سائنسي پرواز
The path to Science
ليکڪ : مدثر چانگ
اسان جي ذھني ۽ مادي زندگي اڄ جنھن علم سان فيض ياب ٿي رھي آھي اھو ھڪ ڏينھن حاصل نه ڪيو ويو آھي ـ ھي مشڪلاتون معلوم نا معلوم صدين جي مسافت طي ڪري ھر ڳجھي ڳالھ تي جاکوڙ ڪندي اڄ روشني جي مينار بڻجي ويو آھي ـ مگر جڏھن اونداھن جا جھونڪا وڌيڪ ھيا ته مشعل جي روشني قائم رکڻ وارن کي خونِ جگر بہ ٻارڻو پوندو ھوـ
سائنس سائنسدانن جي خون ۽ پسيني سان نه بلڪ انھن جي زندگي جي جاکوڙ مان حاصل ڪئي آھي اگر سقراط زھر جو پيالو نه پئي ھا برنو زندھ باھ ۾ نه سڙي ھا ليوزير پنھنجو انقلاب فرانس جي جلادن کي پيش نه ڪري ھا اگر رسجن بيڪن ۽ گيليلو پنھنجي زندگي جيل جي سلاخن ۾ نه لٽائن ھا ۽ ايڊسـن پنھنجي تجربن ۾ بار بار ناڪامي کان پو۽ ڪاميابي نه ماڻي آ ته سائنـس پرواز ڪئين ڪري آـ
سائنس جي پرواز سائنسدانن سان ئي وابستا آھي ـ ھر سائـسدان پنھنجي ڪند تي بار کڻي سائنس جو نئون افق ڏنو آھي ـ انھي طرح سان سائنس جو ميدان وسيع ٿي ويو آھي ـ اگر ارسطو جون ڏنل سائنسي بنيادون ۽ نيوٽن جي چار ديواري ۽ پيشرفتن جو فراھم ڪيل چونو ۽ گارو نه ھجي ھا ته آئنسٽائن جي لا۽ سائنس جي عمارت ڍي بلند ڪرڻ ايترو ممڪن نه ھجي ھاـ
سائنس جو مختلف شاخن مختلف زمانن ۽ مختلف ملڪن مان انتخاب ڪيو ويو آھي قبل مسع جي يوناني سائنسدانن جي ترجمانـي ارسطو کان بھتر ڪير ٿو ڪري سگھي جنھن کان سائنس جنم ورتو جنھن پھرين باھ ٻاري ۽ جيڪو 1500 سال خيالن جي دنيا ۾ راڄ ڪندو رھيوـ ھن غلبي جي خلاف پھرين موثر بغاوت ڪري گيليلو سائنس کي ھڪ نئون موڙ ڏنو ـ نيوٽن جديد فزڪس ۽ ليوزير ڪيمسٽري جو جنمدان ڄاتو وڃي ٿوـ مسئلا ارتقا ۾ چارلس ڊارون ۽ انساني بيمارين جي دوا تيار ڪرڻ ۾ پاسچر نمايان ئي رھيا آھن ـ ھن دور کي سائنس جو ٻيو انتخاب مڃيو وڃي ٿوـ
سائنس صرف ايجادات نه بلڪ خيالـن جي مجموعي جو به نالو آھي ـ تنھنڪري انجڻ راڪٽ ريڊيو ۽ ائٽم بم وغيره ٺاھڻ وارن جي بجائي ان حيرت انگيز ايجادات جا اصول دريافت ڪرڻ تي ترجيع ڏني ويندي آھي ـ
اڄ سائنس گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آ ھي ـ جـنھن ۾ ھر ملڪ جي حيثيت ندي نالي جھڙي آھي ـ ھندستان ڪئي ارسطو عرب ڪئي سقراط ۽ پاڪسان ڪيترن ئي قديرن کي جنم ڏنو ھوندوـ مصر ۽ چين جي پرانن تھذيبن جي کھنڊرات ھن زماني جي سائنس ۾ سائنسدانن جي ڪارنامي جي بھترين تصوير آھن ـ

No comments:
Post a Comment