ڪوروناوائرس جا زمين تي اثر ۽ ڌرتيءَ سک جو ساھ کنيو آھي
ذيشان علي سولنگي
عجيب ڳالھ آھي نه ! جتي پوري انسانيت ڪوروناوائرس جي ڪري پريشان آھي اتي ڌرتي خوش ٿي رھي آھي….
ائين ڇو آھي ؟ ڇا وائرس ڌرتي جو بدلو ٿو وٺي انسانن کان ؟ انسان جن ھن جي گود کي تباھ ڪري، ھن جي جيوت کي نستو نابود ڪري ڇڏيو آھي، ھن جي چھري تان ھن جي خوشحالي کسي ان جي مک تي وڏين بلڊنگين ۽ فيڪٽرين جا ڪل کوڙي ڇڏيا آھن ! اھڙي حالت ۾ وائرس سچ ۾ تہ ڌرتي جو بدلو نٿو وٺي ؟ يان ان جو گارڊ بڻجي حفاظت ڪرڻ آيو آھي؟
جڏھن کان ڌرتي وجود ورتو آھي تڏھن کان ھن جي ھنج ۾ پلجندڙ ھر ھڪ جيوُ ان جي قانون موجب ھلي رھيو آھي. ڪائنات جي ھن قانون موجب ڪو به جيو پنھنجي آبادي حد کان نٿو وڌائي سگھي جنھن سان ٻئي جيو جو وجود ختم ٿي وڃي. اسان کي خبر آھي تہ اسان جي آس پاس ھر شيءِ ھڪ توازن موجب ھلي رھي آھي، ان ۾ ٿورڙو بي ڦير ڦار پوري ڌرتيءَ جي ماحول کي ڦيري رکي ٿو ڇڏي. آخر آبادي وڌڻ سان ٻيو جيوُ ڪيئن ٿو ختم ٿئي !؟
زندگيءَ جو مکيه ڪم کاڌو حاصل ڪرڻ آھي ۽ ھر جيو جي پنھنجي پنھنجي خوراڪ آھي مثلن شينھن ھميشه گوشت خور آھي ۽ ٻڪري گاھ خور ۽ رڇ يان انسان ٻئي آھن، يعني گوشت ۽ گاھ خور ٻئي. ھاڻ اگر ٿورڙو سوچيون ته جيڪڏھن شينھن جي آبادي وڌي وڃي ته ھن جي کاڌي جو مقدار بہ وڌڻ کپي، ۽ ائين ڪرڻ لاءِ ھو ٻڪري جو شڪار ڪندو ۽ ھڪ وقت اھڙو ايندو جو شينھن جي اگر آبادي ڪنٽرول ۾ نه ٿيندي تہ ٻڪري ته ڌرتيءَ تان ئي ميثارجي ويندي ۽ پوءِ شينھن پاڻ به آھستي آھستي ڌرتي تان ختم ٿي ويندو يان جيڪڏهن شينھن سڀ ختم ٿي وڃن ته ٻڪري جي آبادي وڌندي جنھن ڪري ڌرتيءَ تان گاھ ختم ٿي ويندو ۽ ٻڪري به ختم ٿي ويندي شينھن جيان ! يان ڀلا شينھن ۽ ٻڪري ختم ٿي وڃن ته پوءِ ؟ پوءِ ڇا ٿيندو ؟ ڇا ڌرتيءَ تي صرف گاھ بچندو ؟ اگر ھا تہ بلڪل غلط ! ڇوجو جانور ھميشه اھا ھوا استعمال ڪندو آھي جيڪا وڻ خارج ڪندا آھن ۽ وڻ اھو ساھ کڻندا آھن جيڪو جانور خارج ڪندا آھن، ھاڻ اگر جانور ئي نه رھندا ته وڻن جي لاءِ جيڪا گيس کپي ٿي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ اھا ته آھستي آھستي ختم ٿي ويندي مطلب وري وڻ بہ ختم ! چوڻ جو مقصد تہ ھر جيو ھڪ ٻئي جي مٿان ڀاڙي ٿو، ڪنھن بہ ھڪ قسم جي جيو جي آبادي ۾ گھٽتائي يان واڌ پوري ماحول کي تباھي طرف ڌڪي ڇڏي ٿي ۽ ڌرتي ويران ٿي پئي ٿي، جنھن ڪري ڪائنات ان کي برابر رکڻ لاءِ جانورن کي ھڪ ٻئي مٿا ڀاڙي ڇڏيو ٿئين جنھن سان زمين تي ھڪ توازن برقرار رھي ٿو.
