Tuesday, May 18, 2021

نند، موبائل فون ۽ ٿيندڙ بيماريون

ننڊ، موبائل فون ۽ ٿيندڙ بيماريون 

ذيشان علي سولنگي


موبائل جو گهڻو استعمال اسانجي ننڊ تي هاوي ٿيندو ٿو وڃي. ماڻهو رات جو ٻه بجي تائين ان جو استعمال ڪري وري صبح جو سوير جاڳي پاڻ کي صحت مند سڏين ٿا. پر ائين نه آهي. ٿوري ننڊ، گھڻي موبائل يا ان جهڙيون روشني خارج ڪندڙ ٻيون شيون انسان لاءِ مٺو زهر آهن.

موبائل فون، ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ ٻيون ٽيڪنالاجيون اسان جي وجود جو هڪ اهم حصو ٿي پيون آهن. ان کان سواءِ انسان پاڻ کي زندهه ئي نه سمجهي ٿو پر ائين نه آهي! اسان جي  زندهه رهڻ لاءِ، ننڊ، کاڌي ۽ پاڻيءَ کان پوءِ ٽين اهم ضرورت  آهي. اڻ پوري ننڊ اسان ۾ آرث، سستي، ڊپريشن ۽ ٻين بيمارين کي جنم ڏئي ٿي.

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٽيڪنالاجي جو استعمال ننڍڙن ٻارن کان ويندي، پڪن توڙي پوڙهن ۾ عام ٿي ويو آهي. ڪو به اڄ ان کان آجهو نه آهي. پر شايد ٿورڙن کي ئي خبر هوندي ته اهيا ٽيڪنالاجي ڪهڙي طرح انسان ۾ بيمارين کي جنم ڏئي ٿي.

ننڊ جو انسان جي صحت ۾ اهم ڪردار آهي. ننڊ وقت انسان جو جسم پاڻ ۾ مختلف عضون جي مرمت، ۽ غير ضروري، بيڪار ۽ زهريلن مادن جي صفائي ڪندو آهي. پر انهي عمل لاءِ وقت گهرجي جيڪو اڄ جي وقت ۾ اسان ناهيون ڏيندا ۽ پوءِ، ٿولهه، شگر، ڪينسر ۽ دل جي بيمارين کان الاوهه ٻين مرضن ۾ مبتالا ٿي ويندا آهيون.

موبائل فون، هڪ اهڙو آوشڪار آهي جيڪو اڄ جي جُڳ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ عام شئي آهي. امير توڙي غريب ان کان پورو پورو واقف آهي. موبائل فون جتي رابطي جو هڪ اهم ذريعو آهي اتي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ تفريح جو به اهم مرڪز آهي جنهن ڪري هر عمر جي فرد لاءِ هي هڪ اهم ضرورت ٿيندي پئي وڃي. پر هن جو استعمال تيستائين مسبت آهي جيسين اوهان پاڻ انهي ۾ وقت جي ورڇ کي برقرار رکو ٿا.

انسان جي اک روشني کي محسوس ڪرڻ لاءِ ٺهي آهي. هوءَ روشني جو هڪ حواس آهي. پر اها صرف ڏسڻ لاءِ ڪم ناهي ايندي پر ان جا لڪل ٻئي به ڪم آهن جيڪي عام انسان جي ذهن ۾ به نه هوندا. روشني کي محسوس ڪري اک اسان جي دماغ کي ٻڌائيندي آهي ته رات آهي يا ڏينهن ۽ انهي معلومات جي بنياد تي اسان جو جسم ڪم ڪندو آهي. اسان جي اندر لڳل حياتياتي گهڙيال اسان جي جسم ۾ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي مختلف حصن جي ڪمن کي ڪنٽرول ڪندو آهي. ان کان الاوهه اسان ۾ جاڳڻ ۽ ننڊ ڪرڻ جو وقت به سيٽ ڪندو آهي پر اهو به انهي اک جي حساب سان هلندو آهي.


اک ماحول مان ملندڙ روشني جو پيغام دماغ کي ڏيندي آهي ۽ دماغ ڏينهن رات جو فرق ڪري جسم ۾ ٿيندڙ مختلف عملن کي ڦيرائيندو رهندو آهي. اهيا روشني گهڻو ڪري ماحول ۾ سج کان ايندي آهي، جيسين تائين، بلب، TV، ڪمپيوٽر، ۽ ٻيا مسنوعي روشني کي خارج ڪندڙ شيون وجود ۾ نه آيون.

روشني ايتري ته تيز آهي جو اها اسان کي اڇي رنگ ۾ نظر ايندي آهي. پر حقيقت اهيا آهي ته اها مختلف رنگن جي ٺهيل آهي. انهي جو بهترين مثال مينهن کان پوءِ آسمان ۾ انڊ لٺ جو ٺهڻ آهي. جڏهن روشني ڪنهن اهڙي شئي مان گذرندي آهي جنهن ۾ انهي جي رفتار گهٽ ٿي وڃي ته اها الڳ الڳ رنگن ۾ ٽٽي پوندي آهي. اهيا خبر اسان کي ناهي پوندي جو اها تيز رفتار سان سفر ڪندي آهي. هاڻ اها ڀلي اسان کي محسوس نه ٿي پر اسان جي اک اندر ڪجهه خاص جيوگهرڙا انهي کي محسوس ڪري سگهندا آهن، خاص ڪري نيري روشني کي. 

روشني ۾ نيرو رنگ ٻين کان ڪجهه وڌيڪ اهميت وارو آهي جو اسان ڏينهن ۽ رات جو فرق انهي جي موجودگيءَ ۾ ڪري سگهندا آهيون. هاڻ جنهن به شئي مان اهيا روشني خارج ٿئي انهي ۾ اهيو نيرو رنگ به ساڻ هوندو آهي جيڪو اسان جي دماغ کي ٻڌائيندو آهي ته اڃان ڏينهن آهي. جيڪي روزانو رات جو پنهنجي سمهڻ وقت فون يا ٽيوي جو گهڻو استعمال ڪندا آهن ته انهن جي دماغ کي لڳندو آهي ته اڃان ڏينهن آهي ۽ اهو انهن کي پوءِ جاڳائي رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهي.

Biological Clock کي جنهن وقت خبر پوندي آهي ته رات آهي يا ان ماڻهو جي سمهڻ جو وقت ٿيو آهي ته اهو جسم ۾ ميلاٽونن Melatonin نالي هارمون رليز ڪرائيندو آهي جيڪو ننڊ جو سبب بڻبو آهي. پر جڏهن ماڻهو ڪڏهن جلدي ڪڏهن دير سان بي ترتيب ننڊ ڪندو آهي ته ان ۾ اهيو هارمون صحيح تريقي سان جاري نه ٿيندو آهي جنهن ڪري رات جو ته جلدي ننڊ نه ايندي آهي پر جلدي اٿڻ ڪري ڏينهن جو به آرث، خمار ۽ ننڊ هاوي رهندي آهي ۽ انهي ڪري ماڻهو پوري طرح پنهنجو ڪم به ناهي ڪري سگهندو.

ننڊ دوران جسم ڇا ڪندو آهي ؟

سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ دوران دماغ ۾ زهريلا مادا پيدا ٿيندا آهن، سٺي ۽ پوري ننڊ دوران جسم انهن کي صاف ڪندو آهي.

سڄي ڏينهن جي اجائي ۽ بيمقصد ياداشت کي دماغ ختم ڪندو آهي ۽ اهم ڳالهين کي هو سيو ڪندو ويندو آهي.

ننڊ دوران هڪ ٻيو اهم ڪم دماغ جسم ۾ واڌ جو هارمون جاري ڪرائيندو آهي جيڪو جسم جو وڪاس ڪرائيندو آهي.

هي ڪجهه اهم ڪم ننڊ ڪرڻ وقت ٿيندا آهن جڏهن سٺي ۽ پوري ننڊ ٿيندي آهي پر جڏهن اها نه ٿئي ته پوءِ ڇا ...؟ پوءِ انسان ۾ اهي زهريلا مادا گڏ ٿيندا ويندا آهن دماغي بيمارين جو سبب بڻجندا آهن. دماغ جي سکڻ ۽ ياد ڪرڻ واري صلاحيت هوريان هوريان گهٽ ٿيندي ويندي آهي، واڌ وارو هارمون رليز نه ٿيڻ ڪري ذهني نشو نما به ناهي ٿي سگهندي ۽ مختلف بيماريون گهر ڪنديون وينديون آهن.

آخر ڪيتري ننڊ ڪرڻ گهرجي ؟

عمر سان گڏ ننڊ جو مقدار به تبديل ٿيندو ويندو آهي. مختلف رسرچ جي بنياد تي؛

6 کان 12 سالن جي عمر ۾ 9 کان 12 ڪلاڪ ننڊ لازم آهي.

13 کان 18 سالن جي عمر ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي.

18 کان 60 سالن جي عمر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي.

60 کان مٿي جي عمر وارن ۾ 9 ڪلاڪ ننڊ اهم آهي.

صرف ننڊ ڪرڻ لازمي ناهي  پر ان جي ڪوالٽي به اهم آهي. هڪ ڪوالٽي ننڊ حاصل ڪرڻ لاءِ وقت تي سمهڻ ۽ وقت تي جاڳڻ اهم هوندو آهي. اڻپوري ۽ بي ترتيب ننڊ ڪنهن به طريقي سان سٺي ناهي هوندي، انهي لاءِ ننڊ جو مخصوص وقت هئڻ  ضروري هوندو آهي.

سٺي ننڊ ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي ؟

موبائل فون يا ٻيون شيون جهڙوڪ ڪمپيوٽر، ٽي وي وغيره اسان جي روز مرهه جي زندگيءَ جون اهم ضرورتون آهن اسان انهن کي ائين زندگي مان ختم نٿا ڪري سگهون. انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اڄ ڪلهه نيري روشني جا فلٽر موجود آهن. انهن جو استعمال اسڪرين مان نڪرندڙ نيري روشني کي گهٽائي ڇڏيندو آهي جنهن ڪري دماغ کي غلط معلومات ناهي ملي سگهندي.


سمهڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪلاڪ اڳ موبائل بند ڪري رکڻ سان پڻ ننڊ پنهنجي    وقت  تي ايندي.

موبائل يا ڪمپيوٽر هلائڻ وقت اسڪرين جي روشني صفا گهٽ ڪرڻ سان به فائدو ٿي سگهي ٿو.


 ڇا ننڊ ئي سڀ ڪجهه آهي ؟

هن ليک ڪان پوءِ ڪيترن ننڊ جي اهميت کي سمجهيو هوندو ۽ جيڪي گهڻو وقت سمهڻ ۾ گذارن ٿا سي ته ننڊ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳندا پر ائين ناهي ڪابه شئي حد کان وڌيڪ نقصان ڪار هوندي آهي پوءِ اها ننڊ ڇو نه هجي. انهي لاءِ هميشه پوري ۽ گهربل ننڊ ڪجي جيئن صحت برقرار رهي.

ننڊ جسم جي هڪ اهم خاصيت آهي، انهي دوران جسم پاڻ کي فڪس ڪندو آهي، پاڻ مان زهريلن مادن کي خارج ڪندو آهي. عمر جي وڌڻ کي ڪنٽرول ڪندو آهي ازانسواءِ قوتِ مدافع IMMUNE SYSTEM ننڊ دوران بهتر ٿيندو آهي جنهن ڪري عام بيمارين کان انسان محفوض هوندو آهي. ننڊ دوران ٻيا به کوڙ سارا اهم ڪم ٿيندا رهندا آهن جيڪي اسان جي جسم کي مضبوط ۽ صحتمند رکندا آهن. انهي لاءِ ننڊ سان ڇيڙ ڇاڙ يعني پنهنجي صحت خراب ڪرڻ آهي.

ڪوشش ڪجي ته پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ جسم کي پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پورو پورو موڪيو ڏجي جيئن انسان جسماني توڙي ذهني پيڙا کان محفوظ رهي.





11 comments:

  1. معلومات سان ٽمٽار آرٽيڪل

    ReplyDelete
  2. تمام سٺي ڄاڻ ڏني اوھان. زبردست

    ReplyDelete
  3. تمام سٺو پر هميشه وانگر ڪجھ گرامر جون غلطيون آهن پر ڪارآمد آهي ، سڄو مسئلو موبائل فون ڪيو آهي استعمال ڇڏي بہ نٿو سگهجي وقت جي ضرورت آهي .

    ReplyDelete
    Replies
    1. جي بلڪل ادي، مان پوري ڪوشش ڪندو آهيان غلطي نه ڪرڻ جي 🙈🙏

      Delete
  4. بھترين ڪاوش ننڊ جي متعلق. حقيقتن اسان ننڊ کي ايترو سيريس ناھيو وٺندا ۽ ڪيترن ئي بيمارين جي ور چڙهي ويندا آھيون جيئن اوھان لکي آيا آهيو اوھانجو ھي تفصيلي نوٽ ڏاڍو ڪارائتو آهي جس ھجي اوھان کي پيارا

    ReplyDelete