Saturday, October 30, 2021

جينيات Genetics

 جينيات
Genetics

 Part-1 Background

ذيشان علي سولنگي

بايولاجيڪل سائنس ۾ علم جينيات هڪ تازي ڄاول شاخ جي حيصيت رکي ٿي. جينيات هونءَ ته انسان جي شعور سان گڏ اسري آهي پر جي سندس جوانيءَ جو هڪ مخصوص وقت ۾ ڪاٿو لڳائبو ته علم جينيات تقريبن سو ورهين ۾ پنهنجي جوانيءَ جو ابور ماڻي ورتو آهي. جينيات جيڪر اڄ به ڪنهن وڃايل ٻار جيان انسانن کان اوجهل ئي رهي ڏتڙيل زندگي گهاري هان جيڪڏهن 1800ع صديءَ ۾ ان کي آسٽريا جو باشندو گريگر جان مينڊل پاڻ وٽ پناهه نه ڏئي هان.

نئي جڳ جي جينيات جو باني، گريگر جان مينڊل 20 جولاءِ 1820ع ۾ ان وقت جي آسٽريا ( اڄ جي Czech Republic ) ۾ ڄائو هو. مينڊل هونءَ ته هڪ رياضي دان، علم فلڪيات ۽ علم نباتات (Botany) جو ڄاڻو هو پر  ان  سان گڏوگڏ هو هڪ پادري پڻ هو. مينڊل بايولاجي ۾ پهريون ڀيرو رياضيءَ جو استعمال ڪندڙ شخص هو جنهن ۾ هن جينيٽڪس کي دنيا جي آڏو متعارف ڪرايو ۽ هڪ نئي شاخ علم جينيات يعني جينيٽڪس (Genetics)  جو افتتاح ڪيو. مينڊل نه صرف علم جينيات تي تحقيقي ڪم ڪيو هو پر هن جينيات ۾ ٽي قانون پڻ ڏنا هئا. پر مينڊل جي ڪم کي ميٿميٽڪس ۾ لکيل هئڻ ڪري غلط ڪرار ڏنو ويو هو ۽ لڳ ڀڳ 35 سالن تائين مينڊل جو ڪم ڪنهن گدام ۾ مٽيءَ ۾ ڍڪيل رهيو.

لفظ جينيٽڪس (Genetics) هڪ يوناني لفظ آهي جيڪو 1905 ۾ وليم بيٽسن ڏنو هو جنهن جي معني آهي اوريجن (Origin) يعني جنهن جاءِ کان ڪنهن شئي جي شروعاط ٿئي. علم جينيات هڪ جاندار مان ٻئي جاندار ۾ موروثي Heredity خاصيتون ڪيئن منتقل ٿين ٿيون، ڪهڙي صورت ۾ ٿين ٿيون ۽ موروثي ورثي ۾ تبديلي Variation  ڪيئن اچي ٿي ۽ اهي ڪيئن منتقل ٿين ٿيون وغيره جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندي آهي.

اگر وڌيڪ سولي ٻوليءَ ۾ ڳالهه ڪجي ته جينيات اسان کي سڀ کان پهريون ٻڌائيندي آهي ته اسان پنهنجي والدين جهڙا ڇو لڳندا آهيون ۽ جيڪا ٿوري تبديلي Variation آئي آهي اها ڇو آئي آهي. ٻيو اسان کي ٻڌائيندي آهي ته اها ڪهڙي شئي آهي جنهن ڪري اسان پنهنجي والدين جهڙا لڳندا آهيون ۽ اها اسان جي والدين مان اسان ۾ ڪيئن منتقل ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ والدين جون موروثي بيماريون جيڪي هڪ خاندان مان ٻئي ۾ منتقل ٿينديون رهيون آهن انهن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.

انسان اڻ سڌي طرح جينيات جو استعمال هزارن سالن کان ڪندو اچي ٿو. جهنگ مان سٺن فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ وغيره جا ٻج هٿ ڪري انهن کي ٻيهر پوکڻ يا پوکيل فصل مان سٺي ٻوٽي جا ٻج چونڊ ڪرڻ. ٻن سٺن جانورن ٻڪري، مينهن، ڳئون يا ڪتي جو ڪنهن مخصوص خاصيت ڪري ميلاپ ڪرائڻ وغيره عام هو. پر ڪنهن ان تي ڌيان نه ڏنو هو ته ڪهڙي شئي آهي جيڪا انهن خاصيتن کي والدين مان اولاد ۾ منتقل پئي ڪري.

