Tuesday, June 1, 2021

دنيا ۾ آيل پهرين تباهي | The Ordovician Silurian Extinction

 ذيشان علي سولنگي 


تباهي ڪڏهن به صرف نقصان ناهي ڏيندي. دنيا ۾ آيل پنج مها وناشن زندگيءَ کي هڪ الڳ رک ۾ ڌڪيو آهي جنهن جي منزل شايد اڄ جو انسان رهي هوندي.

آرڊووشين ـ سلورين وناش کان اڳ به ڌرتيءَ تي اهڙي قيامت برپا ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هڪ سيل وارا جيو ختم ٿي ويا هئا پر انهي کي ڪيترن ئي جاين تي شامل نٿو ڪيو وڃي انهي ڪري دنيا ۾ قل پنج وناش سمجهيا وڃن ٿا. جنهن ۾ پهريون ساڍا چار سو سال اڳ ٿيو هو ۽ آخري 66 ملين سال اڳ جنهن ۾ ڊائناسور ختم ٿيا هئا.

لڳ ڀڳ 4.5 بلين سال اڳ دنيا وجود ۾ آئي ۽ انهي کان اندازن هڪ بلين بعد يعني 3.5 بلين سال پوءِ ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو وجود ٿيو. وقت گذرڻ سان ڌرتي حياتيءَ لاءِ موزون ٿي چڪي هئي ۽ ائين ئي پهريون بنا نيوڪليئس Nucleus وارن جيوگهرڙن ڌرتيءَ جي پاڻيءَ ۾ اک کولي ۽ ان کي پنهنجو گهر سمجهو. انهي ۾ هو، وڌيا، ويجهيا ۽ اوسر ڪئي، ۽ ائين ئي زندگي شڪليون مٽائيندي مٽائيندي، شروع ۾ بنا نيوڪليئس جي، پوءِ نيوڪليئس واري ٿي. حياتيءَ ارتقا جا ڪيترا ئي دور گذاريا ۽ هڪ سيل يعني هڪ جيو گهرڙي مان اسري گهڻ گهرڙائي  Multicelullarجيوت ۾ تبديل ٿي. پر شايد زمين تي آيل جيوت ڪڏهن نه سوچيو هو ته هڪ ڏينهن ان کي پوري طرح سان وناش جو منهن ڏسڻو پوندو....


 وقت گذرڻ سان حياتي بنا روڪ ٽوڪ جي اوسر ۾ پاڻ ملهائيندي رهي ۽ اک سان نه ڏسڻ واري روپ کي مٽائي گهڻ گهرڙائي جيون جي شروعات ڪئي جنهن ۾ اڄ جي مڇيءَ جا اوائلي اين سسٽر Ancestors  سادين، بنا ڇلڙَ ۽ کنڀڙاٽيون Fins and scales جي جنم ورتو هو. آڪٽوپسن جهڙا ڪجهه جيو ڇهن ميٽرن تائين وڌي ويا هئا ۽ ڪيترائي وڇون
Scorpion
جي شڪل رکندڙ پر بلڪل وشال جيو سمنڊ جي تهن تي خوراڪ ڳولهي رهيا هئا ۽ ڪيترا ئي جيت جهڙوڪ ٽرائلو ٻائٽس Trilobites سمنڊ جي تهن ۾ خوراڪ ٿيڻ کان ڀڄي جان بچائي رهيا هئا. ان کان الاوهه سپين bivalve جي شڪلين وارا براچيوپوڊس  Brachiopods، ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪرنگهي وارا ۽ بنا ڪرنگهي وارا جيو پيدا ٿي چڪا هئا. حياتيءَ جي اها رنگيني اڄ کان  488ملين سال اڳ آرڊووشين پيرڊ   Ordovician Period۾ شروع ٿي هئي ۽ 450 ملين سال اڳ Ordovician Silurian Extinction واقعي ۾ لڳ ڀڳ ختم ٿي هئي.

