Sunday, July 4, 2021

حياتيات جو وجود ۽ حياتيات جي وجود کانپوءِ

حياتيات جو وجود ۽ حياتيات جي وجود کانپوءِ

ساحل ڦلپوٽو

جيوگهرڙو cell ڇا آهي، ڇا کي چئبو آهي؟ ان جي وصف تہ سائنس جي هر شاگرد کي خبر هوندي تہ. Cell is the smallest and basic unit of life زندگيءَ جي بنيادي ذرڙي کي جيوگهرڙو Cell چيو وڃي ٿو. انساني جسم ۾ Trillions جيوگهرڙا موجود ٿين ٿا، جيڪي ملي ڪري هڪ خاص ۽ مڪمل انساني Body جسم تيار ڪن ٿا. جيوگهرڙو cell حياتياتي ذرڙن Biological Molecules جو ٺهيل آهي. جيڪي Lipids, Proteins Carbohydrates ۽ Nucleic Acids آهن، جن ۾ ڪاربان، آڪسيجن ۽ هائڊروجن پڻ موجود ٿئي ٿي.

پروڪيريوٽ ۽ يوڪيريوٽ سيل.

پر سوال اهو آهي تہ جيوگهرڙي جي شروعات ڪٿان ٿي ۽ ڪڏهن ٿي.؟ اگر انهي جي جواب تي سمورو ڪتاب لکيو وڃي تڏهن بہ هڪ تمام ننڍڙي ڪوشش ئي چئبي. تنهن ڪري انهي جواب کي مختصر ڪريون ٿا! ڌرتيءَ تي موجود ڌرتيءَ جي مٿين تهہ کي تقريبن 4 ارب سال ٿي چڪا آهن ۽ ڌرتيءَ جي مختلف تهن جي جاچ، پڙتال بعد زميني ماهر ۽ قديم حياتياتي ماهر ان نتيجي تي پهتا تہ 3 ارب ورهہ اڳ بہ هن ڌرتيءَ تي ڪا سادڙي زندگي بہ وجود ۾ ڪونہ هئي.
تہ پوءِ اتي زندگيءَ جي نمودار ٿيڻ جا سبب ڪھڙا آهن؟ ڇا جي ڪري وجود ۾ آئي؟ آئون هتي اها ڳالھ ڪندس تہ اها ماحولیاتي تبديلي ئي هئي جنهن سببان زندگي جي بقا کي جاءِ ملي ۽ ڌرتيءَ تي نمودار ٿي! جيڪو ماحولیاتي تبديليءَ کانسواءِ ناممڪن هيو. ڇو تہ شروع شروع ۾ ڌرتي تمام گهڻو گرم هئي، پر ڪروڙها سالن جي طويل عرصي ۾ اها آهستي آهستي ٿڌي (ماحولیاتي تبديليءَ ڪري) ٿيڻ لڳي. ان وقت ڌرتيءَ تي موجود هائڊروجن ائٽم جيڪي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هئا، ڏاڍا مظبوط، حرڪتي ۽ چالاڪ هئا، تنهن ڪري آڪسيجن سان ملي پاڻي، نائٽروجن سان ملي امونيا گئس ۽ ڪاربان سان ملي ميٿين گئس ٺاھڻ لڳا.
ڊاڪٽر سڪندر مغل موجب تہ " اهي سادا ۽ غير نامياتي مرڪب هئا، جن اڳتي هلي انهن سادن مرڪبن جو پاڻ ۾ ميل جول ٿيو ۽ نتيجي ۾ سادا نامياتي مرڪب نشاستو، پروٽيني تيزاب (Nucleic Acid) وغيره ٺهڻ لڳا، جيڪي اڳتي هلي زندگيءَ جي تخليق جو پيش خيمو بڻيا" انهيءَ ماحولیاتي تبديليءَ وڌيڪ زور ورتو ۽ جيئن جيئن ڌرتي وڌيڪ ٿڌي ٿيندي وئي، تيئن تيئن فضا ۾ موجود آبي بخارن ڌرتيءَ جي سطح تي دُٻن، ڊنڍن، تلائن ۽ سمنڊ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ نامياتي مرڪبن جو اهم ترين سور بڻجي چڪا.
فلوريڊا يونيورسٽيءَ اندر (1957) جي ڪيل تجربن مان ان حقيقت جو انڪشاف ٿئي ٿو تہ جيڪڏھن ارڙهن يا ويهہ پروٽيني تيزاب پنھنجي رجڻ پد (Melting Point) تائين وڃن ۽ بعد ۾ يڪدم (اهڙو ماحول ڏئي) ٿڌا ڪيا وڃن تہ پوءِ اهي هڪٻئي سان ڊگهين لڙهين يا زنجيرن (Chains) ۾ پوئجي بيهندا. بلڪل ائين جيئن اهي پروٽين جي ڪنهن ماليڪيول ۾ ترتيب ڏنل هوندا آهن.
هڪ پروٽين

