Thursday, July 1, 2021

آخر مريخ ئي ڇو ؟

 

 آخر مريخ ئي ڇو ؟

ذيشان علي سولنگي

اڄ ڪلهه مريخ سڀني لاءِ، ٻيو نه ته سائنس ۽ ناسا سان دلچسپي رکندڙن لاءِ دلچسپ موضوع آهي. اوهان به ڪٿي نه ڪٿي ته مارس بابت ڪجهه اهڙا حوال ذرور پڙهيا هوندا جن کان پوءِ اوهان به ان بابت سوچڻ شروع ڪيو هوندو ته ڇا سچ ۾ انسان مارس تي گهر اڏيندو؟ ڇا اهيو ممڪن به آهي ته هو ڌرتي کي ڇڏي مريخ تي هميشه لاءِ رهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ؟ ڀلا آخر انسان مريخ کي ئي ڇو پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو ...؟ ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا سوال ضرور اوهان جي ذهن ۾ اڀريا هوندا.

مريخ، منگل گره يا مارس، سج کان چوٿون نمبر گره آهي جيڪو انگلش ۾ ڳاڙهي گره Red Planet طور به مشهور آهي. ڳاڙهو رنگ مريخ تي موجود Iron Oxide  يا سوليءَ سنڌيءَ ۾ زنگ جي ڪري آهي. اسان جي شمسي نظام ۾ مارس، عطارد Mercury کان ٻيو نمبر نڍو گره آهي. ڇو جو مريخ سج کان ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پري آهي ان لاءِ اهو ڌرتيءَ کان وڌيڪ ٿڌو به آهي؛ خط استوا تي لڳ ڀڳ ٽيمپريچر 20 سينٽيگريٽ تي پهچي ٿو وڃي جڏهن ته مريخ جي قطبن Poles تي گرميپد ڪاٽو 140 سينٽيگريٽ تي پهچي ٿو.

مريخ صرف سائز ۾ ئي ڌرتيءَ کان گهٽ نه آهي پر ان تي موجود ڪشش سڪل Gravity به پڻ ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿوري آهي. اگر ڀيٽ ڪئي وڃي ته مريخ جي ڪشش سڪل ڌرتيءَ جي مقابلي ٽيون حصو آهي. مريخ وٽ فوبوس ۽ ڊيموس نالي ٻه چنڊ پڻ آهن. ڌرتيءَ تي جتي ڏينهن 24 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو اتي ئي مريخ جو ڏينهن 24  ڪلاڪ ۽ 37 منٽن تي مشتمل آهي، جيڪو ڪافي حد تائين ساڳيو ئي آهي پر مريخ جو سال زمين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي. يعني مريخ تي سال  ڌرتيءَ جي 687 ڏينهن برابر آهي.

سج جي روشني ڌرتيءَ تي 8 منٽن ۾ پهچندي آهي. اتي ئي مريخ تي روشنيءَ کي 13 منٽ لڳي ويندا آهن.

ڌرتيءَ تان ڪو به انسان اڄ تائين مريخ تي ته نه ويو آهي پر سائنسدانن ان جي تحقيق لاءِ ڪيترائي اسپيسڪرافٽ Spacecraft ضرور موڪليا آهن.

ڌرتيءَ جي ويجهو هئڻ ڪري لڳ ڀڳ 4000 سالن کان ڪيترن ئي قومن مريخ تي تحقيق ڪئي آهي جنهن ڪري ان جي ايجاد جو ڪنهن هڪ کي سهرو نٿو ٻڌي سگهجي بهرحال سن 1610 ۾ اٽليءَ جي ماهري فلڪيات، گيليلو گيلي پهريون ڀيرو مريخ کي دوربين جي مدد سان ڏٺوهو.ائين ڏسندي ئي ڏسندي هڪ صديءَ اندر مارس بابت ڪيتري ئي معلومات ڪٺي ٿي وئي؛ جنهن مان شروع ۾ ڪجهه غلط ۽ ڪجهه صحيح پئي ثابت ٿي. وقت گذرندو رهيو، سائنس ۽ ٽيڪنالي ترقي ڪندي رهي ۽ ائين 1976 ۾ وائڪنگ لينڊرس نالي پهريون اسپيسڪرافٽ مريخ جي سطح تي پنهنجا پير کوڙيا.