 زميني علم جي ماهرن، ڌرتيءَ جي تاريخ کي بهتر ۽ سولي نموني سان سمجهڻ لاءِ انهي کي وقت جي الڳ الڳ ڀانڱن ۾ ورهايو آهي. وقت جي انهي ورڇ ۾ سڀ کان پهريون ائانس Eons اچن ٿا. ڌرتيءَ جي تاريخ کي چئن ائانس ۾ ورهايو ويو آهي، سڀ کان پهريون(4.54 Billion Years) Hadean Eon ٻيو نمبر Archean Eon (4 billion years)، ٽيون نمبرProterozoic Eon (2.5 billion years)، ۽ آخري Phanerozoic Eon   آهي جيڪو اڄ کان 541 ملين سال اڳ شروع ٿيو هو.

ائان  ائين سمجهو ته جيولاجيڪل ٽائم جو وڏي ۾ وڏو ايڪو آهي جيڪو انسانن پاڻ جوڙيو آهي جيئن وقت جي هڪ وڏي حصي کي آساني سان ورهائي سگهن. سڀني ائانس ۾ فينيروزوئڪ ائان بحث جوڳو آهي جو اڄ موجود سموري جيوت فينيروزوئڪ ائان ۾  اسري آهي.

 فينروزوئڪ وڌيڪ ٽن دورن Eras ۾ ورهائيل آهي ۽ هر دور هڪ جيوت جي نئي روپ کي ظاهر ڪري ٿو. فينيروزوئڪ ۾ سڀ کان پراڻو دور پاليوزوئڪ Paleozoic آهي. انهي کان پوءِ ميسوزوئڪ Mesozoic ۽ اڄ جو دور سينوزوئڪ Cenozoic  يعني نئين زندگي. جيڪو اڄ کان 66 ملين سال اڳ شروع ٿيو هو. 

 زندگي ائين ئي ساهيون پٽيندي پٽيندي اڄ موجودهه شڪل ۾ اسان جي آڏو کڙي آهي. فينيروزوئڪ ائان ۾ زندگي لڳ ڀڳ 11 ساهيون پٽيون آهن. جيولاجيڪل ٽائم ۾ انهن يارنهن ساهين کي زمانن Periods  ۾ ورهايو ويو آهي يعني ائان کي ايرا ۾ ورهايو ويو ۽ ايرا کي وڌيڪ پيرئڊس ۾. جنهن ۾ پهريون پيرئڊ ڪيمبرين Cambrian   ۽ اڄ وارو زمانو نيوجيني Neogene آهي انهي کان علاوه آرڊو ويشين يا سيلورين Ordovician_ Silurian پيرئڊ پڻ فينيروزوئڪ ائانس جا دور آهن.

 جاندارن جي اهيا ورڇ جبلن ۾ محفوظ ٿيل پنڊ پهڻن ۽ پراڻن پٿرن جي عمر تي موجود آهي. مثلن سڀ کان پراڻو پٿر 4 بلين سال اڳ جو آهي. انهي جي بنياد تي ڌرتيءَ جي عمر 4 بيلن سال اڳ جي آهي. ساڳي ريت اوائلي زندگيءَ جا پنڊ پهڻ لڳ ڀڳ 3.5 بلين سال اڳ جا آهن ۽ ائين زندگي جي شروعات 3.5 بلين سال لکي وڃي ٿي. پر زندگيءَ ۾ جيڪا اوسر، اووليوشن آيل آهي اها اڄ کان 500 ملين سال اڳ ڪيمبرين پيرئڊ ۾ ملي ٿي. اڄ موجود سمورا جاندار، ڪرنگهي وارا، بنا ڪرنگهي وارا، جيت وغيره جا پنڊ پهڻ ڪيمبرين پيرئڊ جا آهن. زندگيءَ جي اهڙي اوچتي اوسر جي ڪري ڪيمبرين کي ڪيمبرين ايڪسپلوجن Cambrian Explosion  به چيو وڃي ٿو.

  زندگيءَ جي اهيا نرواڻ اڳتي آرڊووشين Ordovician  پيرئڊ ۾ داخل ٿئي ٿي. هي پيرئڊ اندازن 45 ملين سال ڪائم رهيو. آرڊووشين يگ ۾ لڳ ڀڳ زمين سموري سمنڊ هئي. خشڪي وارا علائقا سمورا ملي ڪري هڪ کنڊ جي شڪل ۾ موجود هئا جنهن کي گنڊوانا Gondwana چيو وڃي ٿو.