جيوگهرڙي جي شروعات حياتيات جي ارتقا جو وڏي ۾ وڏو قدم آهي. منهنجي خيال ۾ سائنس سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي اها سڌ ضرور هوندي تہ حياتيءَ جي شروعات سمنڊ يعني پاڻيءَ مان ٿي آهي. جنهن ۾ پهريون جاندار Bacteria بئڪٽيريا ڌرتيءَ تي موجود نامياتي مرڪب جي ميلاپن يا reactions جي ڪري پيدا ٿيو. ڪيليفورنيا يونيورشٽي جو سائنسدان ميلون ڪالون تجربن وسيلي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ميٿين (CH4) امونيا(NH3) پاڻي (H2O) ۽ هائڊروجن(H2) کي گڏي جيڪڏهن گاما ڪرڻن آڏو رکبو تہ پروٽيني تيزاب کنڊ پيورينس ۽ پائريمڊينس جا ماليڪيول ٺهي پوندا.ان ڪري اهو عين ممڪن آهي تہ قديم سامونڊي ماحول م ساڳين مٿين حالتن تحت پروٽين پيورينس پائريمڊينس کنڊ ۽ ٻين نامياتي مرڪبن جو باهمي ميلاپ ٿيو هوندو ۽ نتيجي م هڪ اهڙو سرشتو وجود ۾ آيو هوندو جنهن ۾ پاڻ دهرائڻ يا پاڻ مان پاڻ جهڙي ٻي شئي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي"
حقيقت ۾ زندگي مادي جي حرڪت جو هڪ روپ آهي، جيڪو ٻين روپن کان ڪيفيتي طور مختلف آهي. (جيتوڻيڪ حرڪت جي ٻين روپن سان ان جو ناتو ضرور آهي) مقرر حالتن م حرڪت جا ڪجهہ روپ، ٻين روپن ۾ بدلجي وڃن ٿا. تنهنڪري ڪيميائي عملن جي ارتقا ۽ سندن وڌيڪ پيچيدگيءَ جي هڪ ڏاڪي ۾ ڌرتيءَ تي زندگي مادي جي حرڪت جو هڪ نئون روپ نروار ٿيڻ آهي. زندگيءَ جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ حياتياتي قانون وجود ۾ آيا جيڪي بي جان يعني حياتي نہ رکندڙ مادي ۾ ڪم نٿا ڪن. مادي جي حرڪت جا بنيادي روپ ٿين ٿا. هڪ طبعياتي روپ (يعني مڪانَ، رفتار، مادي جو معيار، توانائي، برقي چارج، حرارت، ويڪر ۽ مادي شين جي ٻين خاص گُڻن جي حالت ۾ تبديلي) ٻيو ڪيميائي روپ (يعني مادن جي هڪ ٻئي ۾ تبديلي، ائٽمن جي جوڙ جو ٺهڻ ۽ ٻيهر جوڙجڪ) ۽ ٽيون حياتياتي روپ (يعني زندگي، نباتات ۽ حيوانن ۾ تبديليون)
انهي حياتيات جي ارتقا واري تاريخ کي بيان ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي هربيوول يونيورسٽيءَ جو وڏي ۾ وڏو تاريخدان Professor Yuval Noah Harari پنهنجي ڪتاب Homo Sapiens هومو سيپيئنس A brief history of humankind ۾ تمام وڏي مختصر تاريخ کڻي ٻڌائي ٿو تہ.
13.5 بلين سال اڳ تقريبن ، مادو ، توانائي، وقت ۽ اسپيس وجود ۾ آيا جيڪو بگ بينگ جي نالي سان مشهور آهي. اسان جي ڪائنات جي انهن بنيادي خصوصيتن جي ڪهاڻي کي فزڪس چيو ويندو آهي.
ان کان تقريبن 300،000 سال پوءِ مادو ۽ توانائي پاڻ ۾ ائٽم جي صورت ۾ ظاهر ٿيا which then combined into Molecules جن وري ماليڪيولن جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن ڪهاڻي کي ڪيميسٽري چيو ويندو آهي.
4.5 بلين سال اڳ، گرھ زمين وجود ۾ آيو.
رنگ ڏنل (Stained) بيڪٽيريا
انهن سڀني مرحلن کان بعد تقريبن 3.8 بلين سال اڳ سمنڊ ۾ هڪ Unicellular Organism هڪ گهرڙائي جاندار Prokaryotic Cells جي صورت ۾ بئڪٽيرياز ظاهر ٿيا. بائيولاجي جي شروعات ٿي جنهن ڪهاڻي کي حياتيات چئبو آهي.

