Showing posts with label scienceinsindhi1. Show all posts
Showing posts with label scienceinsindhi1. Show all posts

Saturday, May 2, 2020

موت کان پوءِ قاتل ڪير ؟

موت کانپوءِ قاتل ڪير.!؟
”امتياز علي“


هو قتل ڪيو ويو هو. ڪنهن کي ان جي لاش ملي هئي.


 اهو انصاف جو طالبگار آهي پر ان وٽ ٻين کي پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائڻ جو طريقو صرف ان جو جسم آهي. پوليس ۽ فرانزڪ ماهر پهچي چڪا آهن. اهوئي ان جو جائزو وٺي رهيا آهن. ڇا ٿيو هو؟ ڪڏهن ٿيو هو؟ ان جي اک سان، ان جي جسم سان وڏي احتياط سان گڏ ٽِشو گڏ پيا ڪيا وڃن. پد ڏٺو پيو وڃي. پر ان کي ڏسي ڪري ماهر ڪيئن ٻُڌائيندا؟ ان جي ڪري اسان هتان کان ڪجھ پري يونيورسٽي آف ٽينسيس ميڊيڪل سينٽر جي تحقيقاتي مرڪز هلنداسين  جنهن کي 1981ع ۾ قائم ڪيو ويو.

اڍائي ايڪڙ تي هي خاردار تارن سان الڳ ڪئي وئي آهي، وڻن سان ڀريل جڳھ آهي.  ڪڏهن ڪئي نوريئڙا ڀڄندي نظر اچي ويندا آهن ۽ ساون گاھن جي ميدان ۾ سج جا ڪِرڻا جُهمي رهيا آهن. هتي جي روشني ۽ ساوڪ ۾ ڪجھ جسم ليٽيل آهن، اهي زندھ ناهن. هي پنهنجي طرز جي واحد ريسرچ سينٽر آهي، جيڪو صرف موت کانپوءِ جسم تي ٿيڻ واري ٽُٽڪ ڦُٽل جي تحقيق لاءِ جوڙيو ويو آهي. ليٽڻ وارن پنهنجو جسم تحقيق جي لاءِ عطيو ڪري ڇڏيو هو. ۽ هي خاموشي سان ڪِرمينل فرانزڪس جي سائنس جي اڳڀرائي ۾ مدد ڪري رهيا آهن. اسان جيترو وڌيڪ ان شيءِ کي بهتر ڄاڻي وٺنداسين تہ موت کانپوءِ جسم سان گڏ ڇا ٿيو آهي. ڪهڙي ڪيميائي ۽ بائيولوجيڪل پراسس هوندا آهن، ڪيترو عرصو رهندا آهن، ڪهڙي طرح جو ماحول انهن تي اثر ڪندو آهي ايترو ئي بهتر ڄاڻي سگهنداسين تہ ان جي موت ڪڏهن ٿي هئي. سالانو، سئو ڄڻا پنهنجو جسم ان فيسلٽي جي لاءِ عطيو ڪندا آهن.

پوليس هاڻ ان جو گھڻو سٺو اندازو لڳائڻ جي قابل آهي. پهريان چوويھ ڪلاڪن ۾ اک جي جيل جو پوٽاشيم ليول ئي ٻُڌاءِ ڇڏيندو آهي. الگور مورٽس، جيڪو جسم جي پد ۾ هئڻ واري في ڪلاڪ تبديلي آهي. ان ڳالھ کي ٻڌاءِ ڇڏيندي آهي. جسم جي حالت جو گھڻو وڌيڪ آڌار ان تي آهي تہ صورتحال ڪهڙي هئي. جسم کي دفنايو ويو هو؟ ڪهڙي طرح؟ پد ڇا هو؟ يونيورسٽي آف ٽينيسي جي آنٿروپولوجيڪل ريسرچ فيسلٽي ڪجھ کي گهٽ هيٺ زمين ۾ دفن ڪيو آهي. ڪجھ کي گاڏي جي ڊگي ۾ رکيو آهي. ڪجھ کي پلاسٽڪ جي ڪور ۾.  ڪجھ کي پٿرن جي هيٺيان. ڪجھ کي پاڻي ۾. هر اها صورتحال جيڪو قاتل جسم سان گڏ ڪري سگهن ٿا، ان يونيورسٽي جي محققين اهوئي ڪري رهيا آهن.

انهن حالتن جي اثر کي سمجهڻ کان پهريان بنيادي انساني سڙڻ کي سمجهڻ ضروري آهي. هتي محققين ڪيتري ئي وقت کان ڪم ڪري رهيا آهن. ۽ اها ئي اها جڳھ آهي جتان کان قانون لاڳو ڪرڻ وارن آفيسرن جي تربيتي ڪورس ٺهندا آهن ۽ ڏنا ويندا آهن.

جسم ۾ ٽُٽڻ ڦُٽڻ جي شروعاتي مرحلو آٽولوسز چوَرائندي آهي. ان کي پاڻ کي هضم ڪرڻ بہ چئي سگهجي ٿو. انساني خليا ماليڪيولز کي ٽوڙڻ جي لاءِ اينزائم استعمال ڪندا آهن. ان سان مختلف ڪمپائونڊز کي پنهنجي استعمال جي شين ۾ ٽوڙي سگهجي ٿو جنهن کي خليو استعمال ڪري سگهي ٿو. جڏهن تائين زندگي هئي، خليا ان اينزائم کي قابو ۾ رکندا آهن. ڪٿي هي خليا پنهنجي ڀِت کي نہ ٽوڙي ڇڏين. موت کانپوءِ هي قابو بہ ختم ٿي ويو. هي اينزائم ڍانچو ٽوڙڻ لڳا. خلين جي اندر جو ليڪوئيڊ لِيڪ ٿيڻ لڳو. ان جي نتيجي ۾ جلد جسم مان لهندي آهي. فرانزڪ ان عمل کي گلوونگ چوندا آهن.

مکيون هتي بيدا ڏيئي وينديون. انهن جڳهن تي، جتان کان جسم جي اندر وڃي سگهجي ٿو. اک، مُنهن، زخم وغيرھ تي. ان جي ٻارن کي ان چمڙي جي هيٺيان جي چرٻي پسند آهي.

اينزائم جي وجھ سان جيڪو ليڪيوئيڊ نڪتو هيو، ان جسم ۾ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هي جسم جي اندر موجود بيڪٽيريا جي ڪالونين تائين پهچڻ لڳو آهي. هڪ گهرڙي جاندارن جي لاءِ هي عيش جو وقت آهي. انهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ وارو مدافعتي نظام پهريان ئي بند ٿي ويو هو. ۽ هاڻ پاڻياٺ ان کي مناسب آهي جيڪو آنڊن جي لائننگ سان انهن کي ملي رهيو آهي. خوراڪ جي پسندي آهي. ان جي تعداد تيزي سان وڌي رهي آهي. پاڻياٺ خالي ان جي خوراڪ آهي بلڪي اچ وڃ جا ذريعا جسم ۾ هر جڳھ پهچي رهيا آهن. اڳيون مرحلو اچي رهيو آهي. هي ان جسم جي سڄڻ جو آهي.

بيڪٽيريا جي زندگي جو مدار خوراڪ آهي. ان جو مُنهن يا آنڱريون تہ ناهن هونديون پر هي کائيندا آهن هضم ڪندا آهن ۽ فالتو مادن جو نيڪال ڪندا آهن. اسان جيان هي خوراڪ کي سادن ٽُڪڙن ۾ ٽوڙيندا آهن. اسان جا اينزائم گوشت کي پروٽين ۾ ٽوڙيندا آهن. آنڊن جي بيڪٽيريا ان پروٽين کي امينو ايسڊ ۾ ٽوڙيندا آهن. جڏهن اسان مري ويندا آهيون تہ انهن جو اسان جي خوراڪ تي آڌار ختم ٿي ويندو آهي. اسان پاڻ انهن جي خوراڪ بڻجي ويندا آهيون. ان عمل جي دوران هي گيس پيدا ڪندا آهن. ائين ئي جيئن اسان جي جسم ۾ پيدا ٿيڻ واري گيس آنڊن جي بيڪٽريا جو فالتو مادو آهي. بيڪٽيريا اهو ئي ڪم سٺي نموني سان جاري رکيون ويٺا آهن. فرق خالي ايترو آهي تہ جڏهن اسان زندھ هوندا آهيون تہ ان کي ڪڍيندا رهندا آهيون. مري وڃڻ کانپوءِ معدي جا مشڪ ڪم ناهن ڪندا، هي جمع ٿيندي پئي وڃي جسم کُلندو رهندو آهي. اثر هر جڳھ آهي سڀ کان ظاهر پيٽ آهي. بيڪٽيريا جو انگ اتي سڀ کان وڌيڪ آهي.

