Saturday, January 11, 2020

Human Heart

انساني دل
The human heart
ليکڪ: علي رضا شورو


دل انساني جسم جو اھڙو اندروني عضوو آھي جيڪو  پيدائش جي عمل کان اڳ ڪم  ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ سڄي زندگي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي پنھنجو ڪم جاري رکي ٿو.


دل مشڪن جي ٺھيل ھوندي آھي. دل انساني جسم ۾ رت کي ڌڪڻ ۾ مدد ڏيندي آھي دل ڏانھن رت شريانن (blood vessels or veins) جي ذريعي ايندو آھي ۽ دل کان جسم ڏانھن آٽريز جي رستي ويندو آھي.

انساني دل جي بناوت:
[Structure of The human heart]:

انساني دل ڪارڊڪ مشڪن جو ٺھيل ھوندو آھي ھي انساني جسم جي سيني واري حصي ۾ کاٻي پاسي ڏانھن موجود ھوندي آھي.دل تاندورن جي ٺھيل ٿيلھيء جھڙي بچاء واري پڙدي يا ڍَڪ ۾ رکيل ھوندي آھي جنھن کي پيريڪارڊيئم چئبو آھي . دل چئن خانن تي مشتمل ھوندي آھي جنھن جا مٿيان ٻہ خانا سنھن تھن جا ٺھيل ھوندا آھن جنھن کي آٽريا چئبو آھي ۽ ھيٺيان ٻہ خانا ٿلھن تھن جا ٺھيل ھوندا آھن جنھن کي وينٽريڪل چئبو آھي .مٿيان ٻہ خانا ھڪٻئي کان مخصوص جھليء جي ذريعي ڌار ھوندا آھن ۽ ھيٺيان ٻہ خانا بہ ھڪ ٻئي کان انٽر وينٽريڪيولر جي ذريعي ڌار ھوندا آھن.دل جي ساڄي پاسي واري ھيٺين ۽ مٿين خاني جي وچ ۾ ٽن سوراخن وارو وال  (ٽرائي ڪسپڊ Tricuspid )
موجود ھوندو آھي.۽ اھڙي طرح کاٻي پاسي ڏانھن ٻن سوراخن وارو وال (بائڪسپڊ Bicuspid)
موجود ھوندو آھي.
جڏھن رت ساڄي پاسي واري آٽريئم ۾ ايندو آھي تہ ان کان پوء ٽرائڪسپڊ وال جي ذريعي ساڄي وينٽريڪل ڏانھن منتقل ٿيندو آھي. ۽ رت جي منتقل ٿيڻ کان پوء ٽرائڪسپڊ وال بند ٿي ويندو آھي. اھڙي طرح بائڪسپڊ بہ ساڳي ريت ڪم ڪندو آھي.
بائڪسپڊ ۽ ٽرائڪسپڊ گڏوگڏ کلندا ۽ بند ٿيندا آھن.
۽ ٻنھي والن جي بند ٿيڻ سان لب (Lub) جو آواز پيدا ٿيندو آھي.رت ساڄي وينٽريڪل کان وري پلمونري آرٽري جي ذريعي ڦڦڙن ڏانھن ويندو آھي ۽ ڦڦڙن مان آڪسيجينيٽڊ ٿيڻ کان پوء پلمونري وين جي ذريعي کاٻي آٽريا ۾ داخل ٿيندو آھي.۽ ساڳي طرح سان بائڪسپڊ وال جي ذريعي کاٻي وينٽريڪل ۾ داخل ٿيندو آھي.۽ کاٻي وينٽريڪل کان پوء اروٽا ۾ داخل ٿيندو آھي.
رت جي ٻنھي نلين پلمونري آٽري ۽ اروٽا ۾ سيميليونار والو (Semilunar valve)
موجود ھوندا آھن ۽ ٻئي وال گڏ کلندا ۽ بند ٿيندا آھن
ٻنھي والن جي بند ٿيڻ سان جيڪو آواز پيدا ٿيندو آھي ان کي ڊب (DUB) چئبو آھي. اروٽا مان رت مختلف شريانين جي ذريعي سڄي جسم ڏانھن پکڙجي ويندو آھي.

1 comment: