Saturday, October 2, 2021

انسانن پنهنجو پڇ ڪيئن وڃايو؟

 

How did humans lose their tails?
انسانن پنهنجو پڇ ڪيئن وڃايو؟

 

Carl Zimmer

ڪارل زمر/ذيشان علي سولنگي

(ترجمو ٿيل مضمون)

 

 


اسپائڊر ڀولڙن جيان، اسان جي پورجن جو پڇ به انهن کي وڻن تي توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندو هو.


اندازن، اڌ بلين سال يا ڪجهه ان کان اڳ، اسان جي پوروجن پڇ ڪڍيا هئا. مڇيءَ جيان، انهن پنهنجي پڇ کي استعمال ڪري ڪيمبرئن سمنڊن (Cambrian seas) ۾ ترڻ شروع ڪيو هو. گهڻو وقت پوءِ, جڏهن اهي پرائميٽس (Primates) ۾ تبديل ٿيا ته انهن جي پڇ انهن کي توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي جڏهن اهي (Eocene) جي جهنگن ۾ هڪ لام تان ٻيءَ لام تي ڊڪڻ لڳا هئا. پر پوءِ، لڳ ڀڳ 25 ملين سال اڳ، پڇ ختم ٿي ويا.

چارلس ڊارون پهريون دفعو اهيا ڳوڙهي Profound تبديلي اسان جي جسم جي ٿيل قديم تشريح (Ancient Anatomy) ۾ سڃاتي. پر ڪيئن ۽ ڇو اهيا تبديلي آئي اهيا هڪ ڪجهه بڻيل آهي.

هاڻ هڪ سائنسدانن جي ٽيم نيويارڪ ۾ چئي پئي ته انهن ان جينياتي تبديلي  (Genetic Mutation)جي نشاندي ڪري ورتي آهي جنهن اسان جي پڇَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.هڪ نئي تحڪيڪ مطابق، جڏهن انهن سائنسدانن اهيا جينياتي تبديلي هڪ ڪوئي ۾ ڪئي ته انهن جانورن ۾ پڇ پيدا نه ٿيو هو.

اسان جي ارتقا تي انهي اندروني تبديليءَ جو وڏو اثر ٿيو هو. اسان جي پوروجن (Ancestors) جي پڇ جون مشڪون Muscles)) ڏوليءَ جهڙي Hammock-like ڄار ۾ نهائين  (Pelvis)جي چوگرد تبديل ٿي ويون هون. جڏهن انسانن جا پوروج ڪجهه ملين سال اڳ، اٿي بيٺا ۽ ٻن پيرن تي هلڻ لڳا ته انهي مشڪن جي Hammock نما ڄار انهن جي اڀن عضون جي وزن کي سنڀالڻ لڳو.

جيتوڻڪ اهيو ثابت ڪرڻ پوري طرح سان ممڪن نه آهي ته انهي (جينياتي) تبديليءَ اسان جي پوروجن جا پڇ غائب ڪري ڇڏيا، ڪارنل يونورسٽي ۾ جينيات جي علم جي ماحر Cedric Feschotte چواڻي ته ”پر اهيو اوترو ئي حقيقت جي ويجهو آهي جيترو ڪير اميد ڪري سگهي ٿو“.

 

ڊارون وڪٽوريا جي حاضرين کي اهيا دعويٰ ڪري اچرج ۾ وجهي ڇڏيو  ته اسان پرائميٽس (Primates) جي پيڙھي مان پڇن سميت پيدا ٿيا سي. هن چيو ته جيتوڻڪ انسان ۽ باندر ظاهري پڇ نٿا رکن پر اهي ننڍين هڏين جو ڪجهه حصو ظاهر ڪن ٿا جيڪي انهن جي نهائينءَ (Pelvis) کان اڳتي وڌي ٿو ـ جنهن کي ڪوڪسڪس  (Coccyx)چئجي ٿو.

” مون کي ڪو شڪ نه آهي ته اهيا (ڪوڪسڪس) ابتدائي (Rudimentary) پڇ آهي،“ هن لکيو هو.

