Monday, April 13, 2020

ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین سيپٽمبر تائين اچي ويندي.

ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین سيپٽمبر تائين اچي ويندي. 
 ”ترجمو: بشير احمد سومرو “

سڄي دنيا ۾ سٺ کان وڌيڪ ھنڌن تي ناول ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین جي تیاريء تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ سڀني جو چوڻ آهي تہ ھيء ویڪسین گهٽ ۾ گهٽ ھڪ سال يا ڏيڍ سال ۾ تيار ٿي ويندي پر آڪسفورڊ یونیورسٽيء جي ویڪسینالاجيء جي پروفیسر سارہ گلبرٽ دي ٽائيمز آف لنڊن کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو تہ کيس 80 سيڪڙو اعتماد آهي تہ ھيء ویڪسین سيپٽمبر تائين تيار ٿي ويندي ـ



پروفیسر سارہ جو چوڻ آهي تہ ھن وقت جڏهن برطانیا لاڪ ڊائون جي چوٿين ھفتي مان گذري رهي آهي تہ ان جي سخت قدمن کي ھڪ ویڪسین سان ئي نرم ڪري سگهجي ٿو تہ جيئن برطانيا جو عوام عام حالتن ڏانهن موٽي سگهي ۽ مون کي اميد آهي ته 2020 جي آخر تائين ویڪسین اچي ويندي پر ڪو بہ ھي وعدو نہ ٿو ڪري سگهي تہ ھيء ویڪسین ڪم ڪندي يا نہ پر پوء بہ پروفیسر سارہ چيو تہ مون کي پڪ آهي ته اسان ڪامياب وينداسين ۽ اسان ھاڻي انسانن تي ویڪسین جي آزمائش جو عمل 2 ھفتن ۾ شروع ڪري ڇڏينداسين.
 جيڪڏهن برطانوي سائنسدان سيپٽمبر تائين ویڪسین کي تیار ڪري استعمال ڪرڻ ۾ ڪامیاب ٿي بہ وڃن پر پوء بہ ماھرن جي چوڻ مطابق ھن ویڪسین جا لکين ڊوز تيار ڪرڻ لاء ڪيترائي مھينا لڳي ويندا.
 پروفیسر سارہ جي چوڻ مطابق برطانوي حڪومت سان سرمايي لڳائڻ جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ جاري آهي ۽ آخري نتيجن کان پھريان ئي پروڊڪشن بہ شروع ڪري ڏني ويندي جنهن جي ڪري ماڻهن کي ویڪسین حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي پر ساڳي وقت تي آمريڪا ۾ 2 ویڪسینن جي انسانن تي آزمائش شروع ٿي چڪي آهي جڏهن تہ ھڪ ڪمپني موڊرینا ٿراپیوٽڪس تمام گهڻو تيز ڪم ڪندي وائرس جي جینیاتي سیڪوئنس ٺھڻ جي صرف 42 ڏينھن کان پوء يعني 16 مارچ تي ھڪ ویڪسین جي انسانن تي آزمائش شروع ڪري ڇڏي ڏني ھئي. ھن ویڪسین کي واشنگٽن جي ریاست ۾ 45 ماڻهن تي آزمائش جو پروگرام ھلي رهيو آهي جن ماڻهن تي ویڪسین آزمائي ٿي وڃي. انهن جي عمر 18 کان 55 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ اھي سڀ صحتمند آهن. ھن ویڪسین جي ٽرائل جي حوالي سان آمريڪا جي نیشنل انسٽیٽيوٽس آف ھيلٿ انفیڪشنز ڊزیز جو چوڻ آهي تہ ڪلینیڪل ٽرائل جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ ھڪ سال کان 18 مھينن تائين ٿي سگهي ٿو ھن عرصي ۾ ویڪسین جي محفوظ ۽ اثرائتي ھجڻ جي پڪ پڻ ڪري سگهجي ٿي.
166 اپریل تي بل اینڊ ملنڊا گیٽس جي تعاون سان آمريڪي ڪمپني انوویو جي طرفان تیار ڪيل ویڪسین کي پڻ انسانن تي آزمائڻ شروع ڪيو ويو آهي. انوویو ڪمپنيء جي طرفان سڀ کان پھريان جانورن تي ڪامياب ویڪسین آزمائي وئي آهي پر ساڳي وقت تي جانورن تي استعمال ڪرڻ جي لاء پڻ اجازت ورتي وئي ھئي.
 رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تہ انوویو جي طرفان تيار ڪيل ویڪسین کي (انو 4800) ڊي این اي ویڪسین جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا انسان جي مدافعتی نظام کي قوت ڏئي ڪري انساني جسم ۾ اینٽي باڊیز جي پیداوار کي وڌائي ٿي. ڪمپنيء مطابق ھن ویڪسین کي بہ آمريڪا جي 2 مختلف جڳھن تي 40 رضاڪارن تي آزمایو ويندو. شروعات ۾ رضاڪارن کي ھر 4 ھفتن ۾ ڊوز ڏنو ويندو ۽ پوء رضاڪارن جو جائزو وٺي ڪري ویڪسین جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو پر ھتي ھيء ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ویڪسین جو ٽرائل به ڪامیاب ٿو وڃي تہ بہ ھيء ویڪسین عآم ماڻهوء تائين پھچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 کان 18 مھينن جو وقت لڳي ويندو پر ھن کان اڳ ۾ دنيا جي اندر ڪورونا کان بچاء جي لاء ڪا بہ ویڪسین نہ ٿيندي.
 ھن سڄي صورتحال کي ڏسندي اھو محسوس ڪري سگهجي ٿو تہ آڪسفورڊ یونیورسٽيء جي طرفان ايندڙ ویڪسین 5 یا 6 مھينن ۾ عام ماڻهن تائين پھچائڻ ناممڪن ٿو لڳي پر وبا جنھن تيز رفتاريء سان ڦھلجي رهي آهي تنهن تيز رفتاريء سان سائنسدان پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment