Saturday, April 11, 2020

ڌرتي ڪيئن ڄائي ؟

ڌرتي ڪيئن ڄائي؟

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



ڏينهن مهل ڪنهن کُليل هنڌ تي بيهي جاڏي ڪاڏي نهار اڇلائڻ سان هڪدم ڄاڻي وٺبو ته ڌرتي ڄڻڪ هڪ ويڪرو فرشُ/پَٽُ هجي، جنهن جي سڀني پاسن تي ڀِت جيان آسماني رنگ جھڙو ۽ لَسو پردو گولائون مٿي ٿيندو وڃِي اُڀ ٿئي ٿو ــــــــــــ هڪ گُنبذ، جنهن هيٺان فرش تي اسين بيٺا هجون. ان گنبذ جھڙي آسماني رنگ واري گولائين ڍڪڻ کي “آسمان” سڏيو وڃي ٿو. ڪَڪَرَ نه هجن ته سج چمڪندي نظر ايندو.
رات جو ساڳي هنڌ بيهي “آسمان” ۾ نظر وجھڻ سان نظارو ئي ٻيو نظر ايندو. سڀني پاسن تي ۽ اڀ ۾ ننڍا وڏا روشن ۽ ٽمڪندڙ ٽبڪا/جسم لکن جي ڳڻپ ۾ نظر ايندا جن کي تارا/ستارا سڏيو وڃي ٿو. ڌيان ڏئي ڏسڻ سان، سُڌ پوندي ته انهن جي بِيهڪ هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ اڳتي پوئتي آهي: ڪي ويجھا آهن، ته ڪي ڏاڍا پري. اهو ساڳيو لقاءُ ڏينهن جو نظر ڇو نه ٿو اچي؟ ڇا سج “آسمان” کان هيٺ آهي؟ چنڊُ موجود هوندي، چنڊَ ويجھو تارا گھٽ ۽ جَھڪا نظر اچن ٿا، سو ڇو؟ سياري ۾ “آسمان” جو لقاءُ هڪ آهي، ته ساوڻ ۾ ٻيو، ڇا “آسمان” بدلجي وڃي ٿو يا اهو هوري هوري سُرندو رهي ٿو؟ هِي جيڪي تارا نظر اچن ٿا، سڄيءَ ڪائنات ۾ رڳو اهي ئي آهن يا ڪي اهڙا به آهن جن تائين اسان جي نظر نه ٿي پهچي؟ تارن، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي، اهي سڀ شيون وجود ۾ ڪڏهن آيون ۽ ڪيئن ٺهيون؟
اهڙا ڪيترائي سوال سُڄاڻ ماڻهن آڏو رهيا، ۽ ڄاڻ لاڳيتو وڌندي رهي. اڄ ڄاتو ويو آهي ته سنسار/ڪائنات اڻکُٽ آهي، ان جي ڪا به آخري حد ناهي، ان جو ڪو به دنگُ، ڪو به ڇيهه ناهي. سنسار بابت نِت نيون کوجنائون ماڻهوءَ کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تپرس ۾ وجھنديون پيون وڃن.
وائڙو ڪندڙ سنسار ماڻهوءَ لاءِ سدا کان انوکو ۽ عجيب رهيو آهي. ان تي سوچ ويچار ۽ ان بابت پُڇا ڳاڇا ٻالجتيءَ کان ئي شروع ٿي وڃي ٿي. ساڳيءَ طرح ڌرتيءَ جو اسرارن ڀريو اڻکٽ خزانو آهي ــــــــــــ ڌرتي ماڻهوءَ ته ڇا، هر ساهواري جي “وڏي ماءُ” آهي، ان تان ئي اسين، اسان جو ابو امڙ، اسان جا وڏڙا پنهنجو رزق/کاڌ خوراڪ هٿ ڪري جِيئِي سگھيا آهن.
ڌرتي ڇا جي ٺهيل آهي؟
ڌرتي ڪيئن ٺهي؟
ڌرتي ڪڏهن وجود ۾ آئي؟
اهي ۽ اهڙا ڪجھه ٻيا سوال سندس سوچ ۽ سمجھه کي سدائين ڇڪيندا ۽ ڌوڻيندا رهيا.
جوابَ، ڪنهن ڪيئن ڏنا، ته ڪنهن ڪيئن.
اوائلي ماڻهوءَ کي ڄاڻ ۽ سمجھه گھٽ هئي پر هُو سچ ۽ حق جو ڳولائو ۽ هر شيءِ جي غير وهمي پرک ڪندڙ هو. پوءِ، جڏهن طبقا پيدا ٿيا تڏهن ڦورو طبقن جي ڦورو مفادن جا رکوالا “عالم” ۽ ڌرمي/مذهبي اڳواڻ انهن ۽ اهڙن سوالن جا جواب ايڏا ته ڄَٽاڻا ڏيندا هئا جو ڳالهه کي صحيح سمجھڻ بدران ماڻهن جي ذهنن ۾ وهم، وِسوِسا ۽ ڪُوڙا ڀَرم ڀرجي ويا. انهن “اڪابرن”، جيڪي هئا ته ڄَٽ ۽ ڪُڄاڻُو پر پاڻ کي عالم سڏائي ماڻهن کي ڦريندا هئا، عام ماڻهن کي ٻڌايو ته ڌرتيءَ سان گڏ سڄو سنسار ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ/لقاءُ ڪِن ديوِيُن ۽ ديوتائن، خدائن، اِلهن ۽ اِلهڙين پيدا ڪيو هو، تنهنڪري انهن جي پُوڄا ڪيو، “نذرانا” ڏئي کين راضي رکو ۽ توهان کي جيڪو ڪجھه اسين ٻڌايون، ان تي ئي ويساهه/ ڀروسو ڪيو ته ڇوٽڪاريل رهندَو. اهڙن “ڄاڻن” جا جيترا وات اوتريون ڳالهيون ـــــــــــــ هر ڳوٺ، قبيلي ۽ علائقي ۾ نت نيون، آڏيون ابتيون ڳالهيون پيون هلنديون هيون، ۽ اڻڄاڻُ رکيلَ ماڻهو هِڪڙا ڀروسا ڪري، اهي ڇڏي، وري ٻيا ڀروسا ڪندا رهيا. ديوين ديوتائن جا اهي تصور حقيقت ۾ قبيلي جي سردارن يا علائقي جي حاڪمن ۽ انهن جي زالن جا نقلي ۽ عڪسي تصور هئا. پوءِ جڏهن بادشاهن جي بادشاهه يعني شهنشاهه جي حڪمراني قائم ٿي، ته خدائن جي خدا يا ديوتائن جي ديوتا يعني هڪ وڏي ديوتا جو تصور به ٺهيو. ٻي پاسي هر ان شيءِ جي پُوڄا به ڪئي ويندي هئي جيڪا ڪنهن به طرح ڏاڍي سگھاري هجي جيئن وڻن کي لوڏيندڙ هوا، ڪاٺ کي ساڙيندڙ باهه، هر شيءِ کي لوڙهيندڙ يا ٻوڙيندڙ پاڻيءَ ۽ اهڙين ٻين شين جي.
هاڻي جيئن جيئن سچي ڄاڻ ۽ صحيح سمجھه وڌي رهي آهي تيئن اهي ڪُوڙا، ڄٽاڻا وهم گھٽجي رهيا آهن.
اوائلي سنڌ (سنڌ-هند) ۾ (عيسوي سن جي ابتدا کان لڳ ڀڳ 6- سَو ورهه اڳ) ڌرتيءَ ۽ سنسار بابت ۽ ٻي هر شيءِ تي سوچ ويچار ڪندڙ ماڻهن جو چرواڪ سڏجندڙ ٽولو ٿي گذريو آهي، جيڪي لوڪايَت نظريو رکندڙ هئا. برِيهاسپتي نالي هڪ سالڪ/رشِيءَ/ڏاهي کي، جيڪو ڄڻ ته ڏند ڪٿائي تصور آهي، لوڪايت جو بڻ رکندڙ سمجھيو وڃي ٿو. هن مَتي/نظريي موجب، سنسار جي هر شيءِ (سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ، وڻن ٻُوٽن، پکي پکڻن ۽ ماڻهن مِرُن سميت) چَئن جُزن جي ٺهيل آهي. هر شيءِ جو هر گُڻ، هر رُوپ، هر عمل انهن چئن جزن جي گھٽ وڌ ڳڻپ سبب هو. مثال طور، اڄ اسين ڄاڻون ٿا ته آڪسيجن جا ٻه ايٽم (اڻا، جزا، ذرڙا) ۽ هئڊروجن جا ٻه ايٽم پاڻ ۾ مِلي هئڊروجن آڪسائيڊ نالي هڪ پاڻياٺ ٺاهن ٿا پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ايٽم ۽ هئڊروجن جا ٻه ايٽم هجن ته پاڻي ٺهي پوندو. هئڊروجن پَر آڪسائيڊ ۽ پاڻي جي گُڻن ۾ ڏينهن-رات جھڙو فرق آهي. چرواڪن جو خيال هو ته اهي چار اهم جزا هئا:
1. مِٽِي، 2. پاڻي، 3. باهه، ۽ 4. هوا.