انهي کان پوءِ، پيليو اينٿروپولوجسٽس  (Paleoanthropologists)پنڊ پهڻ لڌا آهن جيڪي انهي تبديليءَ تي روشني وجهن ٿا. قديم مليل پرائميٽ، 66 ملين سال اڳ جي تاريخ رکي ٿو، جنهن وٽ هڪ مڪمل پڇ موجود هو جيڪو ضرور وڻن تي توازن برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪندو هوندو. اڄ موجود سمورن زنده پرائميٽ وٽ، جيئن، لنگور (Lemur) ۽ لڳ ڀڳ سمورن ڀولن(Monkeys) پڇ موجوجود آهي.

“اهيو سوال ـ منهنجي پڇ ڪٿي آهي؟ ـ ننڍي هوندي کان وٺي منهنجي ذهن ۾ آهي.،“ اسٽيم سيل بائيولاجي ۾ NYU Grossman School of Medicine  مان گريڊيوئيٽ ٿيندڙ بو زيا (Bo Xia) چيو.

انسانن ۽ باندرن ڪيئن پڇ وڃايو سمجهڻ لاءِ، زيا (Xia) ڏٺو ته ٻين جانورن ۾ پڇ ٺهي ڪيئن ٿو. ايمبريو (Embryo) جي شروعاطي بناوطي اسٽيجن جي دوران، هڪ ماسٽر جينن  (Genes)جو سيٽ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڪرنگهي Spine جي الڳ الڳ حصن کي خاص شين ۾ ورهائي ٿو، جهڙوڪ ڪنڌ ۽ چيلهه واري حصو. ايمبريو جي پري، آخر واري هڪ حصي ۾ پڇ جو گونچ ظاهر ٿئي ٿو جنهن جي اندر خاص ننڍين هڏين جي چينَ، مشڪون، ۽ تنتون (Nerves) پيدا ٿين ٿيون.

تحقيق دانن ٽيهن کان وڌيڪ جينن جي دريافت ڪئي آهي جيڪي الڳ الڳ اسپشين (Species) ۾ پڇ جي فٽڻ جا زميوار آهن. اهي سمورا جين ڳڀ (Embryo) جي ٻين حصن ۾ پڻ ظاهر ٿين ٿا. سائنسدان اڃان انهن جينن تي تحقيق ڪن ٿا پيا ته آخر اهي ڳڀ جي آخر ۾ پڇ کي ڪيئن پيدا ڪن ٿا.

زيا (Xia) ٻڌايو ته اسان جي پوروجن پڇ تڏهن وڃايو هو جڏهن ميوٽيشن انهن ٽيهن جينن مان ڪنهن هڪ يا ٻن کي تبديل ڪيو. انهن ميوٽيشن جي ڪري ٿيل تبديلن کي ڳولهڻ لاءِ هن ڇهن بنا پڇن وارن باندرن (Apes) جي DNA  کي نون (9) پڇن وارن ڀولن جي ڊي اين اي سان ڀيٽ ڪئي. آخر ڪار، هن ان تبديليءَ کي ڳولهي لڌو جيڪا انسانن ۽ باندر ۾ موجود آهي پر ڀولن ۾ نه. انسانن ۽ ڀولن ۾ اهيا ميوٽيشن انهن جي TBXT جين ۾ موجود هئي.

 ٽي بي ايڪس ٽي  TBXTپهريون جين هيو جيڪو سائنسدانن لڳ ڀڳ صدي اڳ ڳولهي لڌو هو. انهي وقت، ڪيترن ئي تحقيقدانن جينن جي کوجنا لاءِ، جانورن، ٻوٽن، ۽ مائڪروبس (هڪ جيو گهرڙي وارا جاندارن) تي ايڪس ـ ري (X-Ray) جا بنباٽ ڪرايا ته جيئن شايد ڪا ظاهري تبديلي ظاهر ٿي پئي.

