Thursday, July 29, 2021

سروگيسي Surrogacy | ٻي عورت جي ذريعي پنهنجو ٻار پيدا ڪرائڻ

سروگيسي Surrogacy | ٻي عورت جي ذريعي پنهنجو ٻار پيدا ڪرائڻ.

ذيشان علي سولنگي


تازو ئي ڀارت ۾ رليز ٿيندڙ هڪ فلم ۾ هڪ اهڙي ٽاپڪ تي روشني وڌي آهي جيڪا شايد ئي ڪن کي خبر هجي. هن فلم ۾ ٻار پيدا ڪندڙ هڪ اهڙي رسم کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بي اولاد جوڙو ڪنهن ٻي عورت کان پنهنجو ٻار پيدا ڪرائن ٿا ۽ اهو ٻار بلڪل انهن جي خون مان پيدا ٿئي ٿو. هن عمل کي انگريزيءَ ۾ سوروگيسي يا سروگيسي (Surrogacy)  چيو ٿو وڃي. سروگيسي يورپين ملڪن سان گڏو گڏ ڀارت ۾ به ڪافي وڌندي پئي وڃي جنهن ۾ ڪو بي اولاد جوڙو پنهنجو ٻار، ڪنهن ٻي عورت جي پيٽ ۾ داخل ڪري ان جي ذريعي ڄڻائن ٿا. هن ۾ جيڪا عورت ٻئي جوڙي جو ٻار پنهنجي پيٽ ۾ پاليندي آهي تنهن کي سيروگيٽ چئبو آهي جڏهن ته جيڪو جوڙو ٻار لاءِ سيروگيٽ کي رکندو آهي تنهن کي انٽينڊيڊ والدين Intended Parents چئبو آهي جنهن جي معني آهي ته اهڙو جوڙو جيڪو ڪنهن به وجهه ڪري پاڻ ٻار پيدا نه ڪري سگهي.

سروگيسي ۾ ڪو اهڙو جوڙو جنهن ۾ عورت ميڊيڪلي ڪمزور آهي يا ان ۾ ڪو ٻچيداني جو عضوو قدرتي يا ڪنهن آپريشن جي دوران، جيڪو عمومن ٻچيداني جي ڪينسر جي ڪري ڪٽيو ويندو آهي يا ڪنهن ٻئي مرض ڪري ختم ڪيو ويندو جنهن ڪري اها عورت ماءُ نٿي بڻجي سگهي ته اها عورت ڪنهن ٻي صحت مند عورت کان پنهنجو ٻار ڄڻائيندي آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ سروگيسي پڻ انهن جوڙن ۾ عام آهي جيڪي ساڳي جنس سان سان وابسطه هوندا آهن مثلن ليسبين عورتون يا گي Gay مڙد جن ۾ هو پنهنجو ٻار نٿيون/نٿا پيدا ڪري سگهن ته هو سروگيٽ کي رکندا آهن. هن طريقي سان ان ٻار جو DNA انهن انٽينڊيڊ والدين جو هوندو آهي نڪي ان سروگيٽ جو.

سروگيٽ عورت ۾ ڳڀ Embryo ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ٿو وڃي ان تحت سروگيسي جا ٻه قسم آهن:

روايتي سروگيسي Traditional Surrogacy

سروگيسي جو پهريون قسم  روايتي سروگيسي Traditional Surrogacy آهي. هن ۾ سروگيٽ عورت نه صرف انٽينڊيڊ جوڙي لاءِ ٻار ڄڻيندي آهي پر ان سان گڏوگڏ هو ان جوڙي کي پنهنجو آنو Ovum پڻ ڏيندي آهي.

ڇو جو سروگيٽ عورت روايتي سيروگيسي ۾ پنهنجو آنو پڻ انٽينڊيڊ والدين کي ڏيندي آهي تنهن ڪري اهو ٻار جيڪا اها انهن کي ڄڻي ڏيندي آهي اهو ٽيڪنڪلي ان ماءُ جو بايولاجيڪل اولاد هوندو آهي. بايولاجيڪل مان مراد ته ان ٻار ۾ ان سروگيٽ عورت جو ڊي اين اي DNA پڻ هوندو آهي. ڇو جو سروگيٽ رکڻ کان اڳ ڪجهه شرط شرائط شامل هوندا آهن ته اهو ٻار انٽينڊيڊ والدين کي ملندو آهي.

هن روايتي سروگيسي ۾ اڪثر انٽينڊيڊ جوڙي ۾ عورت جا آنا ڪمزور هوندا آهن يا اها عورت ايترا آنا پيدا نه ڪري سگهندي آهي جو اها ماءُ بڻجي سگهي تنهن ڪري صرف انٽينڊيڊ جوڙي جي مڙد جا نطفا ۽ سروگيٽ عورت مان آنو وٺي ان کي ليبارٽري ۾ ملايو ويندو آهي. جڏهن آني ۽ نطفي جو ميلاپ ٿي ويندو آهي ۽ هڪ ڳڀ ٺهڻ شروع ٿيندو آهي ته پوءِ ان  کي سروگيٽ عورت جي پيٽ ۾ سئيءَ جي ذريعي منتڪل ڪيو ويندو آهي جتي هو بعد ۾ واڌ ويجهه ڪندو آهي.

