Tuesday, May 4, 2021

توانائي


تواني هر جاندار جي بقا لاءِ لازم آهي. جاندارن ۾ زندگي کي جاري رکندڙ سمورا ڪيميائي عمل توانائي جا گهرجائو هوندا آهن. واڌ ويجھ، پيدائشي عمل، جسماني بناوت، ماحول ۾ گرمي، سردي جي شدت کان بچاءُ، حملا آورن کان تحفط، ڪم ڪار، گهمڻ ڦرڻ، اٿڻ، وهڻ، سوچڻ، سمهڻ، وغيره سمورا عمل بنا قوت جي ممڪن نه آهن.

سولي ٻوليءَ ۾ توانائي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت يا قوت کي چئبو آهي ۽ اهيا قوت ڪيترن ئي شڪلين و صورتن ۾ ملندي آهي پر سمورا رستا وري سج طرف ويندا آهن جو توانائي جو مکيه ذريعو سج آهي. جاندار يا ته  پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندا آهن؛ جيئن ٻوٽا. ٻوٽا پنن ۾ موجود سائي مادي (ڪلوروپلاسٽ) جي ذريعي سج جي روشني مان توانائي حاصل ڪري، ان کي پاڻي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان ملائي ڪري پاڻ لاءِ گلوڪوز ٺاهيندا آهن. اهو گلوڪوز بعد ۾ مختلف شڪلين ۾ پنهنجي بناوت کان ويندي ٻين مختلف ڪمن ۾ ڪم آڻيندا آهن. ٻوٽ جي انهي عمل کي روشنائي واري ترڪيب Photosynthesis چئبو آهي.

ٻيا جاندار انهن ساون جاندارن کي کائي ڪري توانائي حاصل ڪندا آهن. مثلن سيهڙ، ٻڪري، مينهن وغيره.

جاندارن جي جسم ۾ توانائي ٻن طريقن سان حاصل ۽ استعمال ٿيندي آهي.  هڪ، جنهن ۾ هو ننڍڙن مرڪبن کي توانائي جي ذريعي ملائي وڏا پيچيده مرڪب ٺاهن جيئن ٻوٽن ۾ گلوڪوز ٺاهڻ جو عمل هو. هن عمل کي سائنسي ٻولي ۾ اينابولزم چئبو آهي.

ڪيٽابولزم وري ان جو ضد آهي هن ۾ وڏا مرڪب ننڍن حصن ۾ ٽٽندا آهن جنهن دوران توانائي پيدا ٿيندي آهي. مثلن، انسانن ۾ گلوڪوز ٽٽندو آهي ته پاڻي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ توانائي پيدا ٿيندي آهي. اهي، اهي ئي ماليڪيول آهن جن کي ٻوٽن ٺاهيو هو.

جاندارن جي جسم ۾ هن ٻنهي عملن کي ملائي ڪري ميٽابوليزم چئبو آهي. هن ۾ اهي ٻئي عمل هميشه جاري رهندا آهن، جيسين اهو جاندار، جانور مري نٿو وڃي.

 

No comments:

Post a Comment