مينڊل کان اڳ واري جينيات

تاريخ ۾ پيٿاگورس پهريون نالو ملي ٿو جنهن 500 BCE ۾ موروثي خاصيت تي لکيو آهي. هن جي مشهور ٿيوري ”آبي بخار Moist Vapourآهي جنهن ۾ هي ٻڌائي ٿو ته ميلاپ دوران مڙد جو جسم پنهنجي عضون جا آبي بخار ٺاهي ٿو جيڪي بعد ۾ ٻار ۾ عضوا ٺاهن ٿا.

پيٿا گورس جو مڃڻ هيو ته ٻار جي ٺهڻ ۾ صرف هڪ والد شامل هوندو آهي جنهن کي بعد ۾ ايمپيڊڪليس Empedocles (504-433 BCE) رد ڪندي چيو ته ٻنهي والدين جي جسمن جا عضوا پاڻياٺ Fluid ٺاهيندا آهن جيڪو ماءُ جي ڳرب ۾ ملندو آهي ۽ نئي ٻار جي تخليق ڪندو آهي.

ٻنهي مفڪرن جي راءِ کان انڪار ڪندي 384 BCE ۾ ڄاول ارسطو پنهنجي Reproductive Blood Theory ۾ بيان ڪندي چوي ٿو ته ٻئي والدين شفاف پاڻياٺ پيدا ڪندا آهن. پر ٻنهي والدين ۾، يعني نر ۽ مادي ۾ نر تمام شفاف پاڻياٺ پيدا ڪندو آهي. مادي جنس به پاڻياٺ پيدا ڪندي آهي پر اهو صاف نه هوندو آهي ۽ انهي ڪري ٻنهي جي ملڻ ڪري جيڪو ٻار ٺهندو آهي ۽ ڇو جو مڙد جو پاڻياٺ وڌيڪ صاف هوندو آهي تنهن ڪري ٻار ۾ عضون جي ٺهڻ ۾ مڙد جو پاڻياٺ وڌيڪ اسر انداز ٿيندو آهي بجاءِ عورت جي غير شفاف پاڻياٺ جي.

پندرنهن سو 1500ع صديءَ ۾ گلاسن جي استعمال پهريون ڀيرو خوردبين کي جنم ڏنو ۽ سورنهن سئو پنجهٺ ۾ رابرٽ هوڪ جيو گهرڙي جي دريافت ڪئي. خوردبين حياتيءَ جو هڪ نئو روپ ڏيکاريو ۽ ائين سورنهن سو ٻاهتر 1672ع ۾ اينٽاني وين ليون هوڪ پهريون ڀيرو نطفي Sperm کي خوردبين جي ذريعي ڏٺو ۽ سوامرڊم Swammerdam سورنهن سو اڻاسيءَ 1679ع ۾ پري فارميشن Preformation ٿيوري پيش ڪئي. هن ٿيوريءَ گهڙن ئي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو ۽ 1800ع صديءَ تائين، يعني مينڊل جي جينيات کان اڳ تائين اهم مڃي ويندڙ ٿيوري ثابت ٿي.


هن ٿيوري مطابق، نطفي ۾ انسان جي شڪل جو ننڍڙو جيوُ Homunculus موجود هوندو آهي جيڪو ماءٌ جي پيٽ ۾ وڃي وڏو ٿيندو آهي ۽ ٻار جي شڪل ۾ ڄمندو آهي. هن ۾ به صرف هڪ ڪنهن هڪ ساٿيءَ جو ڪردار هوندو آهي مثلن اهو يا ته عورت جي آني ۾ هوندو آهي يا ته نطفي ۾. ميلاپ فقط ان ننڍڙي انسان Homunculus کي وڏي ٿيڻ لاءِ جاڳائيندو آهي.

جيتوڻڪ پري فارميشن ٿيوري 1888ع صديءَ تائين مقبول رهي پر ان کي مينڊل کان اڳ ۾ جرمنيءَ جي هڪ حياتياتدان Biologist وولف Wolf (1738-1794) غلط ڪرار ڏيندي هڪ نئي ٿيوري، اپيجنيسس Epigenesis جي شروعاط ڪئي. وولف اپيجنيسس جي نظريي ۾ چيو ته جاندار نطفي ۾ يا آني ۾ ناهي ٺهندو پر نطفو ۽ آنو اڻ ورهايل Undifferentiated هوندا آهن جيڪي بعد ۾ ميلاپ دوران پاڻ ۾ ملي ڪري نئي وجود کي جنم ڏيندا آهن.