جنهن مکين بيدا ڏنا هئا، ان جا لاروا بہ مصروف آهن، انهن جي کائڻ جي آواز ٻُڌي سگهجي ٿي.

هڪ هفتي ۾ هي مرحلو ختم ٿي ويندو آهي. ان کانپوءِ سڙڻ جي عمل (Putrefaction) جي واري آهي. ان ۾ بيڪٽيريا ٽِشو کي ٽوڙي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪير زمين ۾ دفن آهي تہ اهو زمين جو حصو بڻجي رهيو آهي. نظامِ هاضمو ۽ ڦڦڙ ان جا پهريان شڪار هوندا. هتي بيڪٽيريا جو انگ وڌيڪ آهي. دماغ بہ جلد ئي هليو ويندو. هي گهڻو جلد پاڻياٺ بڻجي ويندو آهي.

مشڪن کي کائڻ وارو بيڪٽيريا بہ هوندا ۽ بيٽل بہ. چمڙي کي ڇا ٿيندو آهي؟ ان جو سڀ کان وڌيڪ آڌار موسم تي آهي. رنگ بدليندي، خشڪ ٿيندي هي بہ ان عمل جو شڪار آهي.

۽ هي انساني ڍانچي جي ڪهاڻي آهي مٽي ۾ ملي ڪري مٽي ٿي وڃڻو آهي...!!



هي اينزائم ۽ خليا، بلغم ۽ روڳ، وهي وڃڻ وارا پاڻياٺ ..... اسان بائيولاجي آهيون. پنهنجي ڄمڻ جي وقت کان پنهنجي موت تائين...... ۽ ان جي وقفي ۾ اسان هر اها ڪوشش ڪندا رهندا آهيون تہ ان حقيقت کي ويساري ڇڏيون...!!

ان تحقيق مان حاصل ٿيڻ واري علم. هتي ٺاهڻ واري تربيتي پروگرام وڏيون ڳجھيون سمجهائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. واقعاتي شاهد تحقيق جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندا آهن. واقعاتي شاهد ڪيترن گناهن کي غلط سزا هئڻ کان بچايو آهي. ڪيترن ڏوهارين جي خلاف گواهي ڏني آهي.

ڇا اسان جي وڪٽم کي انصاف ملي ويو..!؟
خبر ناهي. نوڪس ول جي ان ميدان ۾ آرام ڪرڻ وارن ۽ ان تي ڪم ڪرڻ وارن پنهنجي ڪوشش تہ ڪئي آهي....!!!!