زمين تي انسان واحد جانور آھي جنھن تي ڪو ٻيو جانور نٿو ڀاڙي، يعني ھن کي ڪو کائڻ وارو ئي ناھي سواءِ ڪنھن بيماري بڙي کان جنھن مان به ھي گھڻو ڪري بچي نڪري ٿو. انسان جو ڄمڻ ڄڻ قدرت جي قانون جو ختم ٿيڻ طرف اشارو آھي، قدرت انسان جي خلقي اڻ سڌي طرح اعلان ڪري چڪي آھي ته ڌرتيءَ جو انت ان قريب آھي. انسان جي ھڪ طرف وڌندڙ آبادي جتي ھن وقت تائين ڪيترن ئي جيون کي ڌرتي تان ختم ڪري چڪي آھي اتي ھو پاڻ کي به تباھي طرف ڇڪيندو ٿو وڃي. زمين جا اساسا ڪجھ سئو سالن ۾ ختم ٿيڻ جي طرف ڊڪي رھيا آھن ته ٻئي طرف انسان جو ترقي جي نالي تي جھنگلن کي ختم ڪري گھرن ۽ فيڪٽرين جو اضافو ڪيو آھي وري مٿان صفر يان سامان ڍوئڻ لاءِ عجيب و غريب گاڏيون جي ايجاد، آبادي وڌڻ ڪري مٿا کاڌي جي ضرورت ۾ اضافو زمين کي پوري طرح برباد ڪري رھي آھي، جنھن جا اثر اسان کي گلوبل وارمنگ ۾ صاف ملن ٿا، حد کان وڌيڪ گرمي، آلودگي واري حوا، مينھن جو ڪن جڳھن تي گھٽ پوڻ، نه ڳرندڙ پلاسٽڪ جھڙيون ايجادون انسان ڪري ڌرتيءَ تي پاڻ ئي پنھنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آھي!
بجلي جي پيداوار، فيڪٽرين ۽ گاڏين جو خارج ڪيول دونھو ھوا جي آلود گي ۽ گرميءَ جو مکيه سبب آھي. ھوا تہ ھر جيو تي اثر پئي ڪري پر گرمي جي ڪري گليشيئر ڳرڻ شروع ڪيو آھي. گليشيئر زمين تي مٺي پاڻيءَ جو مکيه ذريعو آھن جن جو پاڻي دريائن جي صورت ۾ اسان وٽ پڄي ٿو پر وري فيڪٽرين جو گدلو پاڻي، انسانن جا ذھريلا نيڪ بي وڃي انھي پاڻيءَ ۾ پون ٿا جنھن ڪري فصل پڻ ذھريلا بڻجي پون ٿا، درياھن ۾ رھندڙ جيوت جھڙوڪ مڇي جا ڪجھ خاص قسم پڻ ختم ٿيڻ تي پڄي ويا آھن. درياھ جڏھن لھي ٿو ته مڇيءَ جو ٻيجارو ان پاڻيءَ ۾ رھجي وڃي ٿو ۽ جڏھن ذھريلو پاڻي ان ۾ پئي ٿو ته ان مڇيءَ جو اھو پورو نسل ان ۾ ھڪ ڪثير تعداد ۾ مري ٿو وڃو. ساڳيو ذھريلو پاڻي جڏھن فصلن کي اچي ٿو ته، فصل ان ذھريلي مواد کي پنھنجي پنن ۾ ذخيرو ڪن ٿا ۽ جڏھن جانور انھن کي کائن ٿا ته اھي پڻ بيمار ٿي پون ٿا !
