Showing posts with label Health. Show all posts
Showing posts with label Health. Show all posts

Wednesday, April 15, 2020

ايبو وائرس

ايبولا وائرس

دريا خان


ايبولا وائرس بيماري کي سڀ کان خطرناڪ وائرل بيمارين مان هڪ مڃيو ويندو آهي، 1976ع ۾ ايبولا جو ان وقت پتو پيو جڏهن آفريڪا جي مختلف حصن ۾ ٻہ ڀيرا هيمرج  بخار ڦهلجڻ جو پتو پيو، انجي شروعات جهموريا ڪانگو ۾ دريا ايبولا جي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ ٿي،  جنھن وجھ سان ان وائرس کي ايبولا جو نالو پيو، ٻي وبا ڏکڻ سوڊان ۾، جيڪو جهموريا ڪانگو کان 16 يا 10 ڪلوميٽر پري آهي 
 شروعات ۾ صحت تي ڪم ڪندڙ کي لڳو تہ ھي وبا هڪ متاثر ماڻهو کان واسطي هڪ ڪيس آهي، جنھن ٻن جڳهن جي وچ سفر ڪيو، پر سائنسدانن پوءِ دريافت ڪيو ته وبا ٻن جينياتي لاڳاپي طرف کان ٻہ الڳ الڳ وائرس جي وجھ سان ٿئي آهي، زائر ايبولا وائرس ۽ سوڊان ايبولا وائرس، ان دريافت کانپوءِ سائنسدانن اهو نتيجو ڪڍيو وائرس ٻن مختلف ڊريعن کان آيو ۽ متاثر علائقن کان ماڻهن ۾ آزادانو ڦهليو 
 وائرل ۽ وبائي مرضن جي انگ اکرن کان پتو لڳو ايبولا وائرس جو ريڪارڊ گھڻي وبا ٿيڻ کان اڳ موجود هو، آبادي ۾ واڌاري، جھنگلي علائقن ۾ ميڙ ۽ جهنگلي زندگي سان گڏ سڌو سنئون واسطو ايبولا وائرس جي ڦهلاو ۾ هٿي وٺرائي 

وائرس ڪٿان کان آيو؟ 
وائرس جي دريافت کانپوءِ سائنسدانن انجي ڊريعي جي ڳولا ۾ هزارين جانورن، ڪيڙن، ٻوٽن جو مطالعو ڪيو، جڏهن ماڻھن ۾ اي وِي ڊي ايبولا وائرس بيماري ڦهلڻ کان اڳ واقعا آيا، تہ گوريلاز، چمپينزي ۽ ٻين پرائميٽس بہ ان انفيڪٽڊ ٿي سگهن ٿا پتو پيو 
ايئن آفريڪي چمڙو فروٽ بٽ ايبولا وائرس جي ڦهلاء جو ذميوار نڪتو 

ايبولا ڦھلجڻ جي تاريخ 
 1976ع ۾ دريافت کانپوءِ ايبولا وائرس جي مرض جا گهڻا معاملا ۽ ڪيس آفريڪا ۾ ڏسڻ ۾ آيا، اتر آفريڪا ۾ 2014ع کان 2016ع ۾ ايبولا جي وبا ڏکڻ اوڀر گيانا جي ڳوٺاڻي علائقي کان شروع ٿئي، جيڪا شهرن ۽ سرحدن پاسي هفتن ۾ پکڙي، ۽ مهينن ۾ عالمي وبا بڻجي ويو، 1976ع وائرس جو ڦهلاو آلودگين سوئن ۽ سرنجن جي استعمال سان بہ ٿيو، جهموريا ڪانگو ۾ پهرين وبا وقت يامبڪو مشن اسپتال ۾ نرسن لڳ ڀڳ هڪ ڏينھن ۾ ٽي کان ڇھ سو مريضن جي لاءِ صرف پنج سرنج استعمال ڪيا، شروعاتي ايبولا ڦهلجڻ وقت متاثر رت، آلودگين سوئين کي ٻيھر استعمال ۽ نرسنگ جي غلط تڪنيڪن کان انسانن ۾ وڃڻ جو گھڻو ذريعو بڻيو 
1989ع م فلپائن کان آمريڪا ۾ ايندڙ تحقيقي ڀولڙن ۾ ريسٽن ايبولا وائرس جو پتو پيو، پوءِ سائنسدانن ان ڳالھ تي پڪ ڪئي تہ وائرس ڀولڙن وسيلي ڦھلجي سگھجي ٿو، فلپائن کان انن ڀولڙن ۾ ريسٽن وائرس جي دريافت کان پتو لڳو تہ ايبولا هاڻي آفريڪي ماحول ۾ ئي محدود نه رهيو هو بلڪ ايشيا ۾ بہ موجود هو 