Saturday, April 11, 2020

ڌرتي ڪيئن ڄائي ؟

ڌرتي ڪيئن ڄائي؟

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



ڏينهن مهل ڪنهن کُليل هنڌ تي بيهي جاڏي ڪاڏي نهار اڇلائڻ سان هڪدم ڄاڻي وٺبو ته ڌرتي ڄڻڪ هڪ ويڪرو فرشُ/پَٽُ هجي، جنهن جي سڀني پاسن تي ڀِت جيان آسماني رنگ جھڙو ۽ لَسو پردو گولائون مٿي ٿيندو وڃِي اُڀ ٿئي ٿو ــــــــــــ هڪ گُنبذ، جنهن هيٺان فرش تي اسين بيٺا هجون. ان گنبذ جھڙي آسماني رنگ واري گولائين ڍڪڻ کي “آسمان” سڏيو وڃي ٿو. ڪَڪَرَ نه هجن ته سج چمڪندي نظر ايندو.
رات جو ساڳي هنڌ بيهي “آسمان” ۾ نظر وجھڻ سان نظارو ئي ٻيو نظر ايندو. سڀني پاسن تي ۽ اڀ ۾ ننڍا وڏا روشن ۽ ٽمڪندڙ ٽبڪا/جسم لکن جي ڳڻپ ۾ نظر ايندا جن کي تارا/ستارا سڏيو وڃي ٿو. ڌيان ڏئي ڏسڻ سان، سُڌ پوندي ته انهن جي بِيهڪ هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ اڳتي پوئتي آهي: ڪي ويجھا آهن، ته ڪي ڏاڍا پري. اهو ساڳيو لقاءُ ڏينهن جو نظر ڇو نه ٿو اچي؟ ڇا سج “آسمان” کان هيٺ آهي؟ چنڊُ موجود هوندي، چنڊَ ويجھو تارا گھٽ ۽ جَھڪا نظر اچن ٿا، سو ڇو؟ سياري ۾ “آسمان” جو لقاءُ هڪ آهي، ته ساوڻ ۾ ٻيو، ڇا “آسمان” بدلجي وڃي ٿو يا اهو هوري هوري سُرندو رهي ٿو؟ هِي جيڪي تارا نظر اچن ٿا، سڄيءَ ڪائنات ۾ رڳو اهي ئي آهن يا ڪي اهڙا به آهن جن تائين اسان جي نظر نه ٿي پهچي؟ تارن، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي، اهي سڀ شيون وجود ۾ ڪڏهن آيون ۽ ڪيئن ٺهيون؟
اهڙا ڪيترائي سوال سُڄاڻ ماڻهن آڏو رهيا، ۽ ڄاڻ لاڳيتو وڌندي رهي. اڄ ڄاتو ويو آهي ته سنسار/ڪائنات اڻکُٽ آهي، ان جي ڪا به آخري حد ناهي، ان جو ڪو به دنگُ، ڪو به ڇيهه ناهي. سنسار بابت نِت نيون کوجنائون ماڻهوءَ کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تپرس ۾ وجھنديون پيون وڃن.
وائڙو ڪندڙ سنسار ماڻهوءَ لاءِ سدا کان انوکو ۽ عجيب رهيو آهي. ان تي سوچ ويچار ۽ ان بابت پُڇا ڳاڇا ٻالجتيءَ کان ئي شروع ٿي وڃي ٿي. ساڳيءَ طرح ڌرتيءَ جو اسرارن ڀريو اڻکٽ خزانو آهي ــــــــــــ ڌرتي ماڻهوءَ ته ڇا، هر ساهواري جي “وڏي ماءُ” آهي، ان تان ئي اسين، اسان جو ابو امڙ، اسان جا وڏڙا پنهنجو رزق/کاڌ خوراڪ هٿ ڪري جِيئِي سگھيا آهن.
ڌرتي ڇا جي ٺهيل آهي؟
ڌرتي ڪيئن ٺهي؟
ڌرتي ڪڏهن وجود ۾ آئي؟
اهي ۽ اهڙا ڪجھه ٻيا سوال سندس سوچ ۽ سمجھه کي سدائين ڇڪيندا ۽ ڌوڻيندا رهيا.
جوابَ، ڪنهن ڪيئن ڏنا، ته ڪنهن ڪيئن.
اوائلي ماڻهوءَ کي ڄاڻ ۽ سمجھه گھٽ هئي پر هُو سچ ۽ حق جو ڳولائو ۽ هر شيءِ جي غير وهمي پرک ڪندڙ هو. پوءِ، جڏهن طبقا پيدا ٿيا تڏهن ڦورو طبقن جي ڦورو مفادن جا رکوالا “عالم” ۽ ڌرمي/مذهبي اڳواڻ انهن ۽ اهڙن سوالن جا جواب ايڏا ته ڄَٽاڻا ڏيندا هئا جو ڳالهه کي صحيح سمجھڻ بدران ماڻهن جي ذهنن ۾ وهم، وِسوِسا ۽ ڪُوڙا ڀَرم ڀرجي ويا. انهن “اڪابرن”، جيڪي هئا ته ڄَٽ ۽ ڪُڄاڻُو پر پاڻ کي عالم سڏائي ماڻهن کي ڦريندا هئا، عام ماڻهن کي ٻڌايو ته ڌرتيءَ سان گڏ سڄو سنسار ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ/لقاءُ ڪِن ديوِيُن ۽ ديوتائن، خدائن، اِلهن ۽ اِلهڙين پيدا ڪيو هو، تنهنڪري انهن جي پُوڄا ڪيو، “نذرانا” ڏئي کين راضي رکو ۽ توهان کي جيڪو ڪجھه اسين ٻڌايون، ان تي ئي ويساهه/ ڀروسو ڪيو ته ڇوٽڪاريل رهندَو. اهڙن “ڄاڻن” جا جيترا وات اوتريون ڳالهيون ـــــــــــــ هر ڳوٺ، قبيلي ۽ علائقي ۾ نت نيون، آڏيون ابتيون ڳالهيون پيون هلنديون هيون، ۽ اڻڄاڻُ رکيلَ ماڻهو هِڪڙا ڀروسا ڪري، اهي ڇڏي، وري ٻيا ڀروسا ڪندا رهيا. ديوين ديوتائن جا اهي تصور حقيقت ۾ قبيلي جي سردارن يا علائقي جي حاڪمن ۽ انهن جي زالن جا نقلي ۽ عڪسي تصور هئا. پوءِ جڏهن بادشاهن جي بادشاهه يعني شهنشاهه جي حڪمراني قائم ٿي، ته خدائن جي خدا يا ديوتائن جي ديوتا يعني هڪ وڏي ديوتا جو تصور به ٺهيو. ٻي پاسي هر ان شيءِ جي پُوڄا به ڪئي ويندي هئي جيڪا ڪنهن به طرح ڏاڍي سگھاري هجي جيئن وڻن کي لوڏيندڙ هوا، ڪاٺ کي ساڙيندڙ باهه، هر شيءِ کي لوڙهيندڙ يا ٻوڙيندڙ پاڻيءَ ۽ اهڙين ٻين شين جي.
هاڻي جيئن جيئن سچي ڄاڻ ۽ صحيح سمجھه وڌي رهي آهي تيئن اهي ڪُوڙا، ڄٽاڻا وهم گھٽجي رهيا آهن.
اوائلي سنڌ (سنڌ-هند) ۾ (عيسوي سن جي ابتدا کان لڳ ڀڳ 6- سَو ورهه اڳ) ڌرتيءَ ۽ سنسار بابت ۽ ٻي هر شيءِ تي سوچ ويچار ڪندڙ ماڻهن جو چرواڪ سڏجندڙ ٽولو ٿي گذريو آهي، جيڪي لوڪايَت نظريو رکندڙ هئا. برِيهاسپتي نالي هڪ سالڪ/رشِيءَ/ڏاهي کي، جيڪو ڄڻ ته ڏند ڪٿائي تصور آهي، لوڪايت جو بڻ رکندڙ سمجھيو وڃي ٿو. هن مَتي/نظريي موجب، سنسار جي هر شيءِ (سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ، وڻن ٻُوٽن، پکي پکڻن ۽ ماڻهن مِرُن سميت) چَئن جُزن جي ٺهيل آهي. هر شيءِ جو هر گُڻ، هر رُوپ، هر عمل انهن چئن جزن جي گھٽ وڌ ڳڻپ سبب هو. مثال طور، اڄ اسين ڄاڻون ٿا ته آڪسيجن جا ٻه ايٽم (اڻا، جزا، ذرڙا) ۽ هئڊروجن جا ٻه ايٽم پاڻ ۾ مِلي هئڊروجن آڪسائيڊ نالي هڪ پاڻياٺ ٺاهن ٿا پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ايٽم ۽ هئڊروجن جا ٻه ايٽم هجن ته پاڻي ٺهي پوندو. هئڊروجن پَر آڪسائيڊ ۽ پاڻي جي گُڻن ۾ ڏينهن-رات جھڙو فرق آهي. چرواڪن جو خيال هو ته اهي چار اهم جزا هئا:
1. مِٽِي، 2. پاڻي، 3. باهه، ۽ 4. هوا.
ڪجھه گِرنٿن (اصل ليکن/لکيتن/لکڻين) ۾ پنجون جزو به بيان ڪيل آهي. يورپ ۾ پڻ ڪجھه عرصو اڳ تائين سمجھيو ويندو هو ته سنسار جي هر شيءِ مٿي ڄاڻايل چئن جُزن ۽ پنجين جزي “اِيٿر” جي گھٽ وڌ ميلاپ سبب ٺهيل آهي. چرواڪن جي خيال موجب سنسار جو ڪو به ڌڻي، مالڪ، خلقيندڙ نه هو ۽ نه وري سنسار پنهنجيءَ جوڙجڪ ۽ ڦيرڦار لاءِ ڪنهن ڌڻيءَ جو ڳيجھو هو.
چِينين جو ويساهه هو ته ڌرتي ۽ آڪاس، اوائل ۾، هڪ ٻي جي ڀاڪر ۾ ڀريل، زال مڙس هئا، جن کي ڪنهن مَهان-سگھه ڇِڪي، ڇِنهي ڌار ڪيو ۽ ڌرتيءَ کي پَٽَ جيان وِڇايو ته آڪاس کي ان مٿان ڇَٽ جيان تاڻي جھليو. ان تصور سان ئي ڪجھه ملندڙ جلندڙ پر وقت ۽ علائقي جي وڇوٽيءَ سبب ڪجھه فرق رکندڙ خيالَ بابل ۽ مصر جي سڀيتائن ۾ به ملن ٿا. قديم يوناني اڪابرن جا گھڻا خيال ته چرواڪن سان ملندڙ هئا پر انهن وٽ ديوي ديوتائن جو تصور به هو.
ڏيهه ڏيهه جا ڏاها ۽ سياڻا پنهنجيءَ پنهنجيءَ سوچ ۽ سمجھه پٽاندر سنسار تي ويچار ڪندا رهيا. نيٺ ڪاپرنِيڪَس، گَلِيلو ۽ ڪِپلر نالي فلڪڄاڻڪ/تاراڀياسڪ (تارن بابت ڄاڻ رکندڙ) ئي هئا جن سج چوڌاري ڦرندڙ گِرهن جا ڪجھه مَتا ڳولي لڌا. ڪجھه عرصو پوءِ نِيُوٽن ٻڌايو ته سنسار جي مادي جو هر ذرو ڳوراٺ (Gravity) (پاڻ يا پنهنجي وچ/ڳَر ڏانهن ڇڪِيندڙ سگھه) رکي ٿو ۽ ٻي هر ذري تي اثر وجھي ٿو ـــــــــ اهڙيءَ طرح سنسار جا اسرار ٻاڦورجڻ لڳا.
1609ع ۾ پَرويک (دُوربيني، ٽيليسڪوپ) جي ايجاد سان تارا ڄاڻڪن کي اهو وجھه ملي ويو ته هر گِرهه/سياري ۽ تاري/ستاري کي ويجھو ڪري جاچي سگھن.
انهن ڏٺو ته سج-سرشتي جا سمورا گرهه سجَ چوڌاري ساڳي ئي ڏِس ۾ چڪر هڻي رهيا آهن ۽ پنهنجيءَ “سَرائِيءَ” تي به ان ئي ڏِس ۾ ڦرن ٿا. هنن اهو به ڄاتو ته سج پڻ پنهنجيءَ “سرائيءَ” تي ڦري ٿو. هنن سج کان ان جي چوڌاري ڦرندڙ گرهن جو فاصلو به ماپڻ شروع ڪيو جنهن ۾ پڻ هڪ مناسب وِٿي موجود هئي.
سُڄاڻن/سڄاڻڪن/سائنسدانن اهو به جاچي ورتو ته سج جا سڀئي گرهه هڪ جھڙي “عادت” ظاهر ڪن ٿا، تنهنڪري ممڪن آهي ته اهي سڀ ساڳيءَ مهل ساڳي نموني ٺهيا هجن.
بَفن نالي هڪ سڄاڻڪ، جيڪو فرانس ڏيهه جو رهاڪو هو، 1749ع ۾، اهو نظريو ڏنو ته ڪنهن زماني ۾ ڪو ڀٽڪيل، پاڻَهُرتو، هوڏِي تارو سج سان ذري گھٽ ٽڪرائجڻ وارو هو پر ان جي ڀرسان مَٽي ويو. سج، اڄ جيان ان زماني ۾ به ڀڙڪندڙ باهه جو گولو (گئس-گولو) هو. ويجھو ايندڙ ان تاري جي ڳرڇِڪ سبب سج جي گئس گولي منجھان وڏا وڏا ڳترا ڇِڄي ڌار ٿيا. اهو تارو ته جنهن تيزيءَ سان آيو تنهن تيزيءَ سان هليو ويو، پر سج کان ڇڳل ٽڪرا پري وڃي گھٽ وڌ مفاصلي تي سج چوڌاري چڪر هڻڻ لڳا، ۽ پوءِ وقت گذرندي ٿڌا ۽ نهرا ٿي گرهَه ٿيا.
لڳ ڀڳ اڌ صدي پوءِ 1796ع ۾، هڪ ٻي فرينچ/فرانسي سڄاڻڪ قطعي ٻيو نظريو ڏنو، جيڪو اڄوڪي ممڪن سچ جي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ سج ڦاٽو هو ۽ ان جا ڪڪر ۽ سنساري (Cosmic) ٻُورو کانئس ڌار ٿي ويا. تَپيَل/تاپيل گئسن جو اهو چُنڌاڙ (چمڪندڙ ذرڙن وارو جھڳٽو، Nebula) جيئن جيئن ڦرندي ڦرندي گھاٽو ٿيندو ويو تيئن تيز ٿيندو ويو، تان جو ان جا وڏا وڏا ڇَلا وِچان-ڌِڪڻي (وچ کان پري ڌِڪيندڙ، Centrifugal) زور وسيلي ڦِٽا ڪيا ويا. اهي ڇلا پري/پرانهون وڃي، سوڙها، ڳُوڙها ۽ گھاٽا ٿي نهرا ٿيا ۽ نيٺ اڪيلي اڪيلي گرهه جي صورت وٺي بيٺا. انهن مان هڪ گرهه ڌرتي آهي، جنهن جو نمبر ٽيون آهي.
ڌرتيءَ جي ڄَم بابت مليل تفصيلن تي سڄاڻڪن کي اڃا به متفق/يڪراءِ ٿيڻو آهي، پر جديد سڄاڻڪ اهو ڀروسو رکن ٿا ته سج پنهنجن گرهن (۽ انهن مان هر هڪ جي اُپگرهن/چَنڊن) سان گڏ ساڳيءَ ئي ويرم/گھڙِيءَ ۾ ٺهيو. اهي سمجھن ٿا ته اڄ اسين جنهن کي سج-سرشتو سڏيون ٿا اهو هڪ کرب کان به ڪجھه وڌيڪ ورهه اڳ، ذرڙن جو هڪ ٿڌو ٻُورو هو، پوءِ ڳوراٺي سگھه واري مَتي سان سهمت ٿيندي، اهي ذرڙا هڪ ٻي جي ويجھو آيا ۽ هڪ ڏاڍيءَ وڏيءَ وچ-وٽ-ٿُلهيءَ ٿالهيءَ جي شڪل ورتائون. جيئن ته اها ڦرندڙ هئي تنهنڪري وچ-ٿُلهي ٿالهي ڪجھه وڌيڪ گھاٽن ڇَلن جي شڪل وٺي وئي. ٿالهيءَ جو اهو ٿلهو وچ سج آهي ۽ ان چوڌاري ڦرندڙ ڇلا گھاٽا ٿيندا، ڳُتبا ۽ نهرا ٿيندا ويا. گئس جا گھاٽا ڳُوڙها اهي ڳنڍا گئس جي ذرڙن ۽ ننڍن ڳوڙهن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ لڳا. گئس ٿڌي ٿي ڪوسِيءَ “پاڻياٺ” جي شڪل ورتي. هوري هوري اڃا وڌيڪ ٿڌو ۽ نهرو ٿيڻ کان پوءِ، وقت جا وهڪرا اڪرندي، اهي گرهه (۽ اپگرهه) ٿي پيا.
هي نظريو (ٻين اسرارن سان گڏ) سمجھائي ٿو ته ڇو سج ۽ ان جا سمورا گرهه ساڳي ڏس ۾ (پنهنجي پنهنجي “سرائي” تي) ڦِرن ۽ (سج چوڌاري) چڪر هڻن ٿا، ۽ اهو پڻ ته ڇو سج-سرشتي جي گرهن جي بيهڪ/حالت/پوزيشن ايڏي سنوَت ۾ ۽ لڳ ڀڳ مناسب ٺهڪندڙ وِٿيرڪي آهي.
۽ اهڙيءَ طرح، ڪي پنجاهه هزار-لک (4-5 ارب) ورهه اڳ، پولار ۾ ڀٽڪندڙ اَرُوپ ۽ نِڪمي سنساري ٻُوري جي مَهان ڪَڪرَ ٿڌو، سوڙهو، گھاٽو ۽ ڳُوڙهو ٿي، اسان جي گرهه ــــــــــ ڌرتيءَ ــــــــــ جي صورت ۾ جنم ورتو. (ڌرتيءَ جي ڄمار 4-ارب، 60-ڪروڙ ورهه چئي وڃي ٿي.)

