهن. هي آرٽيڪل به مفت جو آهي. اوهان کي بس مٿي ٻڌايل چند ڳالهين تي عمل ڪرڻو آهي ۽ توهان مفت ۾ پنهنجي زندگي ۽ صحت ٻنهي کي بهتر ڪري سگهو ٿا.

Sunday, July 4, 2021

حياتيات جو وجود ۽ حياتيات جي وجود کانپوءِ

حياتيات جو وجود ۽ حياتيات جي وجود کانپوءِ

ساحل ڦلپوٽو

ايڊز (AIDS)

ايڊز (AIDS)

امتياز علي

Thursday, July 1, 2021

آخر مريخ ئي ڇو ؟

 

 آخر مريخ ئي ڇو ؟

ذيشان علي سولنگي

Tuesday, May 18, 2021

نند، موبائل فون ۽ ٿيندڙ بيماريون

ننڊ، موبائل فون ۽ ٿيندڙ بيماريون 

ذيشان علي سولنگي

Friday, May 7, 2021

ڊپريشن | نراشا

ڊپريشن

ذيشان علي سولنگي

هڪڙو موت اوهان جي جسم کي ماريندو آهي ۽ هڪ موت اوهان جي دماغ تي هاوي ٿي اوهان کي گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻائي ڇڏيندو آهي

ڊپريشن موت جو ٻيو نالو چئي سگهجي ٿو جيڪو اوهان کي پوري دنيا کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اوهان جي کلڻ جي خواهش کان ويندي ننڊ ڪرڻ جي عادتن کي به پنهنجي گرفت ۾ وٺندو آهي ۽ هوريان هوريان هڪ مقام تي اوهان جي جيئڻ جو حق به فٻائي وٺندو آهي !


آخر ڊپريشن آهي ڇا؟

ڊپريشن هڪ عام ذهني بيماري آهي جيڪا ڪيترن ئي سببن جي ڪري ٿيندي آهي. سماجي نفسياتي ۽ بائيولاجيڪل فيڪٽرس ملي ڪري ڊپريشن کي جنم ڏيندا آهن.

ڊپريشن، سوليءَ سنڌيءَ ۾ نراشا يا اداسيءَ جو نالو آهي. هن ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي هرطرف کان تنگ ڪندو ويندو آهي.

اسان وٽ ڊپريشن جا مريض اڪثر خودڪشي ڪري وجهندا آهن. ان جو مکيه ڪارڻ ان مرض جي مڪمل جانڪاري نه هئڻ آهي. ائين نه آهي ته هيءَ بيماري انسان کي جلدي اجل جو شڪار ڪري ڇڏي ٿي پر جي سهي وقت تي علم ٿي وڃي ته ان شخص کي بچائي سگهجي ٿو. اگر ڪو انسان گهڻي وقت کان ان مرض ۾ مبتلا آهي ته هو اٿڻ سان خود ڪشي نه ڪندو آهي پر ان بجاءِ هن جي روزانه زندگي متاثر ٿي پوندي آهي. نراشا جو شڪار انسان عام ڪم ڪار ۾ ڏينهون ڏينهن سست ٿيندو ويندو آهي اوستائين جو شروع ڪيل ڪم به ڪڏهن مڪمل ناهي ڪري سگهندو. هن جو مزاج ڪيڏي مهل خوش ته ڪيڏي مهل اداس ٿيندو رهندو آهي.

ورلڊ ھيلٿ اورگنائيزيشن WHO جي هڪ رپورٽ مطابق هرسال لڳ ڀڳ 264 ملين ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا ٿيندا آهن. ان کان سواءِ، دنيا ۾ سمورين بيمارين جي اڌ کان وڌيڪ ٿيڻ ۾ ڊپريشن جو وڏو هٿ آهي. هرسال 800000 ماڻهو ڊپريشن جي ڪري مري ويندا آهن جڏهن ته 15-29 سالن جي نوجوانن ۾ نراشا خودڪشي جو هڪ ٻيو سبب آهي. ڊپريشن جو اثر هلڪو ( Mild) ، پورو پنو (Moderate)، ۽ گنڀير (Sever) ٿي سگهي ٿو پر جي انهي جو علاج نه ڪيو وڃي ته وقت گذرڻ سان اها خطرناڪ صورت وٺي سگهي ٿو.

ڊپريشن يا نراشا جون علامتون:

·        نراش يا اداس رهڻ.

·        ڳالهين تي غور يا ويچار نه ڪري سگهڻ.

·        ڪو فيصلو نه ڪري سگهڻ.

·        سست رهڻ.

·        وزن جو گهٽ ٿي وڃڻ

·        لنڱن ۾ سور.

·        ننڊ جو نه اچڻ يا عام وقت کان وڌيڪ سمهڻ.