1993 ۾، روس جي جينياتي سائنسدان Nadezhda Dobrovolskaya-Zavadskaya نر ڪوئي تي ايڪس ري مان گذاري انهن کي ٻچا پيدا ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. انهي ڳولهي لڌو ته انهن مان ڪجهه ڪوئن ۾ موجود ميوٽيشن انهن جي نئي نسل ۾ مڙيل يا ننڍن پڇن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ هئي. ڪيترن ئي ايڪسپيريمينٽن کان پوءِ ڳالهه واضع ٿي ته ميوٽيشن TBXT جين ۾ موجود هئي.

انهي خيال کي پرکڻ لاءِ ته ميوٽيشن اسان جي پڇ جي گم ٿيڻ ۾ شامل هئي، زيا ۽ ان جي ساٿين جينيٽڪ انجنيئرنگ جي مدد سان انسانن ۾ ميوٽيٽ ٿيل TBXT جين کي  ڪوئن ۾ داخل ڪيو. جڏهن اهي ڳڀ وڏا ٿيا ته انهن مان ڪيترن ۾ پڇ موجود نه هئي. ڪجهه ۾ صرف ننڍڙو پڇ ظاهر ٿيو.

زيا ۽ انهي جي ساٿين چيو ته اهيا ميوٽيشن 20 ملين سال اڳ هڪ باندر ۾ ظاهر ٿي جنهن ڪري ان ۾ صرف ٺٺو پڇ پيدا ٿيو يا ته ان ۾ پڇ پيدا ئي نه ٿيو. تنهن هوندي به بنا پڇ جي اهو جانور بچي ويو ۽ ان اهيا تبديلي پنهنجي ايندڙ نسل ۾ به منتقل ڪئي. ائين ئي، TBXTجو ميوٽنٽ ٿيل جين سڀني باندرن ۽ انسانن ۾ عام ٿي ويو.

سائنسدان چون ٿا ته TBXT  ميوٽيشن اڪيلي زميوار نه آهي ته اسان ۾ پڇ جي جاءِ تي ڪوڪسيڪس ٿئي ٿو. جڏهن ته ڪوئن جي اوڪسپيرمينٽ ۾ ڪوئا مختلف طرحن جا تبديل ٿيل پڇ پيدا ڪن ٿا پر اسان ۾ ڪوڪسيڪس هميشه هڪ ماڻهو کان ٻئي ۾ ساڳيو رهي ٿو. اتي ڪي ٻيا به جين ضرور موجود هوندا جيڪي بعد ۾ تبديل ٿي هڪ، برابر ايناٽامي ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڀلي جي جينيات جا ماحر  (Geneticists) اسان جي پڇ ڪيئن غائب ٿي کي ٻڌائڻ لڳا آهن، پر سوال ”ڇو“ اڃان سائنسدانن کي منجهائي ٿو.

پهريان باندر ڀولن کان وڏا هيا، ۽ انهن جي وڏي هاٺي (Size) انهن کي وڻن تان ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪئي هوندي، ۽ گهڻو ڪري ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿيو هوندو. اهيو ٻڌائڻ تمام مشڪل آهي ته باندر بنا پڇن جي جيڪا انهن کي وڻن تي وزن بيلينس ڪرڻ ۾ مدد پئي ڪري انهن کي ڪوئي ارتقائي نقصان (Evolutionary disadvantage) ڇو نو ٿيو آهي.

۽ پڇ جو ختم ٿيڻ ٻيا به خطرا پڻ ضرور آندا هوندا.  زيا (Xia) ۽ انهي جي ساٿين ڄاتو ته TBXT ۾ ميوٽيشن نه صرف پڇ کي ننڍو ٿي ڪري پر چيلهه جي معضوري جو ڪارڻ پڻ ٿي ٿئي. پر تنهن هوندي به، ڪنهن طرح، پڇ جو غائب ٿيڻ هڪ اهم ارتقائي لاڀ ثابت ٿيو.


اورجنل مضمون:

How did humans lose their tails? (msn.com)

 

No comments:

Post a Comment