Sunday, February 28, 2021

جيو گهرڙي جي تاريخ

جيو گهرڙي جي تاريخ

ذيشان علي سولنگي

هڪ ستر ڪلو گرام جي انسان ۾ لڳ ڀڳ 25 ٽرلين جيوگهرڙا رت تي مشتمل آهن جن جو ڪم فقط آڪسيجن ڦڦرن کان کڻي جسم جي هر حصي تائين پهچائڻ آهي ۽ اتان کان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کڻي وري ڦڦڙن تائين. اهيو ته فقط رت ۾ موجود ڳاڙهن جيوگهرڙن جو ذڪر هيو، جڏهن ته ڳاڙهي نظر ايندڙ پاڻياٺ جنهن کي اسان رت ٿا چئون، اهو ٻين مختلف جيوگهرڙن تي مشتمل آهي. رت جي ڳاڙهن جيو گهرڙن کان الاوه جسم ۾ 75 ٽرلين ٻيا سيل يعني جيو گهرڙا موجود آهن جن کي ملائي ڪري لڳ ڀڳ 100 ٽرلين جيو گهرڙا هڪ ستر ڪلو جي صحتمند انسان جي جسم کي جوڙين ٿا. (گائٽن، هال ميڊيڪل فزيو لاجي، ص3)

اڄ به جيوگهرڙي ۾ ڪيترائي راز دفن آهن جڏهن ته ڪيترا ئي ڳجهه فاش به ٿي چڪا آهن. سائنس انهيءَ زندگيءَ جي بنيادي ذرڙي مان مليل معلومات کي استعمال ڪري ڪيترين ئي بيمارين جو ڪارڻ سمجهي ورتو آهي، ۽ انهن جو اعلاج به ٺاهي ورتو اٿن.

 زندگيءَ جي انهي اک سان نه ڏسي سگهجندڙ بنيادي ذرڙي کي پهريون ۽ نالي سميت 1665ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.


اهيو پهريون چڪر نه هو جو ڪنهن سائنسدان زندگيءَ جي بنيادي حصي کي ڏٺو هجي، مثلن: 1558 ۾ سُوِس ”Swiss“ جي حياتياتدان “Biologist” شروع واران جاندارن (Protists) جي هڪ قسم ڦورامنيفيرا (Foraminifera)  جي گروهه تي رسرچ پبلش ڪئي جنهن ۾ ان جيو گهرڙن جا خاڪا پڻ پبلش ڪيا. پروٽسٽ جاندارن جي خاصيت اهيا آهي ته هو هڪ ته ”هڪ جيو گهرڙي“ تي مشتمل آهن ٻيو ته اهي ڌرتيءَ تي موجود جانورن، ٻوٽن ۽ کنبين جي عڪاسي به ڪن ٿا. انهن تي تبصرو ڪنهن ٻئي آرٽيڪل ۾ ڪبو فلحال جيو گهرڙي جي ڪهاڻي کي جاري ٿا رکون.

مختلف وقتن تي مختلف سائنسدانن پنهنجي حال آهر زندگيءَ کي پئي پرکيو ۽ جاچيو آهي ۽ ائين ئي 1600ع جي هڪ خوردبين علم جراحي Microanatomist)) مارسيلو ميلپگهي (Marcello Malpighi) پهريون چڪر جانورن جي مختلف عضون جهڙوڪ ميڄالو، جيرو، بڪي، تري(Spleen)، ڦڦڙ ۽ ڄڀ جي ڪٽيل سنهڙن اوڄن کي خوردبين ۾ چڪاسيو. جانورن جي اوڄن سان گڏوگڏ ٻوٽن جا تاندورا پڻ هن ڏٺا ۽ جنهن کان پوءِ هن چيو ته اهي سڀ Structural  Units جا ٺهيل آهن جنهن کي هن بعد ۾ “Utricels” جو نالو ڏنو.

هن سموري کوجنا جي پويان خاص طور تي حياتياتي سائنس ۾ نئين جُڳ کي متعارف ڪرائڻ ۾ خوردبين جو اهم ڪردار رهيو آهي. ان جو خاص ڪارڻ اهيو آهي ته جيو گهرڙو ايترو ته ننڍو آهي جو ان کي عام اک سان ڏسڻ ممڪن نه آهي جنهن ڪري مختلف سائنسدانن اهڙن شيشن تي پئي ڪم ڪيو جيڪي ننڍين شين کي وڏو ڪري ڏيکارين ۽ ائين ئي جيو گهرڙي سان گڏوگڏ خوردبين به جواني ماڻيندي رهي.

خوردبين جو متعارف ٿيڻ ۽ جيوگهرڙي يا اک سان ڏسي سگهجندڙ زندگي تي ٿيل ڪم ڪيترن ئي سائنسدانن کي پاڻ طرف ٿي ڇڪيو ۽ ائين ئي سال 1665 ع ۾ هڪ خوردبين ماهر نالي رابرٽ هوڪ پنهنجيون لکڻيون ڇپرائي پڌريون ڪيون جن ۾ موجود هڪ مضمون ۾ هن سيل جي باري ۾ ٻڌايو.

رابرٽ هوڪ ڪارڪ (Cork)جي وڍيل سنهڙي ذري کي خوردبين ۾ مشاهدو ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪارڪ ماکي جي ماناري يا سيلن (لاطني ٻولي معنيٰ خالي جاءِ) جهڙو ٺهيل آهي. ۽ ائين ئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زندگيءَ جي بنيادي ايڪي کي پنهنجو نالو يعني سيل مليو.

جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن انسان حياتيات جي علم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لڳو.  جرمن جي نباتات جي ماهرMathias Jacob Schleiden (1804-1881)  ۽ جرمن جي ٻئي علم حيوانات جي ماهر Theodor Schwann (1810-1881) جيو گهرڙي تي موجود سموري علم کي گڏائي ، جيو گهرڙو زندگيءِ جو بنيادي ايڪو آ، سمورا جانداي ان مان ٺهيل آهن، ۽ سيل صرف سيلن مان ٺهندا آهن جهڙا حوالا ڏئي ڪري ثابت ڪيو ته سيل يا جيو گهرڙو سموري حتيات جو مکيه، بنيادي ذرو آهي ۽ ائين سيل دنيا آڏو مطارف ٿيو.



#Cell #HistoryOfCell #Biology

No comments:

Post a Comment