·        بک جو نه لڳڻ يا وري گهڻو کائڻ.

·        ۽ آخر ۾ خودڪشيءَ جا خيالات اچڻ وغيره، ڊپريشن جون علامتون آهن.


ٻارن ۾ ڊپريشن جا سبب
:

ائين نه آهي ته ڊپريشن جا شڪار صرف نوجوان ئي ٿي سگهن ٿا، پر ڊپريشن عام ٻارن ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿي. ان جي ڪارڻن جي ڳالهه ڪجي ته انهن جي جسماني صحت، زندگيءَ ۾ ٿيندڙ واقعات جهڙوڪ والدين يا گهر وارن جو دٻاءُ، يا سيڪشيول هراسمينٽ وغيره. يا ڪهڙي قسم جي خاندان يا ماحول ۾ وڌي ويجهي ٿو؛ جيئن چئجي ته گھريلو جھيڙا والدين جو ننڍي وڏي ڳالهه تي وڙھڻ اھو سمورو ٻار ۾ ذهني دٻاءُ جو سبب بڻجي ٿو. اها ڳالهه ٻين ملڪن جي والدين، يا اسان وٽ سٺن خاندانن جي اخلاق ۾ شامل آهي ته هو ٻارن جي سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن جن سان انهن جي ذهن تي اثر پئي

صرف معاشرو يا ماحول ٻارن ۾ ڊپريشن جو ڪارڻ نه آهي پر ڪي ٻار ان کي موروثي طور ورثي ۾ به کڻي ايندا آهن. اگر انهن جي خاندان ۾ ڪو اهڙو فرد جنهن کي جينياتي طور ڊپريشن هجي ته اها ان جي خاندان ۾ به داخل ٿيندي آهي.

نوجوانن ۾ ڊپريشن جا ڪارڻ:

نوجوانن ۾ به ذهني دٻاءُ نراشا جو سبب بڻجندو آهي. جڏهن هو پاڻ کي ٻين کان ڪمتر سمجهڻ لڳي يا سمجهي ته هن جي ڪا اهميت نه آهي يا هن جي زندگي بي مقصد آهي ته ان ۾ نرشا اسرڻ لڳندي آهي. ان کان علاوه ذهني دٻاءُ جا ڪارڻ پڙهائي ۾ گهٽ گريڊ يا مارڪون کڻڻ، يا خاندان ۾ ٿيندڙ مسئلا ڊپريشن جو سبب بڻجندا آهن.

عورتن ۾ ڊپريشن جو ڪارڻ پيرئڊس يا ٻار جي پيدائش جي ڪري به ٿيندو آهي جنهن دوران انهن جو مزاج اڪثر بدلجندو رهندو آهي.

عام ماڻهن ۾ گهرو جھيڙا ۽ بيروزگاري پڻ شامل آهن. ڪجهه ماڻهو وري حساس هئڻ ڪري اڪثر ڊپريشن جا مريض ٿي ويندا آهن. انهي وجاء سان اهي جلدي ڳالهين کي دل تي ٺندا آهن ۽ هميشه هڪڙي ڳالهه کي وٺي ڪري سوچيندا رهندا آهن، جنهن ڪري نراشا اڪثر انهن جو شڪار ڪندي رهندي آهي. جڏهن ته ڪجهه وري ماضيءَ ۾ ڪيل غلطين کي ويٺا دهرائيندا آهن جنهن ڪري به نراشا سندن مهمان بڻيل هوندي آهي.

نراشا جي سائنس :

جيئن ته نراشا هڪ ذهني بيماري آهي جنهن ڪري ان ۾ دماغ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن جو هڪ وڏو اهم ڪردار آهي. دماغ ڇا آهي ؟ دماغ ڪجهه خاص قسم جي جيوگهرڙن جو ٺهيل لٿڙو آهي جنهن جي خاصيت انسان ۾ سوچڻ، پرکڻ، ڀيٽڻ، ياد ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ، لفظن کي جوڙڻ، انهن کي اچارڻ، حالاتن مطابق مزاج تبديل ڪرڻ، ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پرکي انهن مطابق فيصلو ڪرڻ، جسم ۾ ننڊ کي آڻڻ، وقت تي جاڳائڻ کان ويندي کوڙ سارا ٻيا ڪم ڪرڻ وغيره هوندو آهي.