Friday, March 27, 2020

Coronavirus and The Earth

ڪوروناوائرس جا زمين تي اثر ۽ ڌرتيءَ سک جو ساھ کنيو آھي
ذيشان علي سولنگي

عجيب ڳالھ آھي نه ! جتي پوري انسانيت ڪوروناوائرس جي ڪري پريشان آھي اتي ڌرتي خوش ٿي رھي آھي….
ائين ڇو آھي ؟ ڇا وائرس ڌرتي جو بدلو ٿو وٺي انسانن کان ؟ انسان جن ھن جي گود کي تباھ ڪري، ھن جي جيوت کي نستو نابود ڪري ڇڏيو آھي، ھن جي چھري تان ھن جي خوشحالي کسي ان جي مک تي وڏين بلڊنگين ۽ فيڪٽرين جا ڪل کوڙي ڇڏيا آھن ! اھڙي حالت ۾ وائرس سچ ۾ تہ ڌرتي جو بدلو نٿو وٺي ؟ يان ان جو گارڊ بڻجي حفاظت ڪرڻ آيو آھي؟

جڏھن کان ڌرتي وجود ورتو آھي تڏھن کان ھن جي ھنج ۾ پلجندڙ ھر ھڪ جيوُ ان جي قانون موجب ھلي رھيو آھي. ڪائنات جي ھن قانون موجب ڪو به جيو پنھنجي آبادي حد کان نٿو وڌائي سگھي جنھن سان ٻئي جيو جو وجود ختم ٿي وڃي. اسان کي خبر آھي تہ اسان جي آس پاس ھر شيءِ ھڪ توازن موجب ھلي رھي آھي، ان ۾ ٿورڙو بي ڦير ڦار پوري ڌرتيءَ جي ماحول کي ڦيري رکي ٿو ڇڏي. آخر آبادي وڌڻ سان ٻيو جيوُ ڪيئن ٿو ختم ٿئي !؟
زندگيءَ جو مکيه ڪم کاڌو حاصل ڪرڻ آھي ۽ ھر جيو جي پنھنجي پنھنجي خوراڪ آھي مثلن شينھن ھميشه گوشت خور آھي ۽ ٻڪري گاھ خور ۽ رڇ يان انسان ٻئي آھن، يعني گوشت ۽ گاھ خور ٻئي. ھاڻ اگر ٿورڙو سوچيون ته جيڪڏھن شينھن جي آبادي وڌي وڃي ته ھن جي کاڌي جو مقدار بہ وڌڻ کپي، ۽ ائين ڪرڻ لاءِ ھو ٻڪري جو شڪار ڪندو ۽ ھڪ وقت اھڙو ايندو جو شينھن جي اگر آبادي ڪنٽرول ۾ نه ٿيندي تہ ٻڪري ته ڌرتيءَ تان ئي ميثارجي ويندي ۽ پوءِ شينھن پاڻ به آھستي آھستي ڌرتي تان ختم ٿي ويندو يان جيڪڏهن شينھن سڀ ختم ٿي وڃن ته ٻڪري جي آبادي وڌندي جنھن ڪري ڌرتيءَ تان گاھ ختم ٿي ويندو ۽ ٻڪري به ختم ٿي ويندي شينھن جيان ! يان ڀلا شينھن ۽ ٻڪري ختم ٿي وڃن ته پوءِ ؟ پوءِ ڇا ٿيندو ؟ ڇا ڌرتيءَ تي صرف گاھ بچندو ؟ اگر ھا تہ بلڪل غلط ! ڇوجو جانور ھميشه اھا ھوا استعمال ڪندو آھي جيڪا وڻ خارج ڪندا آھن ۽ وڻ اھو ساھ کڻندا آھن جيڪو جانور خارج ڪندا آھن، ھاڻ اگر جانور ئي نه رھندا ته وڻن جي لاءِ جيڪا گيس کپي ٿي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ اھا ته آھستي آھستي ختم ٿي ويندي مطلب وري وڻ بہ ختم ! چوڻ جو مقصد تہ ھر جيو ھڪ ٻئي جي مٿان ڀاڙي ٿو، ڪنھن بہ ھڪ قسم جي جيو جي آبادي ۾ گھٽتائي يان واڌ پوري ماحول کي تباھي طرف ڌڪي ڇڏي ٿي ۽ ڌرتي ويران ٿي پئي ٿي، جنھن ڪري ڪائنات ان کي برابر رکڻ لاءِ جانورن کي ھڪ ٻئي مٿا ڀاڙي ڇڏيو ٿئين جنھن سان زمين تي ھڪ توازن برقرار رھي ٿو.