ڌرتيءَ تي چار موسمون، اونهارو، سيارو، سرءُ ۽ بهار ٿينديون آهن. انهن جي پويان جي سائنس ڏسبي ته زمين تي موسمون ڌرتيءَ جي محور Axisجي ڪري ٿين ٿيون. ڌرتيءَ جو محور Axis 23 ڊگري سج طرف مڙيل آهي.

مارس جو به محور ائين ئي، ڌرتيءَ کان ٿورو وڌيڪ، 25.19 ڊگري مڙيل آهي. جنهن ڪري اهيو چئي سگهجي ٿو ته مارس تي به موسمون ٿينديون آهن.

زمين تي زندگيءَ جي هئڻ جو هڪ اهم ڪارڻ هي به آهي ته زمين وٽ اوزون سطح آهي جيڪا سج جي الٽرا وائلٽ ڪرڻن کان زمين جي ماحول کي محفوظ رکي ٿي. پر اوزون سطح سان گڏ زمين جي ميگنيٽڪ فيلڊ به هڪ اهم خاصيت آهي جيڪا ان جي ڳڀ Core مان پيدا ٿئي ٿي. اهيا مقناطيسي فيلڊ شمسي هوائن کي اوزون تائين پهچڻ کان روڪيندي آهي. شمسي هوائون سج ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي نتيجي ۾ پيدا ٿينديون آهن جيڪي حياتيءَ لاءِ تمام خطرناڪ آهن. اگر ڌرتي پنهنجو مقناطيسي مدار وڃائي وهي ته ڏسندي ئي ڏسندي زمين مريخ جو ڏيخ ڏيڻ لڳندي. سمورو پاڻي؛ درياه، سمنڊ، تلاءَ سڀ ٻاف بڻجي ويندا ۽ سموري حياتي ختم ٿي ويندي.

اهيو سمجهيو وڃي ٿو ته اڄ کان 4 بلين سال اڳ، يعني جڏهن سيارا وجود ۾ آيا ته مريخ پنهنجو ميگنيٽواسفيئر  Magnetosphere وڃائي ڇڏيو جنهن ڪري ان جو وايومنڊل Atmosphere شمسي هوائن ختم ڪري ڇڏيو.

اڄ مريخ وٽ جيڪا مقناطيسي فيلڊ آهي اها ايتري بهتر نه آهي جو ان جي وايومنڊل کي محفوظ رکي سگهي. مريخ ڇا پر اسان جي شمسي نظام ۾ ٻيا به ڪجهه گره آهن جن وٽ اهيا پروٽيڪشن موجود آهي. فرق صرف اهيو آهي ته زمين جي مقناطيسي فيلڊ ان جي اندران پيدا ٿئي ٿي جڏهن ته مريخ جو مرڪز سخط آهي ۽ ان ڪري ان وٽ پنهنجي ڪا مقناطيسي فيلڊ نه آهي. مريخ جي معملي ۾شمسي هوائون ئي انهي جو مقناطيسي مدار جوڙين ٿيون پر الٽراوائلٽ ڪرڻن کان بچڻ لاءِ مريخ وٽ ڪائي اوزون سطح نه آهي ۽ سج جا سمورا ڪرڻا سدا سنوا اچي مريخ تي پون ٿا.