حياتيات جي وجود کانپوءِ
هن ڌرتيءَ مٿان تقريبن 3.8 بلين سال اڳ سمنڊ ۾ هڪ Unicellular Organism هڪ-گهرڙائي جاندارَ Prokaryotic Cells يعني بي مرڪز جيوگهرڙن جي صورت ۾ بئڪٽيرياز جي وجود سان ظاهر ٿيا. بائيولاجي جي شروعات ٿي جنهن ڪهاڻيءَ کي حياتيات چئبو آهي. پر ڌرتيءَ تي جڏهن کان زندگيءَ (حياتيات) پنهنجي وجود جا پير کوڙيا آهن، تڏهن کان وٺي حياتيات جي وجود ۾ اسان صرف جو صرف ان جا ٻہ قسم ئي پسي (ڏسي ۽ جانچي) سگهيا آهيون. (ٽيون ڪو قسم آهي تہ آگاهہ ڪندا)
01: هڪڙا بي مرڪز وارا جيوَ Prokaryotes
بي مرڪز جيوَن مان مراد اها آهي تہ جنهن جيوگهرڙي اندر مرڪز Nucleus موجود نہ هجي. بنا مرڪز وارا جيوَ جهڙوڪ بئڪٽيرياز وغیرہ ان جو ثبوت آهن. ڌرتيءَ تي سڀ کان اوائلي زندگيءَ جو ثبوت اسان کي بنا مرڪز وارا جيوَ ئي ملن ٿا. جن جيوگهرڙن ۾ ڪنهن بہ قسم جي مرڪز جي عدم موجودگي ٿئي ٿو. جنهن جو مثال بئڪٽيرياز توهان جي سامهون آهن. پاڻ کي اها هڪ ڳالھ ضرور ذهن نشين ڪرڻ کپي تہ جيڪڏھن ھن ڌرتيءَ تي بئڪٽيرياز جو وجود نہ هجي هان تہ شايد زندگيءَ جو بہ وجود نہ هجي هان. بئڪٽيرياز حياتيات جي دنيا ۾ تمام اهم ڪم سر انجام ڏين ٿا. حياتيات جي دنيا اندر بئڪٽيرياز زنده شين ۾ تمام انوکا ئي آهن، جيڪي حياتياتي ماحول ۾ هر هنڌ موجود رهن ٿا / رهندا آهن.