زمين تي انسان واحد جانور آھي جنھن تي ڪو ٻيو جانور نٿو ڀاڙي، يعني ھن کي ڪو کائڻ وارو ئي ناھي سواءِ ڪنھن بيماري بڙي کان جنھن مان به ھي گھڻو ڪري بچي نڪري ٿو. انسان جو ڄمڻ ڄڻ قدرت جي قانون جو ختم ٿيڻ طرف اشارو آھي، قدرت انسان جي خلقي اڻ سڌي طرح اعلان ڪري چڪي آھي ته ڌرتيءَ جو انت ان قريب آھي. انسان جي ھڪ طرف وڌندڙ آبادي جتي ھن وقت تائين ڪيترن ئي جيون کي ڌرتي تان ختم ڪري چڪي آھي اتي ھو پاڻ کي به تباھي طرف ڇڪيندو ٿو وڃي. زمين جا اساسا ڪجھ سئو سالن ۾ ختم ٿيڻ جي طرف ڊڪي رھيا آھن ته ٻئي طرف انسان جو ترقي جي نالي تي جھنگلن کي ختم ڪري گھرن ۽ فيڪٽرين جو اضافو ڪيو آھي وري مٿان صفر يان سامان ڍوئڻ لاءِ عجيب و غريب گاڏيون جي ايجاد، آبادي وڌڻ ڪري مٿا کاڌي جي ضرورت ۾ اضافو زمين کي پوري طرح برباد ڪري رھي آھي، جنھن جا اثر اسان کي گلوبل وارمنگ ۾ صاف ملن ٿا، حد کان وڌيڪ گرمي، آلودگي واري حوا، مينھن جو ڪن جڳھن تي گھٽ پوڻ، نه ڳرندڙ پلاسٽڪ جھڙيون ايجادون انسان ڪري ڌرتيءَ تي پاڻ ئي پنھنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آھي!

بجلي جي پيداوار، فيڪٽرين ۽ گاڏين جو خارج ڪيول دونھو ھوا جي آلود گي ۽ گرميءَ جو مکيه سبب آھي. ھوا تہ ھر جيو تي اثر پئي ڪري پر گرمي جي ڪري گليشيئر ڳرڻ شروع ڪيو آھي. گليشيئر زمين تي مٺي پاڻيءَ جو مکيه ذريعو آھن جن جو پاڻي دريائن جي صورت ۾ اسان وٽ پڄي ٿو پر وري فيڪٽرين جو گدلو پاڻي، انسانن جا ذھريلا نيڪ بي وڃي انھي پاڻيءَ ۾ پون ٿا جنھن ڪري فصل پڻ ذھريلا بڻجي پون ٿا، درياھن ۾ رھندڙ جيوت جھڙوڪ مڇي جا ڪجھ خاص قسم پڻ ختم ٿيڻ تي پڄي ويا آھن. درياھ جڏھن لھي ٿو ته مڇيءَ جو ٻيجارو ان پاڻيءَ ۾ رھجي وڃي ٿو ۽ جڏھن ذھريلو پاڻي ان ۾ پئي ٿو ته ان مڇيءَ جو اھو پورو نسل ان ۾ ھڪ ڪثير تعداد ۾ مري ٿو وڃو. ساڳيو ذھريلو پاڻي جڏھن فصلن کي اچي ٿو ته، فصل ان ذھريلي مواد کي پنھنجي پنن ۾ ذخيرو ڪن ٿا ۽ جڏھن جانور انھن کي کائن ٿا ته اھي پڻ بيمار ٿي پون ٿا !

تازو ئي ڪوروناوائرس جڏھن اٽليءَ  ۾ پکڙي تہ اتي سمورن انسانن کي گھرن ۾ بند ٿيڻو پيو جنھن صورت ۾ رستن تي گاڏيون ۽ فيڪٽريون پڻ بند ٿي ويون ۽ ڪجھ عرصي بعد ڪوپرينڪس ماحول جاچيندڙ سروس )CAMS) اھيا رپورٽ شايع ڪئي آھي ته اٽليءَ مٿا جيڪو نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ جو بادل ھو اھو ختم ٿيڻ لڳو آھي! نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ جڏھن ھوا ذريعي ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿي تي اھا اڪثر ماڻھن ۾ ڦڦڙن جي سوزش ۽ اڀ ساھيءَ جو سبب بڻجي ٿي جيڪو ان شھر مٿا ختم ٿيڻ لڳو آھي. ھڪ ٻي رپورٽ ۾ ماحول مان گھڻي تعداد ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پڻ گھٽجندي ٻڌائي وئي آھي جنھن ڪري گرمي جو درجو ڪجھ گھٽ ٿيو آھي.



ڪورونا جو دنيا ڀر جي انسانن کي گھرن ۾ اڻ سڌي طرح قيد ڪرڻ سان ڌرتيءَ جھڙو سک جو ساھ کنيو آھي، ماحول ھڪ ڀيرو ٻيھر صاف ٿيڻ لڳو آھي ۽ جھنگلي جيوت سڪون سان گھمي رھي آھي. گرين ھائوس جا اثر گھٽ ٿي رھيا آھن جنھن سان انسان کي پاڻ کي به فائدو ٿيو آھي. ھاڻ سوال اھيو آھي ته ڇا ھن سال جيڪو ڪوروناوائرس جيڪري دنيا لاڪ ڊائون ڪري گھرن ۾ پابند ٿي آھي ڇا اھا سال ۾ ٽي ڏينھن پنھنجي پيسن ٺاھڻ جي خواھش کي تياڳي بنان وائرس جي گھر ۾ ائين پابند ٿي ماحول ۽ ڌرتيءَ کي جيئڻ لاءِ ٽي ڏينھن ڏيندي ؟ يان وري به ساڳا ٽڪر ساڳ سان ھوندا ؟ سوال سوچڻ جوڳا آھن ڏسون پوين ڪجھ مھينن مان انسان ڇاٿو سکي ؟ ڇا سبق حاصل ٿو ڪري ؟

Friday, January 24, 2020

CRISPR Cas-9

سائنس مڇرن کي ڌرتي تان ختم ڪرڻ لاءِ ڪامياب تجربو ڪري ورتو
CRISPR CAS-9

ذيشان علي سولنگي


مڇر ٿي سگھي ھڪ ننڍڙو جاندار ھجي پر ھي ٻين خطرناڪ جاندارن مان ھڪ آھي جيڪو ٻاھرين سطح کان خوراڪ حاصل ڪندو آھي. مڇر اسان مان صرف خوراڪ حاصل نه ڪندو آ پر ان سان گڏوگڏ ڪجھ خطرناڪ بيمارين جو تحفو پڻ ڇڏيون ويندو آھي.



شروع کان وٺي انسان ھميشه پاڻ کي نقصان ڏيندڙ شين جو خاتمو ڪندو آيو آھي ۽ ائين ئي ھن ننڍڙي جيت کي به پاڙ کان ختم ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو Imperial College London پاران ايجاد ڪيو ويو آھي، جنھن جي استعمال سان ماليڪيولر ليول (Molecular level) تي ھنن مڇرن جي جينيات (Genetic) کي تبديل ڪري ھنن جي مڪمل آبادي کي ختم ڪيو ويو آهي. 