جيسٽيشنل سروگيسي Gestational Surrogacy

سروگيسي ۾ ٻيو تريقو جيسٽيشنل سروگيسي آهي جنهن ۾ سروگيٽ عورت صرف انٽينڊيڊ والدين جو ٻار پنهنجي پيٽ اندر پاليندي آهي. روايتي تريقي ۾ جتي سروگيٽ پنهنجو آنو به پيٽ سان گڏ ڊونيٽ پئي ڪري اتي جيسٽيشنل ۾ صرف هوءَ پرائي ٻار کي پنهنجي پيٽ اندر پاليندي آهي. جيسٽيشنل سروگيسي ۾ ڊاڪٽر انٽينڊيڊ والدين کان نطفا ۽ آنا وٺي انهن کي ليبارٽري ۾ ملائيندا آهن ۽ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ ڳڀ سروگيٽ عورت ۾ داخل ڪندا آهن.



جيسٽيشنل سروگيسي هڪ خاص ٽيڪنڪ، ان وٽرو فرٽيلائزيشن In Vitro Fertilization جي ذريعي ڪئي ويندي آهي. هن ٽيڪنڪ جي ذريعي ڊاڪٽر آساني سان انٽينڊيڊ مڙد مان نطفا ۽ انٽينڊيڊ عورت مان آنا ڪڍي سگهندا آهن. هن ٽيڪنڪ ۾ صرف انٽينڊيڊ والدين ئي شامل ناهن هوندا پر اگر هو چاهن ته ڪنهن ٻي عورت کان به آنا وٺي سگهن ٿا جيڪا ڊونيٽ ڪرڻ چاهي ته.



جيسٽيشنل سروگيسي پوري طرح سان هٿ راڌو ڪئي ويندي آهي. هن ۾ سڀ کان پهريون ڊاڪٽر هٿراڌو طور گهڻي تعداد ۾ عورتن ۾ آنا پيدا ڪندڙ هارمون انجيڪٽ ڪندا آهن جيڪو عورتن ۾ هڪ کان وڌيڪ هڪ ئي وقت آنا پيدا ڪرائيندو آهي. جيڪي بعد ۾ ڊاڪٽر ڪٺي ڪري وري نطفن سان ملائي سروگيٽ ۾ داخل ڪندا آهن. ان کان پوءِ وري سروگيٽ عورت ۾ ان جا آنا پيدا نه ڪرائڻ واري هارمون کي داخل ڪندا آهن ته جيئن اها پنهنجا آنا پيدا نه ڪري سگهي ۽ اميد سان ٿي وڃي.

هي سڀ عام طور تي قدرتي طور ٿيندو رهندو آهي جنهن دوران نارملي عورتون هر مهيني هڪ آنو پيدا ڪنديون آهن پر ڇو ته هي سڀ هٿراڌو طريقو آهي ته ان کي وڌيڪ ڪامياب ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت ڪيترائي آنا پيدا ڪيا ويندا آهن.

هارمون اسان جي جسم ۾ تمام اندروني ڪيميائي عملن کي ڪنٽرول ڪندا آهن.

جيشٽيشنل سروگيسي روايتي سروگيسي کان وڌيڪ ڪارائتي هوندي آهي. هن ۾ اگر ڪنهن جوڙي ۾ مڙد جا نطفا ڪمزور آهن ۽ آني جي سخط تح کي ڪراس نٿا ڪري سگهن ته ڊاڪٽر ان نطفن کي آسانيءَ سان سئيءَ جي ذريعي ساڳئي ئي مڙد جي زال جي آني ۾ داخل ڪري سگهندا آهن ۽ اها. اگر ڪنهن جوڙي ۾ مڙد کي HIVجهڙو مرض آهي ته ڊاڪٽر ان کي به بنا ٻار ۾ منتقل ٿيڻ جي عورت ۾ صحتمند ٻار کي جنم ڏيندا آهن.

ڪهڙو به جوڙو اگر ڪنهن به وجهه سان ٻار پيدا نٿو ڪري سگهي ته سروگيس هڪ بترين آپشن هوندي آهي. سروگيسي جي ذريعي ڪيترن ئي والدين مان ٻار ۾ منتقل ٿيندڙ بيمارين کي به روڪي سگهجي ٿو. سائنس جي اهڙي پهچ تيزيءَ سان وڌي ويجهي پئي. سروگيسي جي ذريعي والدين کي انهن جي ئي خون مان انهن جو اولاد ڪنهن ٻي عورت جي ذريعي پيدا ڪيو ويندو آهي.

پيسن جي بنياد تي جيسٽيشنل سروگيسي ٽريڊشنل سروگيسي کان وڌيڪ مهانگي هوندي آهي. جن وٽ پيسو هوندو آهي ته اهي اڪثر جيسٽيشنل سروگيسي کي سليڪٽ ڪندا آهن. هڪ ته هن ۾ سروگيٽ عورت جو ٻار سان ڪوئي بايولاجيڪل ڪنيڪشن ناهي هوند جنهن ڪري بعد ۾ ڪوئي مسعلو درپيش ناهي ايندو. ٻيو ته انهن بيمارين کان به ٻار کي بچائي سگهجي ٿو جيڪي والدين کان اولاد ۾ منتقل ٿينديون آهن. 

No comments:

Post a Comment