تازو ئي ڪوروناوائرس جڏھن اٽليءَ ۾ پکڙي تہ اتي سمورن انسانن کي گھرن ۾ بند ٿيڻو پيو جنھن صورت ۾ رستن تي گاڏيون ۽ فيڪٽريون پڻ بند ٿي ويون ۽ ڪجھ عرصي بعد ڪوپرينڪس ماحول جاچيندڙ سروس )CAMS) اھيا رپورٽ شايع ڪئي آھي ته اٽليءَ مٿا جيڪو نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ جو بادل ھو اھو ختم ٿيڻ لڳو آھي! نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ جڏھن ھوا ذريعي ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿي تي اھا اڪثر ماڻھن ۾ ڦڦڙن جي سوزش ۽ اڀ ساھيءَ جو سبب بڻجي ٿي جيڪو ان شھر مٿا ختم ٿيڻ لڳو آھي. ھڪ ٻي رپورٽ ۾ ماحول مان گھڻي تعداد ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پڻ گھٽجندي ٻڌائي وئي آھي جنھن ڪري گرمي جو درجو ڪجھ گھٽ ٿيو آھي.
ڪورونا جو دنيا ڀر جي انسانن کي گھرن ۾ اڻ سڌي طرح قيد ڪرڻ سان ڌرتيءَ جھڙو سک جو ساھ کنيو آھي، ماحول ھڪ ڀيرو ٻيھر صاف ٿيڻ لڳو آھي ۽ جھنگلي جيوت سڪون سان گھمي رھي آھي. گرين ھائوس جا اثر گھٽ ٿي رھيا آھن جنھن سان انسان کي پاڻ کي به فائدو ٿيو آھي. ھاڻ سوال اھيو آھي ته ڇا ھن سال جيڪو ڪوروناوائرس جيڪري دنيا لاڪ ڊائون ڪري گھرن ۾ پابند ٿي آھي ڇا اھا سال ۾ ٽي ڏينھن پنھنجي پيسن ٺاھڻ جي خواھش کي تياڳي بنان وائرس جي گھر ۾ ائين پابند ٿي ماحول ۽ ڌرتيءَ کي جيئڻ لاءِ ٽي ڏينھن ڏيندي ؟ يان وري به ساڳا ٽڪر ساڳ سان ھوندا ؟ سوال سوچڻ جوڳا آھن ڏسون پوين ڪجھ مھينن مان انسان ڇاٿو سکي ؟ ڇا سبق حاصل ٿو ڪري ؟

بهترين
ReplyDeleteسائين بهترين
ReplyDelete👌👍💗
ReplyDeleteتمام سٺو لکيو آهي ،اميد تي سنڌي ماڻھو پڙھن ۶ شيئر ڪن .
ReplyDeleteتمام بھترين ڄاڻ
ReplyDeleteسر تمام بھترين ڄاڻ
Deleteبھترين ڄاڻ تي مشتمل مضمون
ReplyDeleteبھترين
ReplyDeleteAmazing 👍
ReplyDeleteبھترين
ReplyDeletezabrdast malomatii tahreer ada
ReplyDeleteKeep up the good work bhaa
ReplyDeleteتمام بھترين عمل يار ، اسين سنڌي رڳو وھ واھ ۾ پورا آھيون انھن لاءِ جيڪي غير عملي ڪم ڪن پيا پر بھترين عمل ڪرڻ وارن تان نظر ئي ھٽائي ڇڏيو انڪري تہ جو اسين غلام قوم آھيون 😭😭
ReplyDeleteGreat
ReplyDeletezabardast
ReplyDelete