مڇر ھڪ اڏامندڙ جيت آھي جيڪو سائنسي ڪلاسيفڪيشن ۾ آرڊر Diptera ۾ ٿو اچي. 
مڇر جو جسم سنھڙو، ھڪ جوڙو پرن جو، ۽ ٽي جوڙا پيرن جا ٿيندا آھن. مڇر وٽ خوراڪ چوسڻ لاءِ ھڪ خاص ڊگھي نڙي ۽ ھڪ جوڙو اينٽينا جو ٿيندو آھي.
مڇرن جي زندگي پاڻيءَ کان شروع ٿيندو آھي. مادي مڇر ھميشه بيٺل پاڻي ۾ آنا لاهيندي آھي جنھن کان پوءِ آنن مان ڦٽندڙ ڪينئن (Larvae) جي صورت ۾ پيدا ٿيندا آھن، (ڪينئان مڇرن کي شروعاتي شڪل ھوندي آھي) ڪجھ وقت پاڻي ۾ رھڻ کان پوءِ اھي پيوپا ۾ تبديل ٿي ويندا آھن، پيوپا جي صورت ۾ ھو چار کان چوڏھن ڏينھن تائين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي بنا کائڻ پيئڻ جي رھندا آھن ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ھو مڪمل مڇر جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن.
نر مڇر جيتوڻيڪ صرف گلن جي رس پيئندو آھي. پر مادي مڇر جنھن وقت آنا لاھڻ واري ھوندي آھي ته ھو جانورن جو رت پيئندڻ پيئڻ شروع ڪندي آهي.

رت جسم مان نڪرڻ شرط ئي ڄمي ويندو آھي، پر مڇر جي گگ (Saliva) ۾ خاص قسم جو ڪيميڪل ھوندو آھي جيڪو رت کي ڄمڻ کان روڪيندو آھي جنھن ڪري مڇر بنا روڪ ٽوڪ جي رت کي پيئندو آھي پر مڇر جي رت پيئڻ دوران ھن جي گگ به جانور يان انسان جي جسم ۾ داخل ٿيندي آھي جنھن ۾ مختلف بيمارين جھڙوڪ مليريا وغيره جا جيوڙا موجود ھوندا آھن جيڪي مڇر مان جانور ۾ داخل ٿيندا آھن.

امپيرل ڪالج لنڊن Imperial college London جي سائنسدانن ھڪ تحقيق ۾ CRISPR technology استعمال ڪري ليبارٽري ۾ ھڪ مڪمل مڇرن جي آبادي کي ڌرتي تان مڪمل ختم ڪري ڇڏيو. 

ڪرسپر CRISPR جين (Gene) تبديل ڪندڙ سائنسي اوزار آھي جنھن جي مدد سان جينياتي مواد جھڙوڪ DNA جي ڪنھن بہ جين کي ڪٽي يان تبديل ڪري سگھجي ٿو.

جين (Gene) ڊي ان اي DNA جو ھڪ خاص حصو ھوندو آھي جيڪو جسم جي ڪنھن مخصوص حصي يان ڪم جو علم پاڻ وٽ محفوظ رکندو آھي. جسم جو سمورو علم انسان جي جسم ۾ جينن جي صورت ۾ موجود ھوندي آھي. 

تحقيق دانن CRISPR Cas-9 جين  GENE استعمال ڪري Anopheles genus ( مڇرن جو قسم جن ۾ مليريا جا جيوڙا موجود ھوندا آھن) جي پوري آبادي کي ختم ڪري ڇڏيو. انھن مڇرن جي ان جين کي تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو مڇرن ۾ آنا لاھڻ ۽ رت پيئڻ جو ڪارڻ ھو. انھن آھي مڇر ٻين سان ڇڏيا جتي انھن باقي مڇرن سان ميلاپ ڪيو ۽ تبديل ٿيل جين نئي ڄاول مڇرن ۾ منتقل ٿي ويو جنھن ڪري ھاڻ نئي نسل مان آنا لاھڻ ۽ رت پيئڻ واري پريڪريا گھٽجي وئي تان جو ايندڙ ڪجھ نسلن ۾ ڪا به ماده مڇر نه رھي.
ڪنھن بہ نسل کي جاري رکڻ لاءِ نسل وڌائڻ ضروري ھوندو آھي ۽ سائنسدانن مڇرن جي ان ڪڙي تي ئي حملو ڪيو ۽ انھن ان جي ان پرڪريا کي روڪي ڇڏيو جنھن باد ڪجھ ئي نسلن کان پوءِ اھي مڪمل نستو نابود ٿي ويا !



سائنس وٽ ھن وقت ائٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ ھٿيار موجود آھي جتي ھو ڪجھ ئي وقت ۾ به ڪنھن بہ آبادي کي بنا ايزائڻ جي ڌرتي تان مٽائي سگھن ٿا ! ھاڻ سوال اھيو آھي ته ان کان پوءِ ڇا ؟ ڇا واقعي سائنس اھڙو قدم کڻندي ؟

Thursday, January 16, 2020

Intelligence

ذهانت
INTELLIGENCE
پيربخش ڪلهوڙو

هن وقت دنيا جي ترقي جي رفتار کان ت هر ڪوئي واقف آهي. هر روز ڪيتريون ئي تحقيقون ۽ ريسرچس ٿي رهيون آهن. بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ت جتي دنيا ترقي جهڙي خوبصورت دلڪش ۽ وڻندڙ پيچري ڏانهن وڏا وڏا قدم وڏيون وکون کڻي رهي آهي اتي اسين ڪهڙي هنڌ بيٺا آهيون اهو ب اسان کان لڪيل ناهي


اسان وٽ اڃان سوچن جا پراڻا دهل ۽ طبلا پيا آهن جيڪي اسان پيا وڄايون جن جو ڪو فائدو ن پيو ٿئي. خاص ڪري سنڌ جي نوجوان کي ت اسان ڪجھ سمجهو ئي ناهي. چوندا آهن ت جنهن قوم وٽ نوجوانن جهڙي عظيم طاقت موجود آهي اها قوم ڪجھ ب ڪري سگهي ٿي. اسان وٽ نوجوان طبقو موجود آهي پر ان کي اها راه ملي ئي ن ٿي جنهن سان هو سنڌ جي سينڌ سنواري ۽ اسان کي هن پراڻي راڳ مان ڪڍي ڪنهن ترقي جي رستي تي گامزن ڪري.
دنيا ۾ تعليم سان گڏوگڏ انساني فطرت انسان جي ذهانتن انسان جي قابليتن تي تحقيقون ٿين پيون ۽ اسان وٽ ماشا الله اڃان تعليمي نظام ئي سيٽنگ ۾ ناهي آيو جيڪو شاگردن تي باقائدي ڪم ڪري.
هن وقت نيئن تحقيق موجب دنيا ۾ انسانن جا مزاج مختلف ٿين ٿا ان مزاج تحت مختلف انسانن ۾ مختلف ذهانتون موجود هونديون آهن.
هي تحقيق هڪ انگريز هاورڊ گاڊنر ڪئي آهي ت زهانتن جا 9 مختلف قسم ٿين ٿا. ان جو مطلب هر ماڻهون ذهين آهي. هر انسان ۾ ڪجھ زهانتون ڪجھ صلاحيتون موجود هونديون آهن. هر شاگرد ۾ کوڙساريون قابليتون آهن.
هاورڊ گاڊنر جيڪي ذهانتن جا 9 قسم بيان ڪيا آهن اهي هي آهن
1-Naturalist Iintelligence;
هن قسم جي ذهانت ۾ انسان مختلف جاندار شين ۾ فرق ڪرڻ جي قابل هوندو آهي. جيڪي ماڻهون قدرتي شين کي ڏسن ٿا پسن ٿا سمجهن ٿا انهن وٽ الله تعالي جي طرفان هن قسم جي ذهانت موجود هوندي آهي. هو ڪڪرن کي ڏسن ٿا تڏهن ب سوچين ٿا. هو جبلن کي ڏسي ڪجھ سوچڻ لڳندا آهن انهن مان سکندا آهن. مطلب ت هي ماڻهون قدرت جي هر نظاري کي سکڻ واري نظر سان ڏسندا آهن. سائنسي ايجادون ب اهڙي قسم جا ماڻهون ڪندا آهن جن وٽ نيچرلسٽ انٽيليجينس موجود هوندي آهي.

2-Existential Intelligence;
اوهان پنهنجي چوڌاري ڪيترائي اهڙا انسان ڏسندا هوندا ت هو گهرائي وارا سوال ڪرڻ جا عادي هوندا آهن. مثال طور زندگي ڇا آهي ! مرڻ کان پوء انسان ڪيڏانهن ٿو وڃي ! اسان مرون ڇو ٿا ! اسان جو هتي اچڻ ڪيئن ٿيو ! اسان هن دنيا ۾ ڪيئن آياسين. اهڙي قسم جي سوالن سان ڪيترن ئي ماڻهن جي دلچسپي هوندي آهي. انهن ماڻهن جو ذهن existential intelliegence سان ڀرپور هوندو آهي.

3-Interpersonal Intelligence:
هن قسم جي ذهانت معاشري جي استادن اداڪارن سياستدانن ۽ سوشل ورڪرس وغيره ۾ ڏٺي وئي آهي. هي ذهانت انسان کي ٻين جي سوچ کي ٻين انسانن جي مزاج کي سمجهڻ جي قابل بنائي ٿي. هن قسم جي ذهانت وارا ماڻهون ڳالهائڻ جا ماهر هوندا آهن ۽ ٻين تائين پنهنجي ڳالھ آساني سان پهچائڻ جو هنر رکندا آهن. نوجوانن يا ننڍن ٻارن ۾ ب هي ذهانت موجود هوندي آهي جيڪي اڳتي هلي ليڊر يا اڳواڻ ٿي سگهن ٿا. هي ماڻهون ٻين جي چهري کي ڏسي انهن جا موڊ ب معلوم ڪري وٺندا آهن.

4-Linguistic Intelligence;
هر انسان جي سوچڻ جا انداز مختلف ٿين ٿا. ڪجھ ماڻهون لفظن ۾ سوچيندا آهن. هي ذهانت سوچڻ واري زهانت آهي. Linguistic intelligence تقريبن صحافين پبلڪ اسپيڪرس شاعرن ۽ ليکڪن ۾ ملي ٿي. اهڙي قسم جا ماڻهون جن وٽ هي ذهانت موجود آهي اهي لفظن کي ترتيب ڏيڻ ۽ انهن جي معني سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ وڏا قابل هوندا آهن. ننڍڙن ٻارن ۾ ب اهڙي زهانت موجود هوندي آهي ۽ اهي ٻار جن ۾ linguiatic intelligence موجود آهي اهي لکڻ پڙهڻ ڪهاڻيون ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندا آهن. جيڪڏهن اهڙن ٻارن کي رهنمائي سٺي ملي ت اڳتي هلي ليکڪ شاعر دانشور ۽ اديب ٿيندا آهن.

5-Intra-personal Intelligence;
ڪجھ ماڻهون ٻين جي سوچن کي يا feelings کي جلد محسوس ڪري وٺندا آهن ۽ صلاح مشهوري سان ٻين جا مسعلا حل ڪرڻ جي قابل هوندا آهن. فلاسافر روحاني ليڊرس ۽ سائڪولاجسٽ ماحرن ۾ اها ذهانت هوندي آهي.

6-Spatial Intelligence;
کوڙ سارن طريقن سان سوچڻ واري ذهانت کي spatial intelligence چيو ويندو آهي. هي ذهانت ڊرائگ سان دلچسپي رکندڙن, جهاز اڏائيندڙن , بت تراشي يا سنگ تراشي جي ماهرن عمارتون ٺاهيندڙن ۾ ڏٺي وئي آهي. ننڍن ٻارن ۾ اگر ڊرائنگ ڪرڻ جو شوق آهي ت يقينن آنهن جو زهن اهڙي ذهانت سان ڀرپور آهي.

7-Logical Mathematical Intelligence;
هن ذهانت وارا ماڻهون سٺا رياضيدان ۽ سائنسدان ٿيندا آهن. هن ذهانت ۾ تجزيو ڪرڻ اندازو لڳائڻ حساب ڪتاب ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو اندازو پڻ لڳائڻ ت ڪا شي ڪٿان کان شروع ٿي ڪري ڪهڙي هنڌ ويندي جا ماهر هوندا آهن. ڪيترن ئي ماڻهن کي اوهان ڏسندئو ت گاڏين جا نمبر پليٽس دوستن ۽ رشتيدارن جا موبائل نمبرز زباني ياد هوندا آهن ۽ اهي حساب ڪتاب ڪرڻ جا وڏا ماهر ٿيندا آهن. انهن ۾ لاجيڪل ميٿ ميٽيڪل انٽيليجينس واري ذهانت موجود هوندي آهي

8-musical intelligence;
اسان جي اردگرد ڪيترائي ماڻهون سٺو ڳائي سگهندا آهن. ڳائڻ سان گڏوگڏ اهي سٺي ڳائڻي ۽ خراب ڳائڻي يا سٺي آواز يا راڳ ۽ خراب آواز ۾ آساني سان فرق کي محسوس ڪري ويندا آهن. ڪيترائي ماڻهون دوستن مٽن مائٽن جي آواز مان اهو اندازو لڳائي وٺندا آهن ت اڳيون ماڻهون هن وقت ڪهڙي ڪيفيت ۾ آهي ۽ هن وقت هي ڪهڙي سوچ ۾ پريشان آهي يا هن وقت هي ڇا پيو سوچي. هن قسم جي ذهانت وارا ڪلامن کي آساني سان بهترين ڌنون ڏئي ڳائي ب سگهندا آهن ۽ بهترين راڳي ٿيندا آهن ۽ موسيقي ذريعي جزبات کي ماڻهن جي سامهون پيش ڪندا آهن.

9-Bodily kinesthitic intelligence;
هن قسم جي ذهانت واران ماڻهن جا اندازا %100 درست ٿيندا آهن. هي اندازو ڪري وٺندا آهن ت هي جيڪو ڪم اسان ڪيون پيا اهو اڳتي هلي ڪهڙيون حالتون پيش ڪندو.

Saturday, January 11, 2020

The Path To Science

سائنسي پرواز
The path to Science
ليکڪ : مدثر چانگ

اسان جي ذھني ۽ مادي زندگي اڄ جنھن علم سان فيض ياب ٿي رھي آھي اھو ھڪ ڏينھن حاصل نه ڪيو ويو آھي ـ ھي مشڪلاتون معلوم نا معلوم صدين جي مسافت طي ڪري ھر ڳجھي ڳالھ تي جاکوڙ ڪندي اڄ روشني جي مينار بڻجي ويو آھي ـ مگر جڏھن اونداھن جا جھونڪا وڌيڪ ھيا ته مشعل جي روشني قائم رکڻ وارن کي خونِ جگر بہ ٻارڻو پوندو ھوـ


سائنس سائنسدانن جي خون ۽ پسيني سان نه  بلڪ انھن جي زندگي جي جاکوڙ مان حاصل ڪئي آھي اگر سقراط زھر جو پيالو نه پئي ھا برنو زندھ باھ ۾ نه  سڙي ھا ليوزير پنھنجو انقلاب فرانس جي جلادن کي پيش نه  ڪري ھا اگر رسجن بيڪن ۽ گيليلو پنھنجي زندگي جيل جي سلاخن ۾ نه  لٽائن ھا ۽ ايڊسـن پنھنجي تجربن  ۾ بار بار ناڪامي کان پو۽ ڪاميابي نه ماڻي آ ته سائنـس پرواز ڪئين ڪري آـ
سائنس  جي پرواز سائنسدانن   سان ئي وابستا آھي ـ ھر سائـسدان پنھنجي ڪند تي بار کڻي سائنس جو نئون افق ڏنو آھي ـ انھي طرح سان سائنس جو ميدان وسيع ٿي ويو آھي ـ اگر ارسطو جون ڏنل سائنسي بنيادون ۽ نيوٽن جي چار ديواري ۽ پيشرفتن جو فراھم ڪيل چونو ۽ گارو نه  ھجي ھا ته آئنسٽائن جي لا۽ سائنس  جي  عمارت ڍي بلند ڪرڻ ايترو ممڪن نه  ھجي ھاـ
سائنس  جو مختلف شاخن مختلف زمانن ۽ مختلف ملڪن مان انتخاب ڪيو ويو آھي قبل مسع جي يوناني سائنسدانن جي ترجمانـي ارسطو کان بھتر ڪير ٿو ڪري سگھي جنھن کان سائنس  جنم ورتو جنھن پھرين باھ ٻاري ۽ جيڪو 1500 سال خيالن جي دنيا ۾ راڄ ڪندو رھيوـ ھن غلبي جي خلاف پھرين موثر بغاوت ڪري گيليلو سائنس  کي ھڪ نئون موڙ ڏنو ـ نيوٽن جديد فزڪس ۽ ليوزير ڪيمسٽري جو جنمدان ڄاتو وڃي ٿوـ  مسئلا ارتقا ۾ چارلس ڊارون ۽ انساني بيمارين جي دوا تيار ڪرڻ ۾ پاسچر نمايان ئي رھيا آھن ـ ھن دور کي سائنس  جو ٻيو انتخاب مڃيو وڃي ٿوـ
سائنس  صرف ايجادات نه بلڪ خيالـن جي مجموعي جو  به نالو آھي ـ تنھنڪري انجڻ راڪٽ ريڊيو ۽ ائٽم بم وغيره ٺاھڻ وارن جي بجائي ان حيرت انگيز ايجادات جا اصول دريافت ڪرڻ تي ترجيع ڏني ويندي آھي ـ
اڄ سائنس  گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آ ھي ـ جـنھن ۾ ھر ملڪ جي حيثيت ندي نالي جھڙي آھي ـ ھندستان ڪئي ارسطو عرب ڪئي سقراط ۽ پاڪسان ڪيترن  ئي  قديرن کي جنم ڏنو ھوندوـ مصر ۽ چين  جي پرانن تھذيبن جي کھنڊرات ھن زماني جي سائنس  ۾ سائنسدانن جي ڪارنامي جي بھترين تصوير آھن ـ

Human Heart

انساني دل
The human heart
ليکڪ: علي رضا شورو


دل انساني جسم جو اھڙو اندروني عضوو آھي جيڪو  پيدائش جي عمل کان اڳ ڪم  ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ سڄي زندگي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي پنھنجو ڪم جاري رکي ٿو.


دل مشڪن جي ٺھيل ھوندي آھي. دل انساني جسم ۾ رت کي ڌڪڻ ۾ مدد ڏيندي آھي دل ڏانھن رت شريانن (blood vessels or veins) جي ذريعي ايندو آھي ۽ دل کان جسم ڏانھن آٽريز جي رستي ويندو آھي.

انساني دل جي بناوت:
[Structure of The human heart]:

انساني دل ڪارڊڪ مشڪن جو ٺھيل ھوندو آھي ھي انساني جسم جي سيني واري حصي ۾ کاٻي پاسي ڏانھن موجود ھوندي آھي.دل تاندورن جي ٺھيل ٿيلھيء جھڙي بچاء واري پڙدي يا ڍَڪ ۾ رکيل ھوندي آھي جنھن کي پيريڪارڊيئم چئبو آھي . دل چئن خانن تي مشتمل ھوندي آھي جنھن جا مٿيان ٻہ خانا سنھن تھن جا ٺھيل ھوندا آھن جنھن کي آٽريا چئبو آھي ۽ ھيٺيان ٻہ خانا ٿلھن تھن جا ٺھيل ھوندا آھن جنھن کي وينٽريڪل چئبو آھي .مٿيان ٻہ خانا ھڪٻئي کان مخصوص جھليء جي ذريعي ڌار ھوندا آھن ۽ ھيٺيان ٻہ خانا بہ ھڪ ٻئي کان انٽر وينٽريڪيولر جي ذريعي ڌار ھوندا آھن.دل جي ساڄي پاسي واري ھيٺين ۽ مٿين خاني جي وچ ۾ ٽن سوراخن وارو وال  (ٽرائي ڪسپڊ Tricuspid )
موجود ھوندو آھي.۽ اھڙي طرح کاٻي پاسي ڏانھن ٻن سوراخن وارو وال (بائڪسپڊ Bicuspid)
موجود ھوندو آھي.
جڏھن رت ساڄي پاسي واري آٽريئم ۾ ايندو آھي تہ ان کان پوء ٽرائڪسپڊ وال جي ذريعي ساڄي وينٽريڪل ڏانھن منتقل ٿيندو آھي. ۽ رت جي منتقل ٿيڻ کان پوء ٽرائڪسپڊ وال بند ٿي ويندو آھي. اھڙي طرح بائڪسپڊ بہ ساڳي ريت ڪم ڪندو آھي.
بائڪسپڊ ۽ ٽرائڪسپڊ گڏوگڏ کلندا ۽ بند ٿيندا آھن.
۽ ٻنھي والن جي بند ٿيڻ سان لب (Lub) جو آواز پيدا ٿيندو آھي.رت ساڄي وينٽريڪل کان وري پلمونري آرٽري جي ذريعي ڦڦڙن ڏانھن ويندو آھي ۽ ڦڦڙن مان آڪسيجينيٽڊ ٿيڻ کان پوء پلمونري وين جي ذريعي کاٻي آٽريا ۾ داخل ٿيندو آھي.۽ ساڳي طرح سان بائڪسپڊ وال جي ذريعي کاٻي وينٽريڪل ۾ داخل ٿيندو آھي.۽ کاٻي وينٽريڪل کان پوء اروٽا ۾ داخل ٿيندو آھي.
رت جي ٻنھي نلين پلمونري آٽري ۽ اروٽا ۾ سيميليونار والو (Semilunar valve)
موجود ھوندا آھن ۽ ٻئي وال گڏ کلندا ۽ بند ٿيندا آھن
ٻنھي والن جي بند ٿيڻ سان جيڪو آواز پيدا ٿيندو آھي ان کي ڊب (DUB) چئبو آھي. اروٽا مان رت مختلف شريانين جي ذريعي سڄي جسم ڏانھن پکڙجي ويندو آھي.

Acid Rain

تيزابي مينھن
دريا خان

ايسڊ رين تيزابي مينھن اهڙو مينھن آهي جيڪو ڪڪرن ما
ن تہ عام پاڻي جيان ئي وسندو آهي پر ماحول ۾ جڏهن اهو مينھن جو پاڻي پهچندو آهي تہ اسانجي هوا ۾ موجود سڀ تيزابي ۽ ڪيميائي عنصرن سان جوڙجڪ ڪري تيزابي مينهن جي صورت وٺي ڇڏيندو آهي جڏهن اهو تيزابي مينهن جو پاڻي زمين هيٺ پهچندو آهي تہ اهو نہ خالي هر جاندار جيوت لاءِ خطرو بڻبو آهي بلڪ ٻين سڀني شين تي بہ پنھنجو اثر ڇڏي ويندو آهي ان تيزابي مينھن جو اثر ننڍن جاندارن جيتن ۽ ٻوٽن تي گھڻو ٿئي ٿو
تيزابي مينھن ٺهڻ جا ڪارڻ اسانجي ويجھو چوويھ ڪلاڪ گاڏين جو دهون، فيڪٽرين ۽ ملن جي هلڻ سان ماحولياتي آلودگي ڦھلجڻ سبب گرين هائوس گيسون ۽ سڀ اهڙا ڪيميڪل جيڪي هر وقت ماحول کي آلودو ڪري رهيا آهن، اهڙن ڪيميڪلن اسانجي وايو منڊل ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ، سلفر ڊائي آڪسائيڊ ۽ نائٽروجن آڪسائيڊز ڇڏين پيا، ۽ اهوئي اي سڀ گيسون مينھن جي پاڻي سان ميلاپ ڪري سلفيورڪ ايسڊ، نائٽريس ايسڊ ۽ ڪاربونڪ ايسڊ جهڙا خطرناڪ تيزاب پيدا ڪندا آهن جيڪي سڌو سنئون اسانکي واپس تحفي طور ملندا آهن، تيزابي مينھن ۾ وجھڻ سان چمڙي جون بيماريون ۽ ساھ جا عارضا پيدا ٿين ٿا، تيزابي مينھن زمين جو پي ايڇ ليول بدلين ٿيون جنھن ڪارڻ زرخيز زمينون بنجر بڻجي وينديون آهن، تيزابي مينهن وارو پاڻي ڪنھن مڇي واري ننڍي تلاھ ۾ جيڪڏھن وڃي تہ انجي تيزابيت ۽ پي ايڇ بدلجڻ سان مڇيون مري سگھن ٿيون ان کانسواءِ ان تيزابي مينھن جو اثر جاندارن کان سواءِ بي جان شين تي بہ پنھنجو اثر وجھي ٿو.

Source
World of Science Facebook
#Acid #Rain #ScienceJeDunya