ڪجھه گِرنٿن (اصل ليکن/لکيتن/لکڻين) ۾ پنجون جزو به بيان ڪيل آهي. يورپ ۾ پڻ ڪجھه عرصو اڳ تائين سمجھيو ويندو هو ته سنسار جي هر شيءِ مٿي ڄاڻايل چئن جُزن ۽ پنجين جزي “اِيٿر” جي گھٽ وڌ ميلاپ سبب ٺهيل آهي. چرواڪن جي خيال موجب سنسار جو ڪو به ڌڻي، مالڪ، خلقيندڙ نه هو ۽ نه وري سنسار پنهنجيءَ جوڙجڪ ۽ ڦيرڦار لاءِ ڪنهن ڌڻيءَ جو ڳيجھو هو.
چِينين جو ويساهه هو ته ڌرتي ۽ آڪاس، اوائل ۾، هڪ ٻي جي ڀاڪر ۾ ڀريل، زال مڙس هئا، جن کي ڪنهن مَهان-سگھه ڇِڪي، ڇِنهي ڌار ڪيو ۽ ڌرتيءَ کي پَٽَ جيان وِڇايو ته آڪاس کي ان مٿان ڇَٽ جيان تاڻي جھليو. ان تصور سان ئي ڪجھه ملندڙ جلندڙ پر وقت ۽ علائقي جي وڇوٽيءَ سبب ڪجھه فرق رکندڙ خيالَ بابل ۽ مصر جي سڀيتائن ۾ به ملن ٿا. قديم يوناني اڪابرن جا گھڻا خيال ته چرواڪن سان ملندڙ هئا پر انهن وٽ ديوي ديوتائن جو تصور به هو.
ڏيهه ڏيهه جا ڏاها ۽ سياڻا پنهنجيءَ پنهنجيءَ سوچ ۽ سمجھه پٽاندر سنسار تي ويچار ڪندا رهيا. نيٺ ڪاپرنِيڪَس، گَلِيلو ۽ ڪِپلر نالي فلڪڄاڻڪ/تاراڀياسڪ (تارن بابت ڄاڻ رکندڙ) ئي هئا جن سج چوڌاري ڦرندڙ گِرهن جا ڪجھه مَتا ڳولي لڌا. ڪجھه عرصو پوءِ نِيُوٽن ٻڌايو ته سنسار جي مادي جو هر ذرو ڳوراٺ (Gravity) (پاڻ يا پنهنجي وچ/ڳَر ڏانهن ڇڪِيندڙ سگھه) رکي ٿو ۽ ٻي هر ذري تي اثر وجھي ٿو ـــــــــ اهڙيءَ طرح سنسار جا اسرار ٻاڦورجڻ لڳا.
1609ع ۾ پَرويک (دُوربيني، ٽيليسڪوپ) جي ايجاد سان تارا ڄاڻڪن کي اهو وجھه ملي ويو ته هر گِرهه/سياري ۽ تاري/ستاري کي ويجھو ڪري جاچي سگھن.
انهن ڏٺو ته سج-سرشتي جا سمورا گرهه سجَ چوڌاري ساڳي ئي ڏِس ۾ چڪر هڻي رهيا آهن ۽ پنهنجيءَ “سَرائِيءَ” تي به ان ئي ڏِس ۾ ڦرن ٿا. هنن اهو به ڄاتو ته سج پڻ پنهنجيءَ “سرائيءَ” تي ڦري ٿو. هنن سج کان ان جي چوڌاري ڦرندڙ گرهن جو فاصلو به ماپڻ شروع ڪيو جنهن ۾ پڻ هڪ مناسب وِٿي موجود هئي.
سُڄاڻن/سڄاڻڪن/سائنسدانن اهو به جاچي ورتو ته سج جا سڀئي گرهه هڪ جھڙي “عادت” ظاهر ڪن ٿا، تنهنڪري ممڪن آهي ته اهي سڀ ساڳيءَ مهل ساڳي نموني ٺهيا هجن.
بَفن نالي هڪ سڄاڻڪ، جيڪو فرانس ڏيهه جو رهاڪو هو، 1749ع ۾، اهو نظريو ڏنو ته ڪنهن زماني ۾ ڪو ڀٽڪيل، پاڻَهُرتو، هوڏِي تارو سج سان ذري گھٽ ٽڪرائجڻ وارو هو پر ان جي ڀرسان مَٽي ويو. سج، اڄ جيان ان زماني ۾ به ڀڙڪندڙ باهه جو گولو (گئس-گولو) هو. ويجھو ايندڙ ان تاري جي ڳرڇِڪ سبب سج جي گئس گولي منجھان وڏا وڏا ڳترا ڇِڄي ڌار ٿيا. اهو تارو ته جنهن تيزيءَ سان آيو تنهن تيزيءَ سان هليو ويو، پر سج کان ڇڳل ٽڪرا پري وڃي گھٽ وڌ مفاصلي تي سج چوڌاري چڪر هڻڻ لڳا، ۽ پوءِ وقت گذرندي ٿڌا ۽ نهرا ٿي گرهَه ٿيا.