1994ع ۾ ڪوٽي ڊو ايور ۾ وبا ڦھلجي وڃن تائين، سائنسدانن ۽ صحت عام تي ڪم ڪندڙن کي ان بابت سٺو اندازو ٿي ويو هو تہ، ايبولا وائرس ڪئين ڦهلبو آهي ۽ صحت تي ڪم ڪندڙن منھن جا ماسڪ، هٿ ۽ انکان سواءِ ڊسپوز ايبل اوزار، جهڙوڪ سوئين جو استعمال بہ ظاهر ڪرايو 
مقامي ماڻھن کي ان بيماري جي ڦهلجڻ بابت آگاهي ڏني، اسپتالن ۾ مناسب طريقي سان عملو رکيو ويو، ۽ ضروري سامان اسپتالن ۾ پهچايو، صحت تي ڪم ڪندڙن کي بيماري بابت ٻڌايو ويو مريضن جي معاملي جي سڃاڻپ، ۽ صحت رکڻ جي ترتيب ۾ وڃڻ کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي بہ ترتيب ڏني وئي 
   
اتر آفريڪا ۾ 2014ع کان 2015ع ۾ ايبولا ڦهلجڻ ۾، صحت تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن سيرا ليون، لائبيريا ۽  گيانا ۾ گڏيل ايبولا جون سڀئي تصديق ڪيل ۽ ايندڙ ڪيسن ۾ صرف 3.9 جي نمائندگي ڪئي، ٽرانسميشن جا وڌيڪ واقعا هڪ ئي گهر جي فردن ۾ 78 سيڪڙو جي وچ هئا، اي وي ڊي کان مرڻ وارن جي لاشن سان گڏ سڌو سنئون رابطي سان خطرناڪ، ۽ اثرائتي ٽرانسميشن جي طريقن مان هڪ ثابت ٿيو، انڪري مرڻ کان پوءِ پورڻ جي وقت پري وٿي رکڻ جي هدايت ڪئي وئي 

علامتون 
انڪيوبيشن جي مدت، يعني وائرس جي انفيڪشن کان وٺي ڪري علامتن جي شروعات تائين جو وقفو ٻہ کان ايڪويھ ڏينھن تائين آهي، ايبولا کان متاثر ماڻهو ان وقت تائين ان بيماري کي نٿو ڦهلائي سگھي جڏهن تائين اهوئي علامتون ظاهر نہ ڪن
اي وِي ڊي جي علامتون اوچتو ٿي سگهن ٿيون ۽ ان ۾ شامل آهن بخار، ٿڪاوٽ، عضون ۾ سور، مٿي جو سور، انکان پوءِ الٽي، خارش 
  
خراب گڙدي ۽ جگر جي ڪم نہ ڪرڻ جون علامتون 
 ڪجھ معاملن ۾ ظاهر ٿيون آهن اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي طرح کان رت وهڻ، مثال ڏاٺ مان رت نڪرڻ، يا پاڪخاني ۾ رت، ليبارٽري جي نتيجن ۾ گهٽ اڇن سيلن جو هجڻ شامل آهي 

ويڪسين 
2015ع ۾ گيانا ۾ ٿيڻ واري هڪ وڏي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ايبولا جي خلاف هڪ تجرباتي ويڪسين گھڻي حفاظتي ثابت ٿي، rVSV-ZEBOV نالي ان ويڪسين جو مطالو 11,841 ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪيس ۾ ڪيو ويو، ويڪسين وٺڻ وارن 5,837 ماڻهن ۾، ويڪسينيشن کانپوءِ ڏهن ڏينھن يا انکان بہ وڌيڪ ايبولا جو ڪو واقعو ريڪارڊ نہ ڪيو ويو، انجي مقابلي ۾، ويڪسن نہ وٺندڙ ماڻهن ۾ ڦڙا پيارڻ جي ڏهن يا انکان پوءِ 23 واقعا ٿيا

Monday, April 13, 2020

ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین سيپٽمبر تائين اچي ويندي.

ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین سيپٽمبر تائين اچي ويندي. 
 ”ترجمو: بشير احمد سومرو “

سڄي دنيا ۾ سٺ کان وڌيڪ ھنڌن تي ناول ڪورونا وائرس جي خلاف ویڪسین جي تیاريء تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ سڀني جو چوڻ آهي تہ ھيء ویڪسین گهٽ ۾ گهٽ ھڪ سال يا ڏيڍ سال ۾ تيار ٿي ويندي پر آڪسفورڊ یونیورسٽيء جي ویڪسینالاجيء جي پروفیسر سارہ گلبرٽ دي ٽائيمز آف لنڊن کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو تہ کيس 80 سيڪڙو اعتماد آهي تہ ھيء ویڪسین سيپٽمبر تائين تيار ٿي ويندي ـ



