Wednesday, July 7, 2021

دل جي بيمارين کان بچڻ جا ڏهه آسان طريقا

دل جي بيمارين کان بچڻ جا ڏهه آسان طريقا

ڊيفني ميڪ ڊونلڊ 

وڌيل ڪوليسٽرول، بلڊ پريشر ۽ سگريٽ ڇڪڻ، دل جي بيمارين جو اهم سبب آهن. ان کان الاوهه جهڙوڪ زيابطيس Diabetes، ٿولهه Obesity، جسماني غير فعالي Physical inactivity، گهٽ غذا Poor diet، ۽ گهڻي ماترا ۾ شراب پيئڻ وغيره پڻ دل جي بيمارين جا سبب آهن. پر اهڙا ڪيترا ئي طريقا آهن جن سان اسان دل جي بيمارين کي گهٽائي سگهون ٿا. پيش آهن ڊفني جي دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ ويهن طريقن مان ڏهه چونڊ اهم طريقا.

خراب عادتن کان پاسو ڪيو Quit bad habits

مواقف هارورڊ صحت پبلشنگ جي ته تماڪ پيئڻ پوءِ اهو سگريٽ ۾ هجي، سگار ۾ يا حقي ۾ اهو اوترو ئي دل ۽ رڳن لاءِ نقصان ڪار هوندو آهي جيترو اهو ڦڦڙن لاءِ آهي. جيئن ته سگريٽ نوشي سڀن خراب عادتن مان هڪ آهي، تماڪ اسان جي جيو گهرڙڻ ۽ اوڄن جي ڪم ڪرڻ کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ نتيجي ۾ رڳن Arteries کي نقصان ٿئي ٿو. اگر اوهان سگريٽ پيو ٿا ته سگريٽ ڇڏڻ هڪ بهترين ڪم آهي جيڪو اوهان پنهنجي صحت لاءِ ڪري سگهو ٿا، خاص ڪري پنهنجي رت جي سرشتي لاءِ.

ڪسرت Exercise

مواقف هارورڊ هيلٿ آرٽيڪل ٿورڙي به جسماني ڪسرت ڪجهه نه ڪرڻ کان بهتر آهي. پر ٽيهه منٽ روازنه جي ڪسرت ٻين صحت جي فائدن سان گڏ دل جي بيمارين کان به محفوظ رکي ٿي. جسماني ورزش رت جي نظام کي بهتر بڻائي ٿي ۽ ٻين ڪرانڪ Chronic صحت جي مسئلن کان به محفوظ رکي ٿي جيڪي اوهان کي دل جي بيمارين ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا.

واڌو وزن کي گهٽايو Lose the extra pounds

مواقف مايو ڪلينڪ جي هڪ آرٽيڪل جي ته وڌيل وڌيڪ وزن، خاص ڪري پيٽ تي چڙهيل چرٻيءَ سان دل کي وڌيڪ سخطي اچي ٿي. واڌو وزن بلڊ پريشر، بلڊ شگر، ۽ ڪوليسٽرول کي به وڌائي ٿو ۽ اواهان کي زيابطيس Diabetes ڌڪي ٿو. اهڙن صحت جي مسئلن سان منهن ڏيڻ کاءِ ۽ دل جي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءِ واڌو وزن گهٽ ڪيو ۽ گهٽ ڪيليريز وارو کاڌو کائو.

پوري ننڊ ڪيو Get enough sleep

مايو ڪلينڪ ريڪامنڊ ٿي ڪري ته نوجوان روز رات جو  ست کان نو ڪلاڪ ننڊ ڪن. نه ته ٻي صورت ۾ اوهان ۾ ننڊ جي کوٽ ٿي پوندي. ننڊ جي کوٽ ماڻهوءَ کي زيابيسط، ڊپريشن، ٿولهه، هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي دوري جو شڪار ڪري سگهي ٿي.

اسٽريس ( ذهني دٻاءَ) کي حل ڪيو Manage Stress

اسٽريس اوهان جي دل جي صحت لاءِ نقصان ڪار آهي خاص ڪري جڏهن اوهان ان کي غلط طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جهڙوڪ سگريٽ، يا شراب پيئڻ سان يا گهڻِ کائڻ سان. مايو ڪلينڪ تجويز ڪري ٿي ته جڏهن اوهان اسٽريس محسوس ڪيو ته سٺا طريقا تلاش ڪيو ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جا. مراقبو Meditation، Relaxation exercises، ۽ جسماني ورزش وغيره اوهان جي ذهن کي شانت ڪرن ۾ ۽ اسٽريس ( ذهني دٻاءَ) کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪار آمند آهن.