آرڊووشين پيرئڊ پنهنجي بنا ڪرنگهي جي سامونڊي جيوت لاءِ مشهور هو. تباهي جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن آرڊووشين پيرئڊ جي ماحول ۾ موسم مٽجڻ لڳو. موسم جي مٽجڻ ڪري ان وقت جون سپيون جن کي براچيوپاڊس چئجي ٿو، ڪورل (سمنڊ جي تهه تي موجود مختلف رنگين پٿر جيڪي جيڪي ڪورل ٺاهيندا آهن) ، انهي وقت جون Star Fishes، مالسڪ  Mollusk( بنا ڪرنگهي وارن جانورن جو هڪ وڏو گروهه) ۽ ان وقت جا سامونڊي جيت يعني ٽرائلوٻائٽس Trilobites وغيره لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو ختم ٿي ويا.

آرڊووشين جي آخر ۽ سلورين جي شروعات ۾ آيل انهي تباهيءَ، آرڊووشين جي پنجياسي سيڪڙو سامونڊي جيوت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هيءَ تباهي سمجهو وڃي ٿو الڳ الڳ مرحلن ۾ آئي هئي. قديم حياتيات ڄاڻو Paleontologist مطابق انهي جي شروعات سڀ کان پهريون آرڊووشين پيرئڊ جي آخر ۾ ٿي. ان وقت ماحول هلڪو گرم هئو ۽ ماحول ۾ جام گهم موجود هئي. جڏهن گونڊوانا کنڊ ڏکڻ قطب تي فري ويو ته ان دوران برف جا پهاڙ Glaciers  ٺهڻ لڳا. ڇو جو آرڊووشين جا سمورا جيو تراکڙي سامونڊي پاڻيءَ ۾ ڪنارن طرف هوندا هئا ۽ جيئن برف جا پهاڙ ٺهڻ شروع ٿيا ته سمنڊ جو چاڙهه گهٽ ٿيڻ لڳو جنهن ان تراکڙي جيوت جي ماحول کي جنهن ۾ هو رهن پيا گهٽائي ڇڏيو. سمنڊ جي چاڙهه ۾ گهٽتائيءَ ڪري سمنڊ مان سيليڪيٽ جا پٿر Silicate Rocks ظاهر ٿيڻ لڳا جن هڪ دم ماحول مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ کي گهٽ ڪري ڇڏيو ۽ پورو پاڻي ڏسندي ئي برف ۾ بدلجي ويو ۽ هڪ سرد دور Ice Age جي شروعات ٿي. انهي ماحول جي اتار چڙاهه سڀ کان وڌيڪ ان جيوت کي نقصان ڏنو جيڪي هڪڙي ئي ماحول ۾ ۽ گرمي جا آدي هئا. ماحول جي اهڙي تبديل ۽ گرمي جي گهٽتائي انهن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏنو.

تباهيءَ جو ٻيو مرحلو سلورين Silurian  پيرئڊ ۾ شروع ٿيو جنهن دوران برف رجڻ لڳي ۽ ماحول هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ٿيڻ لڳو پر انهي دوران آڪسيجن تمام گهٽ ٿي وئي. پهرئين مرحلي ۾ اندازن 60 سيڪڙو سامونڊي جيوت اجل جو شڪار ٿي ۽ بچيل سلورين جي شروعات ۾ آڪسيجن جي گهٽ ٿيڻ ۽ ماحول ۾ زهريلي سلفائڊ Sulfide جي پيدا ٿيڻ سان ختم ٿي وئي...

زندگيءَ جي شروعات کان پوءِ ڪيمبرين ۾ آيل لاجواب اووليوشن آرڊووشين Ordovician پيرئڊ تائين جواني ماڻي ورتي هئي. پنڊ پهڻن ۾ موجود ڪيمبرين، آرڊووشين، ۽ سلورين جي جيوت جا ثبوت انهي ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا ته اڄ جي جيون جا سمورا ڇيڙا انهن سان ملن ٿا. ماحول ۾ آيل اهڙي تبديلي هڪ طرف جتي جاندارن کي پوريءَ طرح سان لڳ ڀڳ ختم ڪري ڇڏيو هو اتي ئي چارلس ڊارون واري ڳالهه سروائول آف فٽيسٽ کي پڻ ٽيڪ ڏني پئي ۽ بچيل جيوت ان قابل ٿي ته بدليل ماحول ۾ پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرتيءَ تي رهڻ لائق بڻائي.

 

No comments:

Post a Comment