پروفیسر سارہ جو چوڻ آهي تہ ھن وقت جڏهن برطانیا لاڪ ڊائون جي چوٿين ھفتي مان گذري رهي آهي تہ ان جي سخت قدمن کي ھڪ ویڪسین سان ئي نرم ڪري سگهجي ٿو تہ جيئن برطانيا جو عوام عام حالتن ڏانهن موٽي سگهي ۽ مون کي اميد آهي ته 2020 جي آخر تائين ویڪسین اچي ويندي پر ڪو بہ ھي وعدو نہ ٿو ڪري سگهي تہ ھيء ویڪسین ڪم ڪندي يا نہ پر پوء بہ پروفیسر سارہ چيو تہ مون کي پڪ آهي ته اسان ڪامياب وينداسين ۽ اسان ھاڻي انسانن تي ویڪسین جي آزمائش جو عمل 2 ھفتن ۾ شروع ڪري ڇڏينداسين.
 جيڪڏهن برطانوي سائنسدان سيپٽمبر تائين ویڪسین کي تیار ڪري استعمال ڪرڻ ۾ ڪامیاب ٿي بہ وڃن پر پوء بہ ماھرن جي چوڻ مطابق ھن ویڪسین جا لکين ڊوز تيار ڪرڻ لاء ڪيترائي مھينا لڳي ويندا.
 پروفیسر سارہ جي چوڻ مطابق برطانوي حڪومت سان سرمايي لڳائڻ جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ جاري آهي ۽ آخري نتيجن کان پھريان ئي پروڊڪشن بہ شروع ڪري ڏني ويندي جنهن جي ڪري ماڻهن کي ویڪسین حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي پر ساڳي وقت تي آمريڪا ۾ 2 ویڪسینن جي انسانن تي آزمائش شروع ٿي چڪي آهي جڏهن تہ ھڪ ڪمپني موڊرینا ٿراپیوٽڪس تمام گهڻو تيز ڪم ڪندي وائرس جي جینیاتي سیڪوئنس ٺھڻ جي صرف 42 ڏينھن کان پوء يعني 16 مارچ تي ھڪ ویڪسین جي انسانن تي آزمائش شروع ڪري ڇڏي ڏني ھئي. ھن ویڪسین کي واشنگٽن جي ریاست ۾ 45 ماڻهن تي آزمائش جو پروگرام ھلي رهيو آهي جن ماڻهن تي ویڪسین آزمائي ٿي وڃي. انهن جي عمر 18 کان 55 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ اھي سڀ صحتمند آهن. ھن ویڪسین جي ٽرائل جي حوالي سان آمريڪا جي نیشنل انسٽیٽيوٽس آف ھيلٿ انفیڪشنز ڊزیز جو چوڻ آهي تہ ڪلینیڪل ٽرائل جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ ھڪ سال کان 18 مھينن تائين ٿي سگهي ٿو ھن عرصي ۾ ویڪسین جي محفوظ ۽ اثرائتي ھجڻ جي پڪ پڻ ڪري سگهجي ٿي.
166 اپریل تي بل اینڊ ملنڊا گیٽس جي تعاون سان آمريڪي ڪمپني انوویو جي طرفان تیار ڪيل ویڪسین کي پڻ انسانن تي آزمائڻ شروع ڪيو ويو آهي. انوویو ڪمپنيء جي طرفان سڀ کان پھريان جانورن تي ڪامياب ویڪسین آزمائي وئي آهي پر ساڳي وقت تي جانورن تي استعمال ڪرڻ جي لاء پڻ اجازت ورتي وئي ھئي.
 رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تہ انوویو جي طرفان تيار ڪيل ویڪسین کي (انو 4800) ڊي این اي ویڪسین جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا انسان جي مدافعتی نظام کي قوت ڏئي ڪري انساني جسم ۾ اینٽي باڊیز جي پیداوار کي وڌائي ٿي. ڪمپنيء مطابق ھن ویڪسین کي بہ آمريڪا جي 2 مختلف جڳھن تي 40 رضاڪارن تي آزمایو ويندو. شروعات ۾ رضاڪارن کي ھر 4 ھفتن ۾ ڊوز ڏنو ويندو ۽ پوء رضاڪارن جو جائزو وٺي ڪري ویڪسین جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو پر ھتي ھيء ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ویڪسین جو ٽرائل به ڪامیاب ٿو وڃي تہ بہ ھيء ویڪسین عآم ماڻهوء تائين پھچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 کان 18 مھينن جو وقت لڳي ويندو پر ھن کان اڳ ۾ دنيا جي اندر ڪورونا کان بچاء جي لاء ڪا بہ ویڪسین نہ ٿيندي.
 ھن سڄي صورتحال کي ڏسندي اھو محسوس ڪري سگهجي ٿو تہ آڪسفورڊ یونیورسٽيء جي طرفان ايندڙ ویڪسین 5 یا 6 مھينن ۾ عام ماڻهن تائين پھچائڻ ناممڪن ٿو لڳي پر وبا جنھن تيز رفتاريء سان ڦھلجي رهي آهي تنهن تيز رفتاريء سان سائنسدان پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.