ٽرانس چرٻي کان پاسو ڪيو Avoid trans fats

ٽرانس فيٽ (چرٻي) دل جي بيمارين کي وڌائن ٿيون ۽ دل جي دوري جو سبب به بڻجن ٿيون. مواقف ڪليوِ لينڊ جي ڊاڪٽر اي مارڪ گلينو جي ڪلنڪ آرٽيڪل جي ته ٽرانس فيٽ رڳن م خراب ڪولسٽرول (LDL) کي وڌائي انهن کي بند ڪري ڇڏي ٿو ۽ سٺي ڪولسٽرول (HDL) کي گهٽائي ڇڏي ٿو. تنهن ڪري ڪا به شئي وٺڻ کان پهريون ان تي لڳل ليبل کي پڙهي ۽ انهن شين کي اوائڊ ڪيو جن ۾ هائڊروجنيٽڊ آئل شامل هجن يا ٻڙيءَ کان مٿي ٽرانس فيٽ موجود هجن.

گهڻي دير نه وهو Don't sit for too long

گهڻي دير وهڻ به سگريٽ جيان هڪ نئون ٽرينڊ ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر گلينوو جي چواڻي مطابق گهڻي دير وهڻ به صحت لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي ڀلي اوهان روزانو جسماني ورزش ڪندا هجو. هن پنهنجي آرٽيڪل ۾ پنهنجي رسرچ تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو گهڻي دير وهندا هئا انهن ۾ 147 سيڪڙو وڌيڪ  رت جي نظام Cardiovascular جا خطرا پيش آيا آهن جن مان 90 سيڪڙو موت مار ثابط ٿيا. تنهن ڪري جسماني مشق سان گڏ ڪم ڪار مان وقفو وٺي ٿورڙيون ڄنگهون پڻ ساهيو.

روزانو پنهنجي  ڏندن کي ڌاڳو هڻو ۽ ڏندڻ ڪيو Floss and brush your teeth

وات جي سٺي صحت برقرار رکڻ سان گڏوگڏ روزانو ڏندن کي ڌاڳو ۽ برش ڪرڻ سان دل جي صحت کي بهتر رهندي.ڊاڪٽر گلينو Dr. Gillinov مطابق جن ماڻهن کي مهارن Gum جي بيماري آهي اهي دل جي بيمارين ۾ وڌيڪ مبتلا ٿي سگهن ٿا ڇو ته جيڪي بيڪٽيريا مهارن جي بيماري جا سبب آهن اهي رت جي ذريعي دل تائين پهچين ٿا ۽ C- reactive پروٽين جي تعداد کي وڌائن ٿا. اهيو پروٽين هڪ مارڪر آهي جيڪو رڳن ۾ سوڄ جو ڪارڻ هوندو آهي. ڇو جو انهي پروٽين جو تعداد وڌي وڃڻ سان سوڄ ۾ اضافو اچي جنهن ڪري اهيا بيڪٽيريا جي ڪري آيل تبديلي دل جي بيمارين ۽ دل جي دوري جو سبب بڻجي ٿي.

سگريٽ جي دونهي کان پاسو ڪيو Avoid second-hand smoke

سگريٽ جي آخري ڇيڙي جا يا سڙيل سگريٽ جي دونهي جا ڪيميڪل رڳن ۾ پلڪ Plaque پيدا ڪن ٿا. اهي ڪيميڪل خاص ڪري سگريٽ نه پيئندڙن لاءِ جن م ڪوليسٽرول يا هاءِ بلڊ پريشر جا مريض آهن انهن لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار آهن.

کلڻ Laugh

کلڻ اوهان جي طبيعت لاءِ بهترين آهي. پر اهيو اوهان جي دل لاءِ به سٺو آهي. هيلٿ لائڻ پنهنجي رسرچ ۾ بيان ڪري ٿي ته کلڻ اسٽريس جي هارمون کي گهٽ ڪري ٿو، رڳن جي سوزش کي گهٽائي ٿو ۽ هاءِ ليول لپو پروٽين (HDL) يا سولي ٻوليءَ ۾ سٺو ڪولسٽرول کي پڻ وڌائي ٿو.

انسان تيستائين خوش آهي جيسين ان جي صحت سٺي آهي. اسان روز مره جي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ اهڙن ڳالهين جو خيال ڪندا آهيون جيڪي بنا ڪنهن فيس وٺڻ جي اسان کي مفت ۾ سٺي صحت جا ڏس ڏينديون آهن. هي آرٽيڪل به مفت جو آهي. اوهان کي بس مٿي ٻڌايل چند ڳالهين تي عمل ڪرڻو آهي ۽ توهان مفت ۾ پنهنجي زندگي ۽ صحت ٻنهي کي بهتر ڪري سگهو ٿا.

No comments:

Post a Comment