لڳ ڀڳ اڌ صدي پوءِ 1796ع ۾، هڪ ٻي فرينچ/فرانسي سڄاڻڪ قطعي ٻيو نظريو ڏنو، جيڪو اڄوڪي ممڪن سچ جي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ سج ڦاٽو هو ۽ ان جا ڪڪر ۽ سنساري (Cosmic) ٻُورو کانئس ڌار ٿي ويا. تَپيَل/تاپيل گئسن جو اهو چُنڌاڙ (چمڪندڙ ذرڙن وارو جھڳٽو، Nebula) جيئن جيئن ڦرندي ڦرندي گھاٽو ٿيندو ويو تيئن تيز ٿيندو ويو، تان جو ان جا وڏا وڏا ڇَلا وِچان-ڌِڪڻي (وچ کان پري ڌِڪيندڙ، Centrifugal) زور وسيلي ڦِٽا ڪيا ويا. اهي ڇلا پري/پرانهون وڃي، سوڙها، ڳُوڙها ۽ گھاٽا ٿي نهرا ٿيا ۽ نيٺ اڪيلي اڪيلي گرهه جي صورت وٺي بيٺا. انهن مان هڪ گرهه ڌرتي آهي، جنهن جو نمبر ٽيون آهي.
ڌرتيءَ جي ڄَم بابت مليل تفصيلن تي سڄاڻڪن کي اڃا به متفق/يڪراءِ ٿيڻو آهي، پر جديد سڄاڻڪ اهو ڀروسو رکن ٿا ته سج پنهنجن گرهن (۽ انهن مان هر هڪ جي اُپگرهن/چَنڊن) سان گڏ ساڳيءَ ئي ويرم/گھڙِيءَ ۾ ٺهيو. اهي سمجھن ٿا ته اڄ اسين جنهن کي سج-سرشتو سڏيون ٿا اهو هڪ کرب کان به ڪجھه وڌيڪ ورهه اڳ، ذرڙن جو هڪ ٿڌو ٻُورو هو، پوءِ ڳوراٺي سگھه واري مَتي سان سهمت ٿيندي، اهي ذرڙا هڪ ٻي جي ويجھو آيا ۽ هڪ ڏاڍيءَ وڏيءَ وچ-وٽ-ٿُلهيءَ ٿالهيءَ جي شڪل ورتائون. جيئن ته اها ڦرندڙ هئي تنهنڪري وچ-ٿُلهي ٿالهي ڪجھه وڌيڪ گھاٽن ڇَلن جي شڪل وٺي وئي. ٿالهيءَ جو اهو ٿلهو وچ سج آهي ۽ ان چوڌاري ڦرندڙ ڇلا گھاٽا ٿيندا، ڳُتبا ۽ نهرا ٿيندا ويا. گئس جا گھاٽا ڳُوڙها اهي ڳنڍا گئس جي ذرڙن ۽ ننڍن ڳوڙهن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ لڳا. گئس ٿڌي ٿي ڪوسِيءَ “پاڻياٺ” جي شڪل ورتي. هوري هوري اڃا وڌيڪ ٿڌو ۽ نهرو ٿيڻ کان پوءِ، وقت جا وهڪرا اڪرندي، اهي گرهه (۽ اپگرهه) ٿي پيا.
هي نظريو (ٻين اسرارن سان گڏ) سمجھائي ٿو ته ڇو سج ۽ ان جا سمورا گرهه ساڳي ڏس ۾ (پنهنجي پنهنجي “سرائي” تي) ڦِرن ۽ (سج چوڌاري) چڪر هڻن ٿا، ۽ اهو پڻ ته ڇو سج-سرشتي جي گرهن جي بيهڪ/حالت/پوزيشن ايڏي سنوَت ۾ ۽ لڳ ڀڳ مناسب ٺهڪندڙ وِٿيرڪي آهي.
۽ اهڙيءَ طرح، ڪي پنجاهه هزار-لک (4-5 ارب) ورهه اڳ، پولار ۾ ڀٽڪندڙ اَرُوپ ۽ نِڪمي سنساري ٻُوري جي مَهان ڪَڪرَ ٿڌو، سوڙهو، گھاٽو ۽ ڳُوڙهو ٿي، اسان جي گرهه ــــــــــ ڌرتيءَ ــــــــــ جي صورت ۾ جنم ورتو. (ڌرتيءَ جي ڄمار 4-ارب، 60-ڪروڙ ورهه چئي وڃي ٿي.)

No comments:

Post a Comment