هونءَ ته اپيجنيسس وارو نظريو پوري دنيا ۾ مڃيو ويندڙ آهي پر ان باوجود به ڪيترن ئي مفڪرن پنهنجا نظريا پيش ڪيا آهن جن ۾ لمارڪ Lamarck جو Theory of Acquired Characters وارو نظريو، چارلس ڊارون جو Theory of Pangenesis وارو نظريو پڻ شامل آهن

لمارڪ جي نظريي مطابق اگر ڪو شخص باڊي بلڊر آهي ته ان جي ٻارن جا ڏورا به مضبوط هوندا. جڏهن ته ڊارون جي نظريي مطابق جاندارن جي جسم جو هر عضوو پنهنجيون ننڍڙيون ڪاپيون Gammules ٺاهي رت جي ذريعي نطفن ۽ آنن ۾ منتقل ڪندا آهن جنهن کان پوءِ نطفي ۽ آني جي ميلاپ کان پوءِ اهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڃي نئون جسم جوڙيندا آهن.مينڊل کان اڳ ۾ وقت به وقتن الڳ الڳ مفڪرن پنهنجا پنهنجا نظريا ڏنا جن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم پري فارميشن واري نظريو هو پر وولف ان کي غلط ڪرار ڏيندي اپيجنيسس جي شروعاط ڪئي ۽ ائين ئي حقيقت سان ٺهڪندڙ هڪ ٻيو نظريو جرمن بائلاجسٽ اگسٽ ويزمين August Weismann (1889) جرم پلازم جي صورت ۾ پيش ڪيو. هن ٿيوري ۾ چيو ته جاندارن ۾ ٻن قسمن جا تاندورا   Tissues هوندا آهن؛ جرم پلازم Germplasm  ۽ سوماٽوپلازم Somatoplasm.

جرم پلازم اهي اوڄا يا جيو گهرڙا هوندا آهن جيڪي نطفا ۽ آنا Ova ٺاهيندا آهن ۽ سوماٽوپلازم اهي سمورا اوڄا يا جيو گهرڙا جيڪي نطفا ۽ آنا Ova نٿا ٺاهن. جيڪو ثابت ٿو ڪري ته موروثي خاصيتون صرف ۽ صرف جرم پلازم جي ذريعي ئي والدين کان اولاد ۾ منتقل ٿينديون آهن نڪي جسم جا عضوا، جيڪي سوماٽوپلازم جا ٺهيل هوندا آهن؛ پنهنجو پاڻ کي ايندڙ پيڙهيءَ ۾ منتقل ڪندا آهن.



تاريخ  ۾ هرڪنهن سهي توڙي غلط پر جينيات تي ڳالهايو آهي. پر جيئن جيئن انسان شعوري ارتقعا ڪندو ويو تيئن تيئن ان جا نظريا به تبديل ٿيندا ويا ۽ ائين حقيقتون ظاهر ٿيڻ لڳيون ته جسم جي هر جيو گهرڙي ۾ موروثي علم رکندڙ ڪيميائي Organic مالڪيول موجود آهي جنهن وٽ سموري جسم جو علم موجود هوندو آهي ۽ اهو ئي واحد ماليڪيول آهي جيڪو والدين مان موروثي خاصيتون کڻي ٻئي جسم ۾ منتقل ڪندو آهي. بايولاجي ۾ ان ماليڪيول کي DNA سان سڃاتو ويندو آهي پر جرم پلازم جي ٿيوري وانگي صرف چونڊ جيو گهرڙا ئي اهيو علم اولاد ۾ منتقل ڪندا آهن نڪي سمورا عضوا.


پر سوال اهيو آهي ته ڊي اين اي ۾ ڪهڙي خاصيت آهي جيڪا ان کي ايترو منفرد بڻائي ٿي؟ ڪهڙي تريقي سان اهو اولاد ۾ والدين جون خاصيتون پيدا ڪري ٿو؟ ڪهڙي تريقي سان ان ۾ ترتيب اچي ٿي جو اولاد ڪمزور ۽ بيمار پيدا ٿئي ٿو؟ آخر اهيو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن آهي؟ سڀني سوالن جا جواب جينيات ڏيندي پر ايندڙ ڀانڱي ۾.

No comments:

Post a Comment