اهيو، ايترو سڀ ڪجهه دماغ ڪيئن ڪندو آهي؟ 

دماغ ڪجهه خاص قسم جي جيوگهرڙن جو ٺهيل آهي جيڪي ماحول مان مليل جانڪاريءَ کي سمجهي ان مطابق فيصلو ڪندا آهن.دماغي جيوگهرڙا اهيو سڀ ڪجهه، ڪن خاص قسم جي نيوروٽرانسميٽرن کي رليز ڪري سرانجام ڏيندا آهن. دماغي جيوگهرڙن کي نيورانس (تنتي جيوگهرڙا) چئبو آهي ۽ انهن مان جاري ٿيندڙ نيوروٽرانسميٽرن کي نيوروٽرانسميٽر جو نالو ڏنل آهي. ان قسم جا ٽرانسمٽر، جيوگهرڙا هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه لاءِ استعمال ڪندا آهن. پر جسم جي هر حصي ۾ انهن جو الڳ ڪم هوندو آهي.

دماغ، نيوروٽرانسميٽر پنهنجي حصن سان يا جسم ۾ موجود ٻين تنتي جيوگهرڙن سان جانڪاري جي ڏيتي ليتي لاءِ استعمال ڪندو آهي. نيوران جو هڪ ڇيڙو هزارين سنهڙين واران جهڙي ڄار Dendrites تي مشتمل هوندو آهي ۽ ٻيو پاسو ايگزان Axon Terminal ڇيڙي تي مشتمل هوندو آهي. هڪ نيوران ڊينڊرائڊس ذريعي ٻئي نيوران کان جانڪاري حاصل ڪندو آهي ۽ ٻيو نيران ان کان وري ايگزان ٽرمينل ذريعي ان کي وٺندو آهي. پر نيورانس ۾ هڪ ٻي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن نيوران-ايگزان جي وچ تي هڪ وٿي هوندي آهي. جڏهن نيوران برقي ڪيمائي Electro-chemical پيدا ڪري اک ڇنڀ ۾ جانڪاري ٻئي نيوران تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هيءَ وٿي جنهن کي Synapse چئبو آهي ان کي روڪي ڇڏيندي آهي. جڏهن ڪا جانڪاري سائنيپس تي پهچندي آهي ته اها، ڇوجو وٿي جي ڪري ٻئي تنتي جيوگهرڙي ۾ نٿي وڃي سگهي ته اها اتي موجود نيوروٽرانسميٽرن کي جاري ڪرائيندي آهي. اهي نيوروٽرانسميٽر ان وٿي جي ذريعي ٻئي نيوران ۾ ان پيغام کي ٻيهر برقي صورت ۾ جاري ڪرائيندا آهن ۽ ائين هڪ چين ٺهي ويندي آهي. تنتي نيوروٽرانسميٽر دماغ ۾ ان جي مختلف حصن کي بٽڻ جيان بند ۽ کوليندا رهندا آهن.

جسم جي مختلف حصن کي دماغ جا مختلف حصا ڪنٽرول ڪندا رهندا آهن ۽ ائين ئي مخصوص حصي جي ڪم کي گهٽ وڌ ڪري دماغ مختلف حالاتن کي ڪنٽرول ڪندو رهندو آهي. ڊينڊرائڊ ائين هرڪنهن نيوروٽرانسميٽر سان نيوران کي ايڪٽو ناهن ڪندا ۽ هر نيوروٽرانسميٽر جو ساڳيو ڪم به ناهي هوندو. اهيو سڀ ڪجهه ڊينڊرائڊ جي ڇيڙن تي موجود رسيپٽر Receptor جي ڪري ممڪن آهي ته هر نيوروٽرانسميٽر الڳ ۽ مخصوص پيغام ٽرانسفر ڪري سگهندو آهي. انهي کي ائين سمجهو ته تنتي نيوروٽرانسميٽر هڪ چاٻي آهن ۽ تنتي جيوگھرڙن جا ڊينڊرائڊ تالا. جيسين صحيح چاٻي نه لڳندي تيسين تالو نه کلندو ۽ هر ڊينڊرائڊ تي مختلف تالا موجود آهن جن کي خاص نيوروٽرانسميٽر کولي ۽ بند ڪري سگهندو آهي.

ريسرچ مطابق نراشا دماغ ۾ موجود اهڙن ئي نيوروٽرانسميٽرن جي گهٽ وڌ ٿيڻ جي ڪري ٿيندي آهي جن ۾ سيروٽونن Serotonin، نار اپي نيفرائن Norepinephrine, ۽ ڊوپامائن Dopamine شامل آهن ڇوجو اينٽي_ڊپريشن دوائون انهن نيوروٽرانسميٽرن ۽ انهن جي رسيپٽر تي اثر ڪنديون آهن.

تنتي نيوروٽرانسميٽر سيروٽونن، انسان ۾ ڪيترن ئي اهم حرڪتن کي ڪنٽرول ڪندو آهي جهڙوڪ ننڊ ڪرڻ، ڪاوڙ، کاڌو کائڻ، سيسڪشيل Sexual Behavior، ۽ طبيعت يا مزاج Mood وغيره. رسرچ مطابق انهي جي ڪمي ڪري ڪن ۾ ڊپريشن پيدا ٿئي ٿي. خاص ڪري مزاج جي تبديلي جنهن ڪري خودڪشي جا خيالات ڪن ۾ جنم وٺن ٿا.

