سائنس مڇرن کي ڌرتي تان ختم ڪرڻ لاءِ ڪامياب تجربو ڪري ورتو
CRISPR CAS-9
ذيشان علي سولنگي
مڇر ٿي سگھي ھڪ ننڍڙو جاندار ھجي پر ھي ٻين خطرناڪ جاندارن مان ھڪ آھي جيڪو ٻاھرين سطح کان خوراڪ حاصل ڪندو آھي. مڇر اسان مان صرف خوراڪ حاصل نه ڪندو آ پر ان سان گڏوگڏ ڪجھ خطرناڪ بيمارين جو تحفو پڻ ڇڏيون ويندو آھي.
شروع کان وٺي انسان ھميشه پاڻ کي نقصان ڏيندڙ شين جو خاتمو ڪندو آيو آھي ۽ ائين ئي ھن ننڍڙي جيت کي به پاڙ کان ختم ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو Imperial College London پاران ايجاد ڪيو ويو آھي، جنھن جي استعمال سان ماليڪيولر ليول (Molecular level) تي ھنن مڇرن جي جينيات (Genetic) کي تبديل ڪري ھنن جي مڪمل آبادي کي ختم ڪيو ويو آهي.
مڇر ھڪ اڏامندڙ جيت آھي جيڪو سائنسي ڪلاسيفڪيشن ۾ آرڊر Diptera ۾ ٿو اچي.
مڇر جو جسم سنھڙو، ھڪ جوڙو پرن جو، ۽ ٽي جوڙا پيرن جا ٿيندا آھن. مڇر وٽ خوراڪ چوسڻ لاءِ ھڪ خاص ڊگھي نڙي ۽ ھڪ جوڙو اينٽينا جو ٿيندو آھي.
مڇرن جي زندگي پاڻيءَ کان شروع ٿيندو آھي. مادي مڇر ھميشه بيٺل پاڻي ۾ آنا لاهيندي آھي جنھن کان پوءِ آنن مان ڦٽندڙ ڪينئن (Larvae) جي صورت ۾ پيدا ٿيندا آھن، (ڪينئان مڇرن کي شروعاتي شڪل ھوندي آھي) ڪجھ وقت پاڻي ۾ رھڻ کان پوءِ اھي پيوپا ۾ تبديل ٿي ويندا آھن، پيوپا جي صورت ۾ ھو چار کان چوڏھن ڏينھن تائين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي بنا کائڻ پيئڻ جي رھندا آھن ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ھو مڪمل مڇر جي صورت ۾ ظاھر ٿيندا آھن.
نر مڇر جيتوڻيڪ صرف گلن جي رس پيئندو آھي. پر مادي مڇر جنھن وقت آنا لاھڻ واري ھوندي آھي ته ھو جانورن جو رت پيئندڻ پيئڻ شروع ڪندي آهي.
رت جسم مان نڪرڻ شرط ئي ڄمي ويندو آھي، پر مڇر جي گگ (Saliva) ۾ خاص قسم جو ڪيميڪل ھوندو آھي جيڪو رت کي ڄمڻ کان روڪيندو آھي جنھن ڪري مڇر بنا روڪ ٽوڪ جي رت کي پيئندو آھي پر مڇر جي رت پيئڻ دوران ھن جي گگ به جانور يان انسان جي جسم ۾ داخل ٿيندي آھي جنھن ۾ مختلف بيمارين جھڙوڪ مليريا وغيره جا جيوڙا موجود ھوندا آھن جيڪي مڇر مان جانور ۾ داخل ٿيندا آھن.
امپيرل ڪالج لنڊن Imperial college London جي سائنسدانن ھڪ تحقيق ۾ CRISPR technology استعمال ڪري ليبارٽري ۾ ھڪ مڪمل مڇرن جي آبادي کي ڌرتي تان مڪمل ختم ڪري ڇڏيو.
ڪرسپر CRISPR جين (Gene) تبديل ڪندڙ سائنسي اوزار آھي جنھن جي مدد سان جينياتي مواد جھڙوڪ DNA جي ڪنھن بہ جين کي ڪٽي يان تبديل ڪري سگھجي ٿو.
جين (Gene) ڊي ان اي DNA جو ھڪ خاص حصو ھوندو آھي جيڪو جسم جي ڪنھن مخصوص حصي يان ڪم جو علم پاڻ وٽ محفوظ رکندو آھي. جسم جو سمورو علم انسان جي جسم ۾ جينن جي صورت ۾ موجود ھوندي آھي.
تحقيق دانن CRISPR Cas-9 جين GENE استعمال ڪري Anopheles genus ( مڇرن جو قسم جن ۾ مليريا جا جيوڙا موجود ھوندا آھن) جي پوري آبادي کي ختم ڪري ڇڏيو. انھن مڇرن جي ان جين کي تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو مڇرن ۾ آنا لاھڻ ۽ رت پيئڻ جو ڪارڻ ھو. انھن آھي مڇر ٻين سان ڇڏيا جتي انھن باقي مڇرن سان ميلاپ ڪيو ۽ تبديل ٿيل جين نئي ڄاول مڇرن ۾ منتقل ٿي ويو جنھن ڪري ھاڻ نئي نسل مان آنا لاھڻ ۽ رت پيئڻ واري پريڪريا گھٽجي وئي تان جو ايندڙ ڪجھ نسلن ۾ ڪا به ماده مڇر نه رھي.
ڪنھن بہ نسل کي جاري رکڻ لاءِ نسل وڌائڻ ضروري ھوندو آھي ۽ سائنسدانن مڇرن جي ان ڪڙي تي ئي حملو ڪيو ۽ انھن ان جي ان پرڪريا کي روڪي ڇڏيو جنھن باد ڪجھ ئي نسلن کان پوءِ اھي مڪمل نستو نابود ٿي ويا !
سائنس وٽ ھن وقت ائٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ ھٿيار موجود آھي جتي ھو ڪجھ ئي وقت ۾ به ڪنھن بہ آبادي کي بنا ايزائڻ جي ڌرتي تان مٽائي سگھن ٿا ! ھاڻ سوال اھيو آھي ته ان کان پوءِ ڇا ؟ ڇا واقعي سائنس اھڙو قدم کڻندي ؟


Ur right
ReplyDelete