سيونر (Algae)
وري اَلجي کي ڏسجي تہ الجي جو ڪم زمين يا هن ڌرتيءَ کي ٻين ساهوارن جي جيئندان لاءِ سازگار ماحول کي هموار ڪري ڏيڻ هوندو آهي. اَلجي ڌرتيءَ تي ٻين جاندارن ۽ ٻين ساهوارن لاءِ ڌرتيءَ جي ماحول کي وڌيڪ سڌريل ۽ حياتيات جي زنده رهڻ جي لائق بڻائي ٿي. اهڙي طرح اهي انساني وجود يا جانورن جي وجود کانسواءِ تہ هن ڌرتيءَ تي رهي ۽ جِي سگهن ٿا، پر انهن جي وجود جي عدم موجودگيءَ ۾ اسين پنهنجي وجود کي فنا ٿيندي ڏسون ٿا.
02: با مرڪز جيوَ Eukaryotes
پهرين ڳالھ تہ مٿين سڀني ڳالهين مان اهو ثابت ٿئي ٿو تہ اهي هڪ گهرڙائي جاندار يعني Unicellular organism (جيئن بئڪٽيرياز وغيره)ئي موجود هئا، جيڪي گهڻ گهرڙائي جاندارن (جانورن ۽ ٻوٽن وغيره) جي وجود جو پيش خيمو بڻيا. اهي بي مرڪز جيوگهرڙا ئي هئا جن جي وجود جي پشت پناهہ ۾ با مرڪز جيوگهرڙا پنهنجي وجود کي ڌرتيءَ تي آساني سان پير کوڙائي سگهيا.
جيئن تہ لفظ مان ئي صاف ظاهر آهي تہ با مرڪز يعني با مرڪز جيو گهرڙن جي اندر هڪ مرڪز ٿيندو آهي. با مرڪز جيونَ (جيوگهرڙن) Eukaryotes مان مراد تہ جن جيوَن ۾ مرڪز Nucleus موجود هوندو آهي. سمورا ٻوٽا ۽ جانور با مرڪز جيوگهرڙن (Prokaryotes) جو اهم ۽ چٽو ثبوت آهن. اڄ کان تقريبن هڪ ارب سال اڳ ۾ پِري ڪئمبرين جي زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي صرف جو صرف بي مرڪز جيوَ ئي رهندا هئا. حياتيات جي تاريخ مان پاڻ کي اهو پتو لڳي چڪو آهي تہ هن ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ جي گذاريل سموري وقت جو اڌ کان بہ مٿي حصو بنا مرڪز جيوَن (جيئن بئڪٽيريا) ئي گذاريو آهي.

پروڪيريوٽ ۽ يوڪيريوٽ سيل

حياتيات جي ماهرن پاران زندگيءَ جي وجود ۽ انهيءَ جي مرحلن جي مطالعي ۽ مشاهدي مان اها ڳالھ سمجهي ۽ چٽي ڪئي وئي آهي، ۽ اهو سمجهو ٿو وڃي تہ زندگيءَ جي ارتقا واري هيڏي ساري مرحلي ۾ هڪ اهڙو ڏاڪو بہ آيو، جنهن ڏاڪي ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ بنا مرڪز جيوَن پاڻ ۾ ملي هڪ با مرڪز جيوَ کي جنم ڏنو هيو. سائسندانن جو چوڻ آهي تہ "با مرڪز زندگيون (ٻوٽا جانور وغيره) ٻن يا ٻن کان وڌيڪ بنا مرڪز وارين زندگين (بئڪٽيرياز وغيره) جي امتزاج مان ٺھيون ۽ پيدا ٿيون آهن.

No comments:

Post a Comment