 نار اپي نيفرائن Norepinephrine وري جسم کي پريشاني واري حالت Stressful کي سڃاڻڻ، سمجهڻ ۽ ان کي ريسپانس ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي. انهي جي گهٽتائي ڪري جسم اسٽريس واري حالتن کي صحيح طريقي سان منهن نه ڏئي سگهندو آهي.

جڏهن اسان ڪوئي ڪم پورو ڪري جيڪا خوشي محسوس ڪندا آهيون يا ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾ جيڪو مزو ايندو آهي اهو ڊوپامائن Dopamine، جي ڪري ٿيندو آهي. ڊوپامائن ڊپريشن جي مريضن ۾ گهٽ هوندو آهي ۽ اها ئي وجهه آهي انهن کي ڪوئي ڪم ڪرڻ وقت يا پورو ڪرڻ ۾ ڪائي خوشي محسوس ناهي ٿيندي. ان کان الاوهه ٻيا به ڪجهه اھڙا نيوروٽرانسميٽر هوندا آهن جيڪي ڊپريشن ۾ حصو وٺندا آهن.

هارمونس Hormones

انساني جسم ۾ سيل مختلف ڪيميڪلس جي ذريعي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ هوندا آهن. جيئن دماغ ۾ نيوروٽرانسمٽر هئا ائين ئي جسم جي ٻين عضون ۾ وري هارمونس سيلن وچ ۾ جانڪاري جي تبديلي ڪندا آهن. بس فرق اهو آهي ته نيوروٽرانمٽر سائنيپس ۾ تنتي سيلن جي وچ ۾ رابطي لاءِ استعمال ٿيندا آهن ۽ هارمونس وري جسم جي ٻين حصن ۾ رت جي ذريعي ڪم ڪندا آهن. هارمونس جسم ۾ خاص سيلن، اوڃن ۽ غدودن مان رت ۾ جاري ٿيندا آهن.

هائپوٿيلمس، دماغ جو اهو حصو آهي جيڪو دماغ ۽ غدودي سرشتي کي پاڻ ۾ ملائيندو آهي. جڏهن دماغ کي لڳندو آهي ته سامهون ڪو خطرو وغيره آهي ته هو اسٽريس هارمون کي جاري ڪرائيندو آهي جيئن موجوده حالت تي باڊي ريئڪٽ React ڪري سگهي پر ڊپريشن جي مريض ۾ اهيو هارمون ڪجهه وڌيڪ موجود هوندو آهي.

ان کان الاوھ، ٻيا غدود جهڙوڪ نڙيءَ ۾ ٿائرائڊ گلينڊ مان گهٽ مقدار ۾ هارمون جو جاري ٿيڻ نراشا کي جنم ڏيندو آهي. بڪين جي مٿان موجود ايڊرنل گلينڊ مان ڪارٽيسول ڊپريشن جي مريضن ۾ وڌيڪ هوندو آهي، ۽ ٻيا عضوا جن ۾ غدود پيدا ڪندڙ سيل موجود آهن مثلن عورتن ۾ ٻچي داني مان جاري ٿيندڙ ايسٽروجن Estrogen نيوروٽرانسميٽر سيروٽونن ۽ اپي نيفرائن جي ڪم کي متاثر ڪري ٿو جنهن ڪري عورتن ۾ پيريئڊس(periods)، ٻار ڄمڻ ۽ مينوپاز (Menopause) وقت اڪثر ڪي عورتون ڊپريشن جو شڪار ٿي وينديون آهن.

مڙن ۾45  سالن کان پوءِ هارمون ٽيسٽواسٽيرون (Testosterone) جي ڪمي ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن ڪري به ڊپريشن ڪن مڙدن ۾ ڊپريشن ٿي آهي.

ڊپريشن کان بچاءُ:

اگر اوهان ڊپريشن جا شڪار آهيو ته اوهان کي گهرجي ته روزانو ورزش کي عام ڪريو. جسماني ورزش نه صرف اوهان کي جسماني تور صحت مند رکي ٿي پر ذهني تور به اوهان کي سڪون بخشي ٿي. ان کان علاوه نراشا وقت مزاحيه فلمون يا ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان ڊپريشن ۾ ڪمي اچي ٿي.

 آس پاس ماڻهن سان ميل ميلاپ پڻ ڊپريشن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مفيد آهي. انسان کي گهرجي ته هو ڪوشش ڪري پازيٽو ماڻهن جي وچ ۾ رهي. ماضي کي وساري نئي زندگيءَ جي شروعات ڪري، هڪ ئي ڳالهه کي گهڻو وقت نه سوچي.