مريخ جو وايو منڊل ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان ڀريل آهي. مريخ جو وايو منڊل ۾ 100 سيڪڙو مان 96 سيڪڙو فقط ڪاربان ڊاءِ آڪسائڊ آهي. نائٽوجن 1.9% ، آرگان 1.9%، ۽ 0.13 سيڪڙو رڳو آڪسيجن آهي. جڏهن ته ڌرتيءَ تي 21 سيڪڙو آڪسيجن، 78 سيڪڙو نائٽوجن ۽ باڪي ٻيون گيسون جهڙوڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، آرگان، هيليم، هائڊروجن، اوزون وغيره موجود آهن.

برف جي موجودگي مارس تي ته گهڻو وقت اڳئي ئي پئجي وئي هئي پر اها ڪيتري آهي اهيا خبر2000ع جي شروعات ۾ پئي. ان کان پوءِ 2004 ۾ مارس ايڪسپريس سيٽلائٽ ۾ لڳل هڪ ريڊار ڏکڻ قطب تي صاف برف جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻڌايو ته اها لڳ ڀڳ 3.7 ڪلوميٽر اونهي پڻ آهي. ازانسواءِ، اتر قطب تي به 1.5 کان 2 ڪلوميٽر اونهي برف موجود آهي ۽ ٻنهي کي ملائي ڪري اندازي مطابق اهيا برف گرينلينڊ جي برف جي سطح برابر آهي.

ٻنهي قطبن تي برف جا تهه ڪيترن ئي ليئرس تي مشتمل آهن. اهي تهه مريخ جي بدليل آبهوا بابت ڄاڻ جو سروڌ ٿي سگهن ٿا. جيئن زمين جي برف جي شيٽن زمين جي بدليل آبهوا بابت ڄاڻ محفوظ رکي آهي.

سج کان پوري ساري دوري، قطبن تي برف جي موجودگي، ميگنيٽڪ فيلڊ، ڌرتيءَ وانگي مريخ تي موسمن جو هئڻ ،ڏينهن رات جو ساڳيو ڦيرو وغيره ڌرتيءَ جهڙو ڏيکاءُ ڏين ٿا. پر انهي سڀ باوجود به انسان مريخ تي رهڻ لائق نه آهي.

سائنسدانن مطابق مريخ تي انسانن کي موڪلڻ لاءِ سڀ کان پهريون اتي مصنوعي روبوٽ موڪليا ويندا، جيئن اهي اتي انسانن جي لاءِ خاص قسم جا ڪيمپ جوڙي سگهن. انهي جي شروعاتي 2018 کان ٿي چڪي آهي.2024 ۾ ڪيمپن لاءِ سامان موڪليو ويندو ۽ 2025 ۾ چار ايسٽراناٽ Astronauts مريخ لاءِ روانا ٿيندا.

جڏهن به ڌرتيءَ کان پوءِ ٻئي گهر جي ڳالهه ٿي آهي، سڀني جو پهريون خيال مريخ رهيو آهي. جتي انسانن لاءِ مريخ سهولتون به پيش ڪري ٿو اتي ئي انهي جي ڳاڙهي مٽيءَ جا مهينن تائين هلندڙ طوفان، گهٽ پريشر وارو وايومنڊل ۽ خطرناڪ الٽراوائلٽ ڪرڻا ڇا انسانن کي مريخ تي آجيان ڪندا ؟ يا ڪڏهن انسان مڪمل طور مريخ جو رهاڪو ٿي ويندو ؟ خير سوال ته اڃان به آهن... ڏسون، علم، سائنس ۽ انسان ڪاٿي ٿا دم ٽوڙن....

2 comments:

  1. تمام زبردست ڄاڻ مريخ بابت، ان کان پھريان مان ڪڏھن ڪونه پڙھي. تمام سھڻو ۽ سولو ڪري ھڪ جامع ڄاڻ مھيا ڪئي آھي ذيشان. جس لھڻو.

    ReplyDelete
    Replies
    1. اوهان جي ڪمنٽ بيشڪ منهنجي لاءِ همٿ جو بائث آهي. اوهان جا لک لائق جو اوهان هن آرٽيڪل کي پڙيهو 🙏❤

      Delete