Friday, May 7, 2021

ڊپريشن | نراشا

ڊپريشن

ذيشان علي سولنگي

هڪڙو موت اوهان جي جسم کي ماريندو آهي ۽ هڪ موت اوهان جي دماغ تي هاوي ٿي اوهان کي گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻائي ڇڏيندو آهي

ڊپريشن موت جو ٻيو نالو چئي سگهجي ٿو جيڪو اوهان کي پوري دنيا کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اوهان جي کلڻ جي خواهش کان ويندي ننڊ ڪرڻ جي عادتن کي به پنهنجي گرفت ۾ وٺندو آهي ۽ هوريان هوريان هڪ مقام تي اوهان جي جيئڻ جو حق به فٻائي وٺندو آهي !


آخر ڊپريشن آهي ڇا؟

ڊپريشن هڪ عام ذهني بيماري آهي جيڪا ڪيترن ئي سببن جي ڪري ٿيندي آهي. سماجي نفسياتي ۽ بائيولاجيڪل فيڪٽرس ملي ڪري ڊپريشن کي جنم ڏيندا آهن.

ڊپريشن، سوليءَ سنڌيءَ ۾ نراشا يا اداسيءَ جو نالو آهي. هن ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي هرطرف کان تنگ ڪندو ويندو آهي.

اسان وٽ ڊپريشن جا مريض اڪثر خودڪشي ڪري وجهندا آهن. ان جو مکيه ڪارڻ ان مرض جي مڪمل جانڪاري نه هئڻ آهي. ائين نه آهي ته هيءَ بيماري انسان کي جلدي اجل جو شڪار ڪري ڇڏي ٿي پر جي سهي وقت تي علم ٿي وڃي ته ان شخص کي بچائي سگهجي ٿو. اگر ڪو انسان گهڻي وقت کان ان مرض ۾ مبتلا آهي ته هو اٿڻ سان خود ڪشي نه ڪندو آهي پر ان بجاءِ هن جي روزانه زندگي متاثر ٿي پوندي آهي. نراشا جو شڪار انسان عام ڪم ڪار ۾ ڏينهون ڏينهن سست ٿيندو ويندو آهي اوستائين جو شروع ڪيل ڪم به ڪڏهن مڪمل ناهي ڪري سگهندو. هن جو مزاج ڪيڏي مهل خوش ته ڪيڏي مهل اداس ٿيندو رهندو آهي.

ورلڊ ھيلٿ اورگنائيزيشن WHO جي هڪ رپورٽ مطابق هرسال لڳ ڀڳ 264 ملين ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا ٿيندا آهن. ان کان سواءِ، دنيا ۾ سمورين بيمارين جي اڌ کان وڌيڪ ٿيڻ ۾ ڊپريشن جو وڏو هٿ آهي. هرسال 800000 ماڻهو ڊپريشن جي ڪري مري ويندا آهن جڏهن ته 15-29 سالن جي نوجوانن ۾ نراشا خودڪشي جو هڪ ٻيو سبب آهي. ڊپريشن جو اثر هلڪو ( Mild) ، پورو پنو (Moderate)، ۽ گنڀير (Sever) ٿي سگهي ٿو پر جي انهي جو علاج نه ڪيو وڃي ته وقت گذرڻ سان اها خطرناڪ صورت وٺي سگهي ٿو.

ڊپريشن يا نراشا جون علامتون:

·        نراش يا اداس رهڻ.

·        ڳالهين تي غور يا ويچار نه ڪري سگهڻ.

·        ڪو فيصلو نه ڪري سگهڻ.

·        سست رهڻ.

·        وزن جو گهٽ ٿي وڃڻ

·        لنڱن ۾ سور.

·        ننڊ جو نه اچڻ يا عام وقت کان وڌيڪ سمهڻ.

·        بک جو نه لڳڻ يا وري گهڻو کائڻ.

·        ۽ آخر ۾ خودڪشيءَ جا خيالات اچڻ وغيره، ڊپريشن جون علامتون آهن.


ٻارن ۾ ڊپريشن جا سبب
:

ائين نه آهي ته ڊپريشن جا شڪار صرف نوجوان ئي ٿي سگهن ٿا، پر ڊپريشن عام ٻارن ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿي. ان جي ڪارڻن جي ڳالهه ڪجي ته انهن جي جسماني صحت، زندگيءَ ۾ ٿيندڙ واقعات جهڙوڪ والدين يا گهر وارن جو دٻاءُ، يا سيڪشيول هراسمينٽ وغيره. يا ڪهڙي قسم جي خاندان يا ماحول ۾ وڌي ويجهي ٿو؛ جيئن چئجي ته گھريلو جھيڙا والدين جو ننڍي وڏي ڳالهه تي وڙھڻ اھو سمورو ٻار ۾ ذهني دٻاءُ جو سبب بڻجي ٿو. اها ڳالهه ٻين ملڪن جي والدين، يا اسان وٽ سٺن خاندانن جي اخلاق ۾ شامل آهي ته هو ٻارن جي سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن جن سان انهن جي ذهن تي اثر پئي

صرف معاشرو يا ماحول ٻارن ۾ ڊپريشن جو ڪارڻ نه آهي پر ڪي ٻار ان کي موروثي طور ورثي ۾ به کڻي ايندا آهن. اگر انهن جي خاندان ۾ ڪو اهڙو فرد جنهن کي جينياتي طور ڊپريشن هجي ته اها ان جي خاندان ۾ به داخل ٿيندي آهي.

نوجوانن ۾ ڊپريشن جا ڪارڻ:

نوجوانن ۾ به ذهني دٻاءُ نراشا جو سبب بڻجندو آهي. جڏهن هو پاڻ کي ٻين کان ڪمتر سمجهڻ لڳي يا سمجهي ته هن جي ڪا اهميت نه آهي يا هن جي زندگي بي مقصد آهي ته ان ۾ نرشا اسرڻ لڳندي آهي. ان کان علاوه ذهني دٻاءُ جا ڪارڻ پڙهائي ۾ گهٽ گريڊ يا مارڪون کڻڻ، يا خاندان ۾ ٿيندڙ مسئلا ڊپريشن جو سبب بڻجندا آهن.

عورتن ۾ ڊپريشن جو ڪارڻ پيرئڊس يا ٻار جي پيدائش جي ڪري به ٿيندو آهي جنهن دوران انهن جو مزاج اڪثر بدلجندو رهندو آهي.

عام ماڻهن ۾ گهرو جھيڙا ۽ بيروزگاري پڻ شامل آهن. ڪجهه ماڻهو وري حساس هئڻ ڪري اڪثر ڊپريشن جا مريض ٿي ويندا آهن. انهي وجاء سان اهي جلدي ڳالهين کي دل تي ٺندا آهن ۽ هميشه هڪڙي ڳالهه کي وٺي ڪري سوچيندا رهندا آهن، جنهن ڪري نراشا اڪثر انهن جو شڪار ڪندي رهندي آهي. جڏهن ته ڪجهه وري ماضيءَ ۾ ڪيل غلطين کي ويٺا دهرائيندا آهن جنهن ڪري به نراشا سندن مهمان بڻيل هوندي آهي.

نراشا جي سائنس :

جيئن ته نراشا هڪ ذهني بيماري آهي جنهن ڪري ان ۾ دماغ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن جو هڪ وڏو اهم ڪردار آهي. دماغ ڇا آهي ؟ دماغ ڪجهه خاص قسم جي جيوگهرڙن جو ٺهيل لٿڙو آهي جنهن جي خاصيت انسان ۾ سوچڻ، پرکڻ، ڀيٽڻ، ياد ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ، لفظن کي جوڙڻ، انهن کي اچارڻ، حالاتن مطابق مزاج تبديل ڪرڻ، ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پرکي انهن مطابق فيصلو ڪرڻ، جسم ۾ ننڊ کي آڻڻ، وقت تي جاڳائڻ کان ويندي کوڙ سارا ٻيا ڪم ڪرڻ وغيره هوندو آهي.

اهيو، ايترو سڀ ڪجهه دماغ ڪيئن ڪندو آهي؟ 

دماغ ڪجهه خاص قسم جي جيوگهرڙن جو ٺهيل آهي جيڪي ماحول مان مليل جانڪاريءَ کي سمجهي ان مطابق فيصلو ڪندا آهن.دماغي جيوگهرڙا اهيو سڀ ڪجهه، ڪن خاص قسم جي نيوروٽرانسميٽرن کي رليز ڪري سرانجام ڏيندا آهن. دماغي جيوگهرڙن کي نيورانس (تنتي جيوگهرڙا) چئبو آهي ۽ انهن مان جاري ٿيندڙ نيوروٽرانسميٽرن کي نيوروٽرانسميٽر جو نالو ڏنل آهي. ان قسم جا ٽرانسمٽر، جيوگهرڙا هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه لاءِ استعمال ڪندا آهن. پر جسم جي هر حصي ۾ انهن جو الڳ ڪم هوندو آهي.

دماغ، نيوروٽرانسميٽر پنهنجي حصن سان يا جسم ۾ موجود ٻين تنتي جيوگهرڙن سان جانڪاري جي ڏيتي ليتي لاءِ استعمال ڪندو آهي. نيوران جو هڪ ڇيڙو هزارين سنهڙين واران جهڙي ڄار Dendrites تي مشتمل هوندو آهي ۽ ٻيو پاسو ايگزان Axon Terminal ڇيڙي تي مشتمل هوندو آهي. هڪ نيوران ڊينڊرائڊس ذريعي ٻئي نيوران کان جانڪاري حاصل ڪندو آهي ۽ ٻيو نيران ان کان وري ايگزان ٽرمينل ذريعي ان کي وٺندو آهي. پر نيورانس ۾ هڪ ٻي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن نيوران-ايگزان جي وچ تي هڪ وٿي هوندي آهي. جڏهن نيوران برقي ڪيمائي Electro-chemical پيدا ڪري اک ڇنڀ ۾ جانڪاري ٻئي نيوران تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هيءَ وٿي جنهن کي Synapse چئبو آهي ان کي روڪي ڇڏيندي آهي. جڏهن ڪا جانڪاري سائنيپس تي پهچندي آهي ته اها، ڇوجو وٿي جي ڪري ٻئي تنتي جيوگهرڙي ۾ نٿي وڃي سگهي ته اها اتي موجود نيوروٽرانسميٽرن کي جاري ڪرائيندي آهي. اهي نيوروٽرانسميٽر ان وٿي جي ذريعي ٻئي نيوران ۾ ان پيغام کي ٻيهر برقي صورت ۾ جاري ڪرائيندا آهن ۽ ائين هڪ چين ٺهي ويندي آهي. تنتي نيوروٽرانسميٽر دماغ ۾ ان جي مختلف حصن کي بٽڻ جيان بند ۽ کوليندا رهندا آهن.

جسم جي مختلف حصن کي دماغ جا مختلف حصا ڪنٽرول ڪندا رهندا آهن ۽ ائين ئي مخصوص حصي جي ڪم کي گهٽ وڌ ڪري دماغ مختلف حالاتن کي ڪنٽرول ڪندو رهندو آهي. ڊينڊرائڊ ائين هرڪنهن نيوروٽرانسميٽر سان نيوران کي ايڪٽو ناهن ڪندا ۽ هر نيوروٽرانسميٽر جو ساڳيو ڪم به ناهي هوندو. اهيو سڀ ڪجهه ڊينڊرائڊ جي ڇيڙن تي موجود رسيپٽر Receptor جي ڪري ممڪن آهي ته هر نيوروٽرانسميٽر الڳ ۽ مخصوص پيغام ٽرانسفر ڪري سگهندو آهي. انهي کي ائين سمجهو ته تنتي نيوروٽرانسميٽر هڪ چاٻي آهن ۽ تنتي جيوگھرڙن جا ڊينڊرائڊ تالا. جيسين صحيح چاٻي نه لڳندي تيسين تالو نه کلندو ۽ هر ڊينڊرائڊ تي مختلف تالا موجود آهن جن کي خاص نيوروٽرانسميٽر کولي ۽ بند ڪري سگهندو آهي.

ريسرچ مطابق نراشا دماغ ۾ موجود اهڙن ئي نيوروٽرانسميٽرن جي گهٽ وڌ ٿيڻ جي ڪري ٿيندي آهي جن ۾ سيروٽونن Serotonin، نار اپي نيفرائن Norepinephrine, ۽ ڊوپامائن Dopamine شامل آهن ڇوجو اينٽي_ڊپريشن دوائون انهن نيوروٽرانسميٽرن ۽ انهن جي رسيپٽر تي اثر ڪنديون آهن.

تنتي نيوروٽرانسميٽر سيروٽونن، انسان ۾ ڪيترن ئي اهم حرڪتن کي ڪنٽرول ڪندو آهي جهڙوڪ ننڊ ڪرڻ، ڪاوڙ، کاڌو کائڻ، سيسڪشيل Sexual Behavior، ۽ طبيعت يا مزاج Mood وغيره. رسرچ مطابق انهي جي ڪمي ڪري ڪن ۾ ڊپريشن پيدا ٿئي ٿي. خاص ڪري مزاج جي تبديلي جنهن ڪري خودڪشي جا خيالات ڪن ۾ جنم وٺن ٿا.

 نار اپي نيفرائن Norepinephrine وري جسم کي پريشاني واري حالت Stressful کي سڃاڻڻ، سمجهڻ ۽ ان کي ريسپانس ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي. انهي جي گهٽتائي ڪري جسم اسٽريس واري حالتن کي صحيح طريقي سان منهن نه ڏئي سگهندو آهي.

جڏهن اسان ڪوئي ڪم پورو ڪري جيڪا خوشي محسوس ڪندا آهيون يا ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾ جيڪو مزو ايندو آهي اهو ڊوپامائن Dopamine، جي ڪري ٿيندو آهي. ڊوپامائن ڊپريشن جي مريضن ۾ گهٽ هوندو آهي ۽ اها ئي وجهه آهي انهن کي ڪوئي ڪم ڪرڻ وقت يا پورو ڪرڻ ۾ ڪائي خوشي محسوس ناهي ٿيندي. ان کان الاوهه ٻيا به ڪجهه اھڙا نيوروٽرانسميٽر هوندا آهن جيڪي ڊپريشن ۾ حصو وٺندا آهن.

هارمونس Hormones

انساني جسم ۾ سيل مختلف ڪيميڪلس جي ذريعي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ هوندا آهن. جيئن دماغ ۾ نيوروٽرانسمٽر هئا ائين ئي جسم جي ٻين عضون ۾ وري هارمونس سيلن وچ ۾ جانڪاري جي تبديلي ڪندا آهن. بس فرق اهو آهي ته نيوروٽرانمٽر سائنيپس ۾ تنتي سيلن جي وچ ۾ رابطي لاءِ استعمال ٿيندا آهن ۽ هارمونس وري جسم جي ٻين حصن ۾ رت جي ذريعي ڪم ڪندا آهن. هارمونس جسم ۾ خاص سيلن، اوڃن ۽ غدودن مان رت ۾ جاري ٿيندا آهن.

هائپوٿيلمس، دماغ جو اهو حصو آهي جيڪو دماغ ۽ غدودي سرشتي کي پاڻ ۾ ملائيندو آهي. جڏهن دماغ کي لڳندو آهي ته سامهون ڪو خطرو وغيره آهي ته هو اسٽريس هارمون کي جاري ڪرائيندو آهي جيئن موجوده حالت تي باڊي ريئڪٽ React ڪري سگهي پر ڊپريشن جي مريض ۾ اهيو هارمون ڪجهه وڌيڪ موجود هوندو آهي.

ان کان الاوھ، ٻيا غدود جهڙوڪ نڙيءَ ۾ ٿائرائڊ گلينڊ مان گهٽ مقدار ۾ هارمون جو جاري ٿيڻ نراشا کي جنم ڏيندو آهي. بڪين جي مٿان موجود ايڊرنل گلينڊ مان ڪارٽيسول ڊپريشن جي مريضن ۾ وڌيڪ هوندو آهي، ۽ ٻيا عضوا جن ۾ غدود پيدا ڪندڙ سيل موجود آهن مثلن عورتن ۾ ٻچي داني مان جاري ٿيندڙ ايسٽروجن Estrogen نيوروٽرانسميٽر سيروٽونن ۽ اپي نيفرائن جي ڪم کي متاثر ڪري ٿو جنهن ڪري عورتن ۾ پيريئڊس(periods)، ٻار ڄمڻ ۽ مينوپاز (Menopause) وقت اڪثر ڪي عورتون ڊپريشن جو شڪار ٿي وينديون آهن.

مڙن ۾45  سالن کان پوءِ هارمون ٽيسٽواسٽيرون (Testosterone) جي ڪمي ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن ڪري به ڊپريشن ڪن مڙدن ۾ ڊپريشن ٿي آهي.

ڊپريشن کان بچاءُ:

اگر اوهان ڊپريشن جا شڪار آهيو ته اوهان کي گهرجي ته روزانو ورزش کي عام ڪريو. جسماني ورزش نه صرف اوهان کي جسماني تور صحت مند رکي ٿي پر ذهني تور به اوهان کي سڪون بخشي ٿي. ان کان علاوه نراشا وقت مزاحيه فلمون يا ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان ڊپريشن ۾ ڪمي اچي ٿي.

 آس پاس ماڻهن سان ميل ميلاپ پڻ ڊپريشن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مفيد آهي. انسان کي گهرجي ته هو ڪوشش ڪري پازيٽو ماڻهن جي وچ ۾ رهي. ماضي کي وساري نئي زندگيءَ جي شروعات ڪري، هڪ ئي ڳالهه کي گهڻو وقت نه سوچي